ايڊيٽوريلنئون

ضمني چونڊن ۾ (ن) ليگ کي واضح ڪاميابي

قومي اسيمبلي ۽ پنجاب اسيمبلي جي 13 تڪن تي ٿيل ضمني چونڊن ۾ حڪمراني جماعت نواز ليگ واضح برتري حاصل ڪري ورتي آهي. 2024ع جي عام چونڊن ۾ پاڪستان تحريڪ انصاف جي حمايت يافته اميدوارن جي سيٽن خالي ٿيڻ جي ڪري 23 نومبر 2025 تي ضمني چونڊون ٿيون. جنهن ۾ اين اي-44 ڊيرا اسماعيل خان مان علي امين گنڊاپور ڪامياب ٿيو هو، پر حيرت جي ڳالهه اها آهي ته هن سيٽ تان (ن) ليگ هڪ وڏي ڪاميابي حاصل ڪئي آهي. هن صرف صوبائي اسيمبليءَ جي سيٽ رکي هئي. اين اي-63 گجرات مان پرويز الاهي جو پٽ حسين الاهي ڪامياب ٿيو هو، جنهن هن سيٽ تان استعيفيٰ ڏني ان سبب اها سيٽ خالي هئي. اين اي-119 لاهور مان مريم نواز نواز ليگ جي سيٽ تان ڪامياب ٿي هئي، هن ان سيٽ کي ڇڏي پنجاب اسيمبليءَ جي سيٽ رکي. اين اي-129 لاهور جي سيٽ تان سلمان اڪرم راجا آزاد اميدوار جي حيثيت سان پي ٽي آءِ جو حمايت يافته اميدوار ڪامياب ٿيو، پر اليڪشن ٽربيونل طرفان ووٽن جي ٻيهر ڳڻپ جو حڪم ڏنو ويو. اين اي-132 قصور مان نواز ليگ جو رانا تنوير حسين ڪامياب ٿيو، هن صرف قومي اسيمبلي جي ٻي سيٽ رکي.

اين اي-196 قمبر شهدادڪوٽ تان پيپلز پارٽي جو اميدوار ڪامياب ٿيو، ووٽن جي بيقائدگين سبب ٻيهر چونڊ جو حڪم ڏنو ويو، پر اها سيٽ پيپلز پارٽي جي هئي ۽ پيپلز پارٽي کي ئي حاصل ٿي هتان سردار خان چانڊيو ڪاميابي حاصل ڪئي آهي. ان کان علاوه صوبائي اسيمبلين جي صورتحال جتان پ پ 22 چڪوال تان سردار غلام عباس اڳوڻو پي ٽي آءِ جو رهنما ڪامياب ٿيو. هن اتان استعيفيٰ ڏئي ڇڏي جنهنڪري اها سيٽ خالي ٿي وئي. پ پ 36 تان چوڌري افضل چٺا به هن سيٽ تان استعيفيٰ ڏئي ڇڏي، جنهن سبب هيءَ سيٽ خالي ٿي وئي. پ پ 93 ڀاڳر جتان ملڪ وحيد عظيم ڪامياب ٿيو، ان به هن سيٽ تان استعيفيٰ ڏئي ڇڏي. پ پ 139 شيخوپوره جي رانا تنوير نواز ليگ جي رهنما هن سيٽ تان استعيفيٰ ڏني ۽ قومي اسيمبليءَ جي سيٽ رکي. پ پ 147 لاهور راجا سرفراز حسين جنهن کي اليڪشن ٽربيونل نااهل قرار ڏئي ڇڏيو. پ پ 164 لاهور نازي قنبر هن سيٽ تان استعيفيٰ ڏني ۽ سيٽ خالي ٿي وئي. پ پ 290 درگهٽ چوڌري لطيف ناظر هن به استعيفيٰ ڏئي ڇڏي جنهن سبب سيٽ خالي ٿي وئي.

پاڪستان جي ضمني چونڊن جي تاريخ ۾ گهڻو ڪري اهي سيٽون حڪمران جماعت ئي کٽيندي آهي، پر 23 نومبر 2025 تي ٿيل ضمني چونڊن متعلق سخت ڌانڌليءَ جا الزام لڳايا پيا وڃن. يقينن اهي الزام اڳوڻي حڪمران پارٽي ۽ آزاد اميدوار پاڪستان تحريڪ انصاف جا حمايت يافته گروهه لڳائي رهيا آهن. اهي دعويٰ ڪري رهيا آهن ته 2024 جي عام چونڊن وانگر ووٽن جي ڳڻپ ۾ هٿرادو ڦير ڦار ڪئي وئي آهي ۽ نتيجا تبديل ڪيا ويا آهن. سندن چوڻ مطابق لاهور جي سيٽ اين اي-129 ۽ پنجاب جي ٻين سيٽن تي جتي سندن اميدوار کٽي رهيا هئا اتان اوچتو ئي انهن هارائڻ شروع ڪيو ۽ ٻيا ڪجهه حلقه به چونڊن جي شفافيت تي سوال اٿاري رهيا آهن. فيصل آباد جي تڪ پ پ 98 چڪ جهمرا جي پولنگ اسٽيشن نمبر 68 ۾ خبرن مطابق هڪ عورت به ووٽ نه وڌو. اليڪشن ڪمشنر جي بيان مطابق ضمني چونڊن ۾ عوام دلچسپيءَ جو اظهار نه ڪيو ۽ ٽرن آئوٽ تمام گهٽ رهيو. سندس چوڻ مطابق ته سڄي دنيا ۾ ضمني چونڊن ۾ عام طور تي ٽرن آئوٽ گهٽ ئي رهندو آهي ۽ انهن چونڊن ۾ ضابطهءِ اخلاق جون ڀڃڪڙيون به سڄي دنيا ۾ ٿينديون آهن، پر خوشيءَ جي ڳالهه اها آهي ته چونڊن ۾ امن امان جي مجموعي صورتحال ڪنٽرول ۾ رهي. اين اي-104 فيصل آباد جي آزاد اميدوار راڻا عدنان چيو آهي ته قومي اسيمبليءَ جي تڪ اين اي-104 ۾ پولنگ جو عمل پورو ٿيڻ کان اڳ ئي فارم 45 ۽ 46 تيار ٿي منظر عام تي اچي ويا هئا. هن الزام لڳايو ته پولنگ ايجنٽن کان زوري فارم 45 تي اڳواٽ صحيحون ورتيون ويون. رانا عدنان مطابق هن پولنگ اسٽيشنن مان ئي اهي فارم هٿ ڪيا آهن. هن ان سڄي ڪارروائي جي تحريري شڪايت اليڪشن ڪميشن کي موڪلي ڇڏي آهي، سندس چوڻ مطابق ته فيصل آباد جي پولنگ اسٽيشن نمبر 236 تي به پولنگ روڪڻ جا اطلاع مليا آهن.

جن 13 سيٽن تي ضمني چونڊون ٿيون انهن جي سياسي اهميت تي ته ڪو شڪ ناهي، پر انهن چونڊن سان مرڪزي يا صوبائي حڪومتن جي گهڻائي تي ڪو فوري فرق نه پيو، پر انهن جون ڪيتريون ئي سياسي معنائون به آهن. هن اليڪشن کانپوءِ (ن) ليگ طرفان پنهنجي شاندار ڪاميابيءَ جو اظهار ٿي رهيو آهي، جنهن سان پي ٽي آءِ جو بيانيو ڪمزور به ٿي رهيو آهي ته ٻئي پاسي چونڊن کي غير شفاف پڻ چيو پيو وڃي، پر ان سان حڪومتي پارٽيءَ تي ڪو گهڻو اثر نٿو پوي، ڇو ته عوام جو حافظو تمام گهڻو ڪمزور هوندو آهي ۽ اصل ۾ پاڪستان جهڙن ملڪن ۾ ڪامياب ٿيڻ جي وڏي معنيٰ ليکي ويندي آهي، پر اها ئي زوري زبردستي ڪاميابيءَ جي تاريخ پاڪستان جي جمهوريت کي ڪمزور به ڪري رهي آهي ۽ پارلياماني نظام ڏينهون ڏينهن پنهنجي طاقت وڃائي گوڏن تي ويهندي نظر اچي ٿو. ان جي لاءِ اسان جي ادارن کي به سوچڻو پوندو، اسان جي عدالتن کي به پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻو پوندو ته جمهوريت کي ڪيئن مضبوط ڪرڻو آهي. سوال اهو آهي ته ڇا جمهوريت صرف زوري زبردستي حڪمراني حاصل ڪرڻ ۾ آهي يا جمهوريت کي مضبوط ڪرڻ لاءِ اهو سفر ڪرڻ ضروري آهي، جنهن سان اسين آئين، قانون ۽ معاشري کي جمهوري قدرن ڏانهن وٺي وڃي سگهون.