بلاگخاصنئون

ڇا واقعي ملڪ جي عدليه اسٽيبلشمينٽ کان جان ڇڏائڻ لاءِ پاڻ پتوڙي رهي آهي؟

پنهنجي ملڪ جي تاريخ گواهه آهي ته اسٽيبلشمينٽ جي ڪيل غير آئيني عملن کي ڇپر ڇانوَ هميشه ملڪ جون عدالتون ڏينديون رهيون آهن. سڀ کان وڏو مثال جسٽس منير جو ڏنو ويندو آهي، جنهن ان وقت جي اسيمبليءَ کي تحليل ڪرڻ واري حڪم کي صحيح هجڻ جي سَنَدَ عطا ڪئي هئي. ان کانپوءِ اسٽيبلشمينٽ ۽ عدليه جو هڪٻئي طرف رويو انتهائي دوستاڻو رهيو، پوءِ ڪو وقت اهڙو آيو جو اعليٰ عدالتن جي ڪيسن کي ٻڌڻ جي لاءِ ججن کي پڻ اسٽيبلشمينٽ مقرر ڪرائيندي رهي آئي. اسٽيبلشمينٽ ئي انهن کي فيصلا لکي موڪليندي هئي اعليٰ عدالتن ۾ ويٺل جج صرف پنهنجي صحيح ڪري انهن فيصلن جو اعلان ڪندا هئا.
اهو وري ويجهي تاريخ يعني گذريل پي ٽي آءِ جي دورِ حڪومت ۾ ٿيو آهي، جنهن جا گواهه پڻ اعليٰ عدالتن جا جج آهن. جسٽس (ر) شوڪت صديقي زنده گواهه آهي جنهن مداخلت جو اعتراف ڪيو ۽ ان تي اعتراض ڪيو هو ۽ اهڙي قسم جي انحرافي ڪرڻ تي پنهنجي نوڪري وڃائي ويٺو هو. سندس چواڻي ته جنرل (ر) فيض حميد عدالتون هلائي رهيو هو. ان ۾ به ڪو شڪ ناهي ته ڪيترائي جج عدليه جو وقار بحال رکڻ جي لاءِ پنهنجي ذميواري ايمانداريءَ سان ادا ڪندا رهيا آهن. هن وقت عدليه جو هڪ حصو انقلابي ججن جي روپ ۾ سامهون اچي رهيو آهي. اهي برملا اسٽيبلشمينٽ تي تنقيد ۽ ڪاوڙ جو اظهار ڪندا رهن ٿا. اها ٻي ڳالهه آهي ته عدليه جي ان حصي جو لاڙو انصاف کان وڌيڪ تحريڪ انصاف طرف آهي. جڏهن ته اسٽيبلشمينٽ نٿي چاهي ته انهيءَ پارٽي کي ڪو جائز فائدو به ملي. شايد اهو ئي سبب آهي جو اسان کي عدالت ۾ ويٺل جج انقلابي نظر اچي رهيا آهن يا گهٽ ۾ گهٽ انهيءَ پارٽي ۽ ان جي پوئلڳن کي. اها به حقيقت آهي ته هي اهي ئي جج صاحبان آهن جيڪي صرف اڌ ڪلاڪ جي قليل وقت ۾ ان مخصوص پارٽي جي اڳواڻن کي پنجاهه ڪيسن اندر ضمانتون ڏيندي نظر اچن ٿا. پنجاب جي چيف جسٽس ملڪ شهزاد احمد خان راولپنڊيءَ ۾ خطاب ڪندي چيو آهي ته عدليه اسٽيبلشمينٽ جي مداخلت مان پنهنجي جان آزاد ڪرائڻ جي ڪوشش ڪري رهي آهي. ملڪ ۾ جيڪڏهن انصاف جي بالادستي ٿئي ٿي ته اها خوش قسمتي هوندي. انهيءَ ڪري ته بغير انصاف جي اسان جي ملڪ صرف ڀوڳنائون ڀوڳيون آهن. وسيلن سان مالا مال ملڪ جيڪو ترقيءَ جي راهه تي دنيا سان گڏ ڊوڙڻ جي صلاحيت رکي ٿو، اهو اڄ به ترقيءَ جي راهه تي بانبڙا پائيندي نظر اچي ٿو. سبب اهو ئي آهي ته انصاف کي نظريهءِ ضرورت تحت هلايو ويو آهي. هاڻي جيڪڏهن پنجاب جو چيف جسٽس سمجهي ٿو ته عدليه اسٽيبلشمينٽ مان جان ڇڏائڻ وڃي رهي آهي ته سندس آجيان ڪجي ٿي ۽ سندس انهيءَ ڳالهه جي تائيد به ڪجي ٿي، پر شرط اهو آهي ته عدليه ملڪي آئين تحت انصاف ڪندي يا عدليه ۾ ويٺل جج پنهنجي پسند مطابق انصاف ڪندا. جيڪڏهن ايئن ئي ٿيو ته پوءِ ملڪ کي ڪوبه فائدو نه پوندو.
ڪجهه سوال اعليٰ عدالتن کان پڇڻ جي جسارت ڪريون ٿا ته جيڪي ڪيس سياست کان هٽي ڪري عام ماڻهن جا هوندا آهن، انهن جي فيصلن اچڻ ۾ ٽيهه ٽيهه سالن جو وقت لڳي ٿو، ڇا ان کي به اسين اسٽيبلشمينٽ جي مداخلت سمجهون؟ هيٺين عدالتن ۾ جيڪا رشوت جي ڪارستاني هلي ٿي پئي ان ۾ به مداخلت اسٽيبلشمينٽ جي هوندي آهي؟ ڇا اسٽيبلشمينٽ ججن کي چوندي آهي ته توهان اخلاقيات کان ڪريل وڊيوز ٺهرايو ۽ پوءِ ان وڊيو جي ڪري بليڪ ميل ٿي فيصلا ڏيو؟ اهڙا ڪيترائي سوال آهن جيڪي ملڪ جو عام ماڻهو پڇي ٿو. خبر ناهي ڇو عدليه جا اهي بيان ته هو اسٽيبلشمينٽ کان جان ڇڏائيندا، کوکلا نظر اچن ٿا. انهن کي اگر سچ ثابت ڪرڻو آهي ته اعليٰ عدالتن ۾ ويٺل سڀئي جج صاحبان پنهنجي پسند ۽ ناپسند کان هٽي ڪري آئين ۽ قانون مطابق فيصلا ڪن، ماڻهن کي ترت انصاف ملي. انهن جا ڪيس سالن جا سال نه هلن، فيصلا جلدي ٿين، پوءِ ئي ماڻهن جو عدالتن تي اعتبار بيهندو، سو عملي ميدان ۾ ڏسون ته ڇا ٿو ٿئي، ڳالهين جي حد تائين بيان ڀلا آهن.