بلاگنئون

سڄي عمر سماجي ڀلائيءَ جو علمبردار بڻيل شفيع محمد ميمڻ ڌرتيءَ جو فخر

شفيع محمد ميمڻ جي زندگي حوصلي، خدمت ۽ ان يقين جي ڪهاڻي آهي ته تعليم انسانن جون تقديرون بدلائي سگهي ٿي. 12 اپريل 1948ع تي ٺٽو ضلعي جي ننڍڙي شهر بٺورو ۾ جنم وٺندڙ شفيع محمد، سادي ۽ تمام محدود وسيلن واري زندگيءَ مان اڀري هڪ معزز تعليمي ماهر ۽ سماجي ورڪر بڻيو، جنھن جون ڪوششون اڄ به سندس برادريءَ کي سنواري رهيون آهن. سندس والد، محمد قاسم ميمڻ واڍو هو ۽ شفيع محمد ننڍپڻ کان معاشي ڏکين حالتن کي منهن ڏئي رهيو هو. اٺين ڪلاس دوران هو هوٽل ۾ مددگار طور ڪم ڪندو هو ته جيئن گهر جي خرچن ۾ هٿ ونڊائي سگهي، پر ڏکين حالتن، غربت ۽ ڪيترن ئي ڪلاڪن جي ڪم به سندس علم حاصل ڪرڻ جي عزم کي ڪمزور نه ڪيو. هن بٺوري جي گورنمينٽ هاءِ اسڪول مان ميٽرڪ پاس ڪئي ۽ پوءِ دوستن جي مالي سهائتا سان حيدرآباد آيو، جتي نور محمد هاءِ اسڪول جي مسلم ڪاليج ۾ داخلا ورتي. بعد ۾ سنڌ يونيورسٽي مان بي. اي جي ڊگري حاصل ڪئي. محنت، مستقل مزاجي ۽ ڪميونٽي جي سهڪار سان 1964 ۾ شفيع محمد پنهنجي عملي زندگي نڪا ايريگيشن ڊپارٽمينٽ ۾ ڪلارڪ طور شروع ڪئي. چئن سالن کانپوءِ سنڌ حڪومت ۾ يونين ڪائونسل سيڪريٽري ٿيو. 1970ع ۾ تعليم سان محبت کيس ٽيچر ايجوڪيشن ڊپارٽمينٽ ڏانهن وٺي آئي، جتي هو 1980ع تائين خدمتون سرانجام ڏيندو رهيو.

سرڪاري نوڪري سان گڏ، 1978ع ۾ اسٽيٽ لائف انشورنس ڪارپوريشن ۾ پارٽ ٽائيم شامل ٿيو ۽ پنهنجي بهتر ڪارڪردگي سبب سلور ميڊل حاصل ڪيائين. 1995ع تائين هو ان اداري سان لاڳاپيل رهيو. ملائيشيا، سنگاپور، ٿائيلينڊ ۽ بينڪاڪ تائين ڪيترن ملڪن جا سفر ڪرڻ باوجود هو پنهنجي ڳوٺ بٺوري سان سدائين جڙيل رهيو ۽ ماڻهن جي ڀلائي لاءِ بي لوث خدمتون سرانجام ڏيندو رهيو. نوجوانن کي تعليم، روزگار ۽ اسڪالرشپ حاصل ڪرڻ ۾ رهنمائي ڪرڻ سبب کيس وڏي عزت ۽ احترام مليو. رياضت ۽ راندين خاص ڪري ڪرڪيٽ جي همت وڌائڻ لاءِ هي مقامي ٽورنامينٽس ڪرائيندو رهيو، ميڊلز ورهائيندو ۽ نوجوان رانديگرن کي نقد انعام ڏئي حوصلا افزائي ڪندو هو. سندس سماجي خدمتن تي صوفي شاهه عنايت پريس ڪلب بٺوري پاران کيس اعزاز سان نوازيو ويو. هن ڪيترن اهم عهدن تي به خدمتون سرانجام ڏنيون، جن ۾ شامل آهن: صدر يونائيٽيڊ ميمڻ جماعت، صدر فٽبال ايسوسيئيشن، صدر بٺورو چيمبر آف ڪامرس، ميمبر مڪلائي جيمخانا ٺٽو، صدر بٺورو شهر.

تعليم ۽ عوامي ڀلائي سندس زندگي جو مرڪز رهيا. هن بٺوري ۾ مونو ٽيڪنيڪل ڪاليج قائم ڪرڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو ۽ يونيورسٽي ٽرينڊ فئڪلٽي جي مقرريءَ لاءِ جدوجهد ڪئي. سنڌ حڪومت جي سهڪار سان بٺوري اسپتال ۾ ايڪسري مشين لڳرائي ۽ مريضن لاءِ واٽر فلٽريشن پلانٽ به پنهنجي مدد پاڻ تحت لڳرايا. هو مفت اکين جي علاج لاءِ ڪئمپون منعقد ڪندو رهيو، نوجوانن ۾ خودڪشي جي روڪٿام بابت سيمينار ڪرائيندو رهيو ۽ صفائي، پاڻيءَ جي بچاءُ ۽ سينيٽيشن بابت گهر گهر وڃي شعور اجاڳر ڪندو رهيو. سندس هڪ اڻپورو خواب بٺوري جي نوجوانن لاءِ سرڪاري پبلڪ لائيبريري قائم ڪرڻ هو. شفيع محمد ميمڻ ڳوٺاڻن علائقن ۾ ڇوڪرين جي تعليم جو به هڪ اهم علمبردار هو. جڏهن سماجي ۽ ثقافتي دٻاءُ سبب والدين ڌيئرن کي اسڪول نه موڪليندا هئا، تڏهن هن کين تعليم ڏانهن راغب ڪيو. سندس ننڍي ڌيءَ، ڪلثوم ميمڻ، پنهنجي والد بابت چوندي آهي:

“بابا نهايت عاجز ۽ نرم دل انسان هو، هو هميشه چوندو هو، ‘توهان تعليم تي ڌيان ڏيو، تعليم سڀ کان طاقتور هٿيار آهي.’ هن ڪڏهن به پٽ ۽ ڌيءَ ۾ فرق نه رکيو ۽ اسان سڀني کي تعليم جا برابر موقعا ڏنا.”

هوءَ وڌيڪ ٻڌائي ٿي: “هن اسان جي گهر مان ڇوڪرين جي تعليم جو مشن شروع ڪيو، جڏهن اسان جي علائقي ۾ ان بابت ڄاڻ تمام گهٽ هئي. اڄ بٺوري جون گهڻيون عورتون پڙهيل لکيل آهن ۽ روزگار سان وابسته آهن. هيءَ تبديلي سندس مسلسل ڪوششن جو نتيجو آهي.” 2000ع واري حادثي ۽ 2010-11ع جي اکيون جي آپريشنن باوجود هو سماجي خدمتن ۾ سرگرم رهيو. پنجن پٽن ۽ چئن ڌيئرن جي والد هئڻ باوجود هن پڪ ڪئي ته سڀئي اعليٰ تعليم حاصل ڪن جيڪو سندس علم جي اهميت واري عقيدي جو عملي ثبوت آهي.

شفيع محمد ميمڻ 9 ڊسمبر 2016ع تي دل جي دوري سبب وفات ڪري ويو، پر سندس ورثو اڄ به زنده آهي. ٺٽو شهر خاص ڪري بٺوري جا نوجوان اڃان تائين سندس رهنمائي ۽ خدمتن مان متاثر ٿين ٿا. سندس زندگي، ايمانداري، خدمت ۽ تعليم جي ذريعي سماج کي بدلائڻ جي بي مثال ڪهاڻي آهي.