ايڊيٽوريل

تبديل ٿيندڙ حالتن ۾ غير محفوظ مرد عورت لاءِ خطرو

هن وقت پاڪستان تيزيءَ سان تبديل ٿي رهيو آهي. پاڪستان جي سماجي جوڙجڪ ۾ عورت جو ڪردار نمايان ٿيندي نظر اچي رهيو آهي. ويهه سال اڳ جيڪا عورت گهر ۾ ٿوري تعليم وٺڻ کانپوءِ صرف گهر جي ذميدارين ۾ مصروف هئي، هن وقت عورت تيزيءَ سان مختلف معاشي سرگرمين ۾ حصو وٺندي نظر اچي رهي آهي. مختلف ڪاليجن ۽ يونيورسٽين ۾ فيميل شاگردن جو انگ تيزيءَ سان وڌي رهيو آهي. اهوئي سبب آهي جو لياقت ميڊيڪل ڪاليج يونيورسٽي ۾ اوپن ميرٽ تي داخلائون ٿيڻ کانپوءِ ڇوڪرين جو تعداد تمام گهڻو وڌي ويو ۽ سنڌ حڪومت کي ڇوڪرن جي لاءِ هڪ ڌار ڪاليج بلاول ميڊيڪل ڪاليج جي نالي سان شروع ڪرڻو پيو.

ان کان علاوه هن وقت ڇوڪريون آءِ. ٽي جي دنيا کان وٺي فورسز ۾، پوليس ۾، انتظاميه ۽ مختلف جاين تي جتي شايد پهرين عورت ذات جي وجود جو تصور به ممڪن نه هو، اتي ڪم ڪري رهيون آهن. عورت جي هر جاءِ تي موجودگي مرد جي نفسيات کي تمام غير محفوظ ڪري ڇڏيو آهي. ان احساس عورت جي زندگيءَ کي تمام گهڻن خطرن ۾ وجهي ڇڏيو آهي، جنهن سان سماج ۾ هڪ تبديليءَ جي لهر محسوس ٿيندي نظر اچي پئي. عورت جو قتل ٿيڻ ڪا نئين ڳالهه ڪونهي، پر اهڙا واقعا 40/50 سال پهرين ڪڏهن ڪڏهن ٻڌڻ ۾ ايندا هئا ته غيرت جي نالي تي عورت کي قتل ڪيو ويو، پر هن وقت پڙهيل لکيل عورتن جو قتل ٿيڻ ۽ ٻهراڙين ۾ غيرت جي نالي تي عورتن جو قتل ٿيڻ تمام گهڻو عام ٿي ويو آهي ۽ تيزيءَ سان عورتن کي ماريو پيو وڃي يا عورت خودڪشي ڪرڻ تي مجبور آهي، جيڪا هڪ خطرناڪ صورتحال پيدا ٿيندي نظر اچي پئي. پاڪستان ۾ هن وقت عورتن جي هڪ پيچيده ۽ تضادن سان ڀريل زندگي هوندي به حڪومتون صوبائي سطح تي ۽ رياست وفاقي سطح تي عورتن جي لاءِ بهتر قانون سازي به ڪري رهي آهي، پر ان جي باوجود به عورتن جي بااختيار ٿيڻ ۽ اڳتي اچڻ ۾ دشواريون نظر اچي رهيون آهن، ڇو ته انهن قانونن تي درست نموني سان عمل درآمد نه ٿي رهيو آهي.

هن وقت عورتن کي جن سببن جي ڪري قتل ڪري انهن کان سندن قيمتي زندگيون ڦريون پيون وڃن انهن ۾ اهڙا سبب شامل آهن جيڪي سماج جي مٿان هڪ وڏو سواليه نشان لڳائين ٿا ته هن اسلامي ملڪ ۾ عورت کان سندس بنيادي حق ڪهڙي کاتي ۾ کسيا پيا وڃن. ان جي لاءِ گهڻو ڪري عورت کي آنر ڪلنگ جي نالي تي قتل ڪرڻ تمام سولو آهي، جڏهن هوءَ پسند جي شادي ڪري ٿي، جنهن جو حق کيس پاڪستان جو قانون، آئين ۽ مذهب ڏئي ٿو، پر والدين جي رضامندي نه هجڻ جي ڪري اها عورت آنر ڪلنگ ۾ ماري وڃي ٿي. 27 مئي 2014 ۾ لاهور ۾ هڪ حاملا عورت فرزانه اقبال جو قتل، سندس پيءُ اعليٰ عدالت جي سامهون پٿرن سان ڪيو، ڇو ته هن پنهنجي پسند سان نڪاح ڪيو هو. 2015ع ۾ صبا قيصر کي سندس چاچي گولي هڻي سندس لاش ٻوريءَ ۾ بند ڪري واهه ۾ اڇلائي ڇڏيو. قنديل بلوچ 2016 ۾ پنهنجي ڀاءُ جي هٿان قتل ڪئي وئي، ڇو ته هوءَ سوشل ميڊيا اسٽار بڻجي وئي هئي، جنهن جي لاءِ اسان اڃان تائين عورت کي اجازت ناهي ڏني. سوشل ميڊيا تي ڪم ڪرڻ ڪيترن خاندانن جي لاءِ بدناميءَ جو سبب بنجڻ جي دعويٰ ڪئي وڃي ٿي.

 ان کان علاوه 2012ع ۾ نور مقدم جو قتل جيڪو هڪ هاءِ پروفائل ڪيس بڻجي ويو، جنهن ۾ کيس جنسي زيادتي کانپوءِ سندس سسي ڌڙ کان ڌار ڪري ماريو ويو. 2025ع ۾ ثنا يوسف 17 ورهين جي ٽڪ ٽاڪر اسٽار کي سندس مرضيءَ جي مطابق رد عمل ڪرڻ تي گولي هڻي سندس ئي گهر ۾ قتل ڪيو ويو. ان کان علاوه تازو ئي بلوچستان ۾ نور بانو نالي هڪ ڇوڪري کي پنهنجي پسند سان هڪ نوجوان سان شادي ڪرڻ جي ڏوهه ۾ سندس ڀاءُ هڪ جابلو علائقي ۾ بيهاري گولي هڻي سندس مڙس سوڌو قتل ڪري ڇڏيو. ظلم اهو آهي ته ان قتل تي قتل ٿيڻ واري ڇوڪريءَ جي ماءُ به اطمينان جو اظهار ڪيو ته اسان جي ريتن ۽ رسمن جي مطابق اهو قتل درست ٿيو آهي.

اها هڪ ڊگهي لسٽ آهي جنهن ۾ روز عورتن کي ماريو وڃي ٿو، انهن سان زيادتيون ڪيون وڃن ٿيون، انهن کي هيسايو ۽ ڌمڪايو وڃي ٿو ۽ انهن کي پنهنجي مرضي استعمال ڪرڻ جي ڏوهه ۾ قتل ڪري انهن کان جيئڻ جو حق ڦريو وڃي ٿو. عورت کي تحفظ ڏيڻ جي لاءِ قانون سازي کان وڌيڪ اسان کي پنهنجي سماج جي روين کي تبديل ڪرڻ جي لاءِ سماج جي ٻيهر اوسر ڪرڻ جي ضرورت آهي.

 اسان کي پنهنجي سماجي ڍانچي ۾ گهريلو ماحول سان گڏوگڏ تعليمي نظام ۽ مرد جي پرورش ڪرڻ جي نون اصولن کي جاچڻ جي ضرورت آهي. ڇو ته عورت پنهنجي ڀاءُ، پيءُ، مڙس يا پٽ جي هٿان ماري وڃي ٿي. ضروري آهي ته مرد جي نفسياتي ۽ سماجي ڪردار سازي ڪرڻ جي لاءِ نوان رستا ڳوليا وڃن، مرد جي ڪردار کي نئين طريقي سان ٺاهڻ جي ڪوشش ڪئي وڃي، ان کي عورت جو حڪمران بنائڻ بدران کيس عورت جو مددگار،  ساٿي ۽ دوست بنائي هڪ اهڙو سماج جوڙيو وڃي جتي مرد ۽ عورت ٻئي گڏجي هڪٻئي سان برابري جي بنياد تي بيهي عزت ۽ احترام سان گڏ اڳتي وڌي سگهن. ڇو ته هن وقت بدلجندڙ دور ۾ ترقي ڪندڙ عورت چاهي اها ماءُ جي صورت ۾ هجي، ڀيڻ جي صورت ۾ هجي يا ڌيءَ جي صورت ۾ ڪٿي نه ڪٿي مرد ان کي پنهنجي لاءِ خطرو محسوس ڪري ٿو، ان کي ان احساس مان ٻاهر ڪڍڻ جي ضرورت آهي.

والدين جي به اها ذميداري آهي ته پنهنجي ٻارن ۾ صنفي بنيادن تي انهن کان ڌار ڌار ڪردار ادا ڪرائڻ جي بجاءِ انهن کي گڏجي هڪ انسان جي طور تي پالي تحفظ جي احساس هيٺ وڏو ڪن، گهر مان ئي صنفي برابري جو ماحول پيدا ڪرڻ ۾ هڪ عورت ئي بنيادي ڪردار ادا ڪري سگهي ٿي ۽ اها عورت هڪ پڙهيل لکيل ماءُ ئي ٿي سگهي ٿي. جيڪي ڪم هڪ ڇوڪريءَ کي سيکاريا وڃن ٿا اهي ئي ساڳيا ڪم پٽ کي به سيکاريا وڃن ۽ جيڪي ڪم پٽ کي سيکاريا وڃن ٿا اهي ڇوڪرين کي به سيکاريا وڃن. جنهن سان ٻنهي جي نفسيات ۾ جيڪو ويڇو پيدا ٿئي ٿو اهو ختم ٿي سگهي.

 مرد کي ننڍپڻ کان ئي مردانگي جي تعريف اها ٻڌائي وڃي ته جيڪو مرد عورت جي عزت ۽ احترام ڪري ٿو اهوئي بهادر مرد آهي. ان کان علاوه پنهنجي نياڻين کي ايترو اعمتاد ڏئي پاليو وڃي جو اهي ڪنهن به ڳالهه تي جيڪا انهن کي پسند ناهي ان تي “نه” چئي سگهن. هاڻي وقت اچي ويو آهي ته اسين پنهنجي گهرن ۾ تبديلي پيدا ڪري عورت جي لاءِ هڪ متوازن پراعتماد ۽ خوشگوار ماحول پيدا ڪريون. پنهنجي ٻارن جي پرورش اهڙي طريقي سان ڪريون جنهن ۾ طاقت ۽ ڪمزوريءَ واري سوال کي خارج ڪري ٻنهي صنفن کي برابريءَ جي بنياد تي حق ڏئي انهن جي پرورش ڪريون. جيڪڏهن عورت کي محفوظ معاشرو ڏيڻو آهي ته ان کي پهرين محفوظ خاندان ڏيڻو پوندو.