ايڊيٽوريل

سنڌ صوبي ۾ بدامني ڪٿي دنگ ڪندي

پنوعاقل ۾ ٿيل بدامني ۽ ڌاڙي جي واقعي جو پڙاڏو سڄي سنڌ ۾ ٻڌجي رهيو آهي. سڄي سنڌ انهيءَ واقعي تي غمگين آهي. صوبي ۾ ڌاڙيل ڪلچر ۽ اغوا جي صنعت ڪا نئين ڳالهه ڪونهي. سماج ۾ بيوس ماڻهو ڪيڏانهن وڃي، جڏهن صوبي جو وزيراعليٰ انهيءَ واقعي جو نوٽيس وٺندي چوي: پوليس ڪٿي هئي. هن صوبي جي آءِ جي پوليس کي واقعي جي جاچ جو حڪم ڏنو آهي. ڇا صرف جاچ جو حڪم ڏيڻ ۽ رپورٽ طلب ڪرڻ ايڏي وڏي مسئلي جو حل آهي؟ جواب آهي نه.
سنڌي ميڊيا اها اليڪٽرانڪ هجي يا پرنٽ ميڊيا انهيءَ مسئلي کي هر ڏينهن کڻي رهي آهي. قومي ميڊيا جو سنڌ جي مسئلن ڏانهن جيڪو رويو ماضيءَ ۾ هوندو هو اهو ئي نظر اچي رهيو آهي، ان جي ڪري ايڏي وڏي بدامني کي نظر انداز ڪري رهي آهي. جنهن واقعي جو اسين ذڪر ڪري رهيا آهيون، انهيءَ ۾ ڌاڙيلن گهر ۾ گهڙي ڦرلٽ ڪئي ۽ ويندي ويندي هڪ معصوم ٻارڙي کي اغوا ڪري کڻي ويا. انهيءَ سڄي واقعي ٿيڻ ۾ گهٽ ۾ گهٽ هڪ ڪلاڪ جو وقت ضرور لڳو هوندو، پر پوليس ٿاڻو جنهن کي اطلاع پڻ ڪيو ويو جيڪو صرف پنجن منٽن جي مفاصلي تي هو اتي پوليس خاموش ويٺي رهي ۽ جڏهن ٻارڙو اغوا ٿي ويو ته پوءِ سنڌي جي چوڻي وانگر ته نانگ نڪري ويو ليڪا ڪُٽڻ جي لاءِ اسان جي مستند پوليس پهچي وئي. جڏهن پوليس جا جوان آفيسرن جي گهرن تي چوڪيداري ڪندا هجن مشيرن ۽ وزيرن جي اڳيان ڊوڙندا هجن ته پوءِ اهي ڌاڙيلن سان مهاڏو ڪيئن اٽڪائي سگهندا اهڙي قسم جا منظر اسان کي پنهنجي پوري سنڌ ۾ نظر اچي رهيا آهن. پوليس کاتو يا ته اسان کي ناڪاره نظر اچي ٿو يا بيوس بڻيل آهي، جيڪو صرف شريف ماڻهن کي ڊيڄاري ٿو ۽ بدمعاشن جو ساٿاري بڻيل آهي. جڏهن سي ايم سنڌ به بي خبر هجي ته پوليس ڇو نه پهتي ته پوءِ ڪير خبردار هوندو، اهڙي قسم جا جملا صرف ميڊيا جي لاءِ هوندا آهن، ماڻهن جي مسئلن جي حل جي لاءِ نه هوندا آهن. جڏهن پوليس وٽ اربين رپين جا جديد هٿيار موجود هجن، بُلٽ پروف جيڪٽون موجود هجن، بڪتربند گاڏيون موجود هجن ۽ پوليس جوانن جو تعداد لکن ۾ هجي ۽ ٻئي پاسي آڱرين تي ڳڻڻ جيترا چند ڌاڙيل انهن کان ڏاڍا هجن ته پوءِ انهيءَ کاتي جي ڪابه ضرورت نه آهي، سنڌ جي غريب عوام جو ٽيڪس هر سال انهيءَ کاتي جي مٿان خرچ ٿي رهيو آهي، جيڪو هڪ اندازي جي مطابق 300 ارب ساليانو آهي ۽ پوءِ به عام ماڻهو کي امن امان نه ملي ته اها بدقسمتي ۽ بيوسي آهي.
پوليس هڪ نئون رواج وڌو آهي ته جيڪڏهن ميڊيا جو ۽ عام ماڻهو جو گهڻو دٻاءُ پوي ٿو ته پوءِ اهڙن واقعن ۾ اغوا ٿيل ٻارڙن کي پوليس پاڻ ڀُنگ ڀري ڌاڙيلن جي چنبي مان آزاد ڪرائي ٿي، اهڙو مثال گذريل هفتي اسان کي ڪشمور جي پاسي نظر آيو جڏهن هڪ ٻارڙو اياز پٺاڻ اغوا ٿيو هو ۽ پوءِ ٽن چئن ڏينهن اندر اهو بازياب ٿيو هو، پوليس کيس مقابلي ۾ بازياب ڪرائڻ جي دعويٰ ڪئي هئي، پر ڪهڙي قسم جو مقابلو هو جنهن ۾ نه ڪو ڌاڙيل زخمي ٿيو، نه ڪو ڌاڙيل پڪڙيو، نه ئي ڪنهن پوليس واري جي وردي کي مٽي لڳي ۽ ٻارڙو به هشاس بشاش ايس ايس پي جي هنج تي هو ۽ ماڻهو نعرا هڻي رهيا هئا ته سنڌ پوليس زنده باد، پر ٻڌايو ٿو وڃي ته ٿيو ائين هو ته سنڌ پوليس ڀُنگ ڀري ٽياڪڙي ڪندڙ ڪنهن طاقتور ماڻهو جي ذريعي انهيءَ ٻارڙي کي بازياب ڪرايو هو ۽ هن وقت به ايئن ئي ٿيندو، جيڪڏهن ميڊيا جو ۽ عوام جو گهڻو دٻاءُ ٿيو ته پوءِ پوليس پاڻ ڀُنگ ڀريندي ۽ اهي پئسا ڪيئن رڪور ڪندي اهو توهان ۽ اسان چڱيءَ طرح ڄاڻون ٿا، ان سان اها اغوا واري انڊسٽري بند نه ٿيندي. سنڌ ۾ ٻارڙن جو اغوا ٿيڻ معمول بڻجي چڪو آهي، پريا ڪماري کان وٺي هن ٻارڙي تائين اغوا جاري آهي، پوءِ ڪي ٻار بازياب ٿين ٿا يا وري پريا ڪماري وانگر ڪوٽن اندر قابو هجڻ جي ڪري واپسي جو رستو وڃائي ويهن ٿا، اها آهي سنڌ جي حالت جنهن کان اسان جو وزيراعليٰ صاحب بي خبر آهي.