بلاگنئون

بدين ۾ منشيات جي زهر سرڪاري، مشينري ۾ آباد گهرن جا روشن ڏيئا اُجهائي ڇڏيا

سنڌ جي لاڙ پاسي ۾ عربي سمنڊ جي ساحلي پٽي تي سنڌو درياءَ  جي آخري ڇيڙي تي سنڌ جي جڳ مشهور ھاري، پورهيت، مظلومن، اگهاڙن پيرن وارن جي اڳواڻ شھيد فاضل راهو، ڌرتي، دنگن ۽ ننگن جي لاءِ جان جوکي ۾ وجهي سر قربان ڪندڙ دودي سومري، جڳ مشهور شاعر مولوي حاجي احمد ملاح، رات جي رهزنن کي للڪاريندڙ شاعر آڪاش انصاري، شمس الدين حيدري سميت ڪيترن ئي نالي وارين شخصيتن جي مزاحمتن، قلمي پورهئي، ڏات جي ڏيھ سان سُڃاڻپ رکندڙ بدين ضلعو، جنهن جي شھرن ۽ ڳوٺن ۾ انسان ذات لاءِ هاڃيڪار زهر جو سر عام ڪاروبار هلندڙ، هن منشيات جي مٺي زهر ڪيترن کي موت جي گهاٽ تي پهچائي ڇڏيو آھي. مافيائن سان گڏ پوليس جي به انڌي ڪمائي بڻيل آھي. روڪٿام سکڻين دعوائن تائين محدود آھي. ضلعي ۾ منشيات ڪيترائي خاندان اُجاڙي ڇڏيا. بدين جي شهرن ۽ ڳوٺن ۾ هلندڙ منشيات جو ڪاروبار هتان جي غريب عوام لاءِ موت جو پيغام بڻجي چڪو آهي. قانون جي سکڻين دعوائن جي ڪري سگها آزاد رهن ٿا، ڪمزور ئي قابو ڪري قيد ڪڙول رهن ٿا ۽ سگهن کي قانوني، سياسي پٺڀرائي سبب سندن ڪاروبارو زور وٺڻ جي نتيجي ۾ روز جي بنياد تي سوئا (Sowa) مڇي جي ملھ کان به مٿي چڙھي وڃي ٿو. جڏھن ته تر جا سوين ماڻھو ڪينسر، ڏندن جي شديد تڪليف، وات، چمڙي، معدي، گردن، ڦڦڙن سميت ٻين ڪيترين بيمارين ۾ گرفتار ٿي چڪا آھن. جڏھن ته ڪيترائي خاندان پڻ منشيات واپرائڻ سبب اُجڙي تباھ ٿي ويا آھن. منشيات کي پوليس، ڊيلرن، ڳجهين طاقتن پنهنجي روزي روٽي ۽ عيش عشرت جو ذريعو بڻائي ورتو آھي. اُن انسان دشمن امن دشمن ڪڌُي ڪاري ڪاروبار کي عدالت سڳوري به روڪڻ، بااثر منشيات ڊيلرن، سوداگرن، ملوث پوليس اهلڪارن خلاف ڪارروائي ڪرڻ بجاءِ زياده تر ڪمزور ماڻھن کي ڪاٺ ۾ قيد ڪڙول ڪري ڇڏي ٿي. هن وقت بدين جي پنجن ئي تعلقن گولاڙچي، بدين، تلهار، ماتلي، ٽنڊوباگو جي شھرن ۽ ڳوٺن ۾ ڪچو پڪو شراب، وسڪي، سفينا، مين پڙي، چرس، آئيس، توڙي ٻي انسان دشمن منشيات جو سر عام وڪرو ۽ واهپو ٿي رهيو آهي. جنهن ۾ ننڍا ٻار، نوجوان، ٻُڍا، عورتون عادي بڻجي ويا آھن. بدين ضلعي اندر چند سالن دوران، ڪيترائي موالي مختلف شھرن ڳوٺن ۾ منشيات سبب پنهنجون زندگيون وڃائي چڪا آھن، جن ۾ ڪڙيو گهنور، کور واھ، شھرن ۾ آئيس ۽ ڪچي ٺري سبب موتن ۾ اضافو ٿيو آھي، پر پوليس خود مفاد سان گڏ سياسي بااثري رڪاوٽن سبب ڪو ڪک ڀڃي ٻيڻو ڪرڻ بجاءِ منشيات جي هن ڪُڌي ڪاروبار کي عروج تي پهچائي ڇڏيو آھي. سگهارن منشيات جي سوداگرن، منشيات فروشن کي ڪابه جهل پل ناهي، نه ئي انهن لاءِ ڪو قانون آھي، قانون آھي ته صرف غريب لاءِ آھي. منشيات جي عام واهپي سبب وات جون بيماريون ڪينسر، ٽي بي، گردن جو فيل ٿيڻ، ڏندن جا سوين مرض ظاهر ٿيندا رهيا آھن. ڊاڪٽر سگھ رکندڙ موالين جو علاج ڪن ٿا. جڏھن ته ڪمزور موالي کي لاعلاج قرار ڏئي ڇڏين ٿا، جيڪي علاج جي سگھ نه رکڻ ڪري عذاب سهندي مري وڃن ٿا. بدين ۾ هلندڙ سمورن ڪاروبارن کان وڌيڪ گهاٽو منافعو ڏيندڙ ڪاروبار منشيات ئي نظر اچي ٿو. بدين هاڻ 21 صدي ۾ منشيات جي انڊسٽري جي شڪل اختيار ڪري ورتي آھي. نتيجي ۾ بدين اندر منشيات واپرائيندڙن جو انگ وڌي رهيو آھي. بدين ضلعي جي هن وقت مختلف شھرن ۽ ڳوٺن ۾ منشيات جون منڊليون، پوليس ۽ بااثر، سياسي ڪامورن ۽ انهن جي مخبرن جي وسيلي قائم ۽ دائم آھن، پوليس هن سڄي انسان دشمن زهر جي ڪاروبار کان پوريءَ ريت باخبر واقف هوندي به فقط غريب ڪمزور ماڻھن کي، سندن مخبرن يا سياسي چرچ تي منشيات فروش ڄاڻائي جيل حوالي ڪري ڇڏي ٿي. جڏهن ته هاءِ ڪورٽ طرفان لڳل پابندي جي باوجود به بدين ۾ منشيات جو ڪاروبار عروج تي پهتل آھي. وڏن منشيات فروشن، زهر جي ڊان گولن خلاف حقيقي قانوني ڪارروائي نٿي ٿئي. جڏھن ته وري به ٽارگيٽ زياده تر غريب ڪمزور منشيات واپرائيندڙ ٿيندو رهي ٿو. ڪيترائي ماڻھو پنهنجون زندگيون وڃائي ويٺا آھن، فقط سچ ۽ ڪمزور تي مار سان گڏ ان لاءِ جيل جا دروازا کليل رهن ٿا.