بلاگنئون

17 آڪٽوبر جو سوويت انقلاب ۽ دنيا تي ان جا اثر

سوويت يونين جي سوشلسٽ انقلاب دنيا جي جمهوري خيال رکندڙ عوام تي پنهنجن اثرن جا جيڪي چٽ چٽيا، اهي اڄ تائين قائم آهن ۽ 19 صديءَ کان وٺي هن وقت تائين بين الاقوامي سياست، معيشت ۽ سماجي ڍانچي ۾ وڏيون تبديليون آنديون، جن جو ڪجهه ذڪر هيٺ پيش ڪجي ٿو. مزدور تحريڪن جو عروج، حقن جي حاصلات ۽ اثر: سوشلسٽ نظرين مزدورن ۾ پنهنجن حقن جي ۾ بيداري پيدا ڪئي ۽ انهن کي پاڻ ۾ ڳنڍيو. ڪارل مارڪس ۽ فريڊرڪ اينگلز جهڙن عظيم مفڪرن جي جدوجهد مزدورن کي اهو باور ڪرايو ته اهي استحصال جو شڪار آهن ۽ کين پنهنجيون حالتون تبديل ڪرڻ جي لاءِ ڪٺي ٿيڻو پوندو. سڄي دنيا ۾ مزدور يونينن، سياسي پارٽين سوشلسٽ ڊيموڪريٽڪ پارٽيون ۽ مزدور تحريڪون مضبوط ٿيون، جنهن جي نتيجي ۾ مزدور جا ڪم ڪرڻ جا ڪلاڪ اٺن ڪلاڪن تائين محدود ڪيا ويا. گهٽ ۾ گهٽ اجرت جي مقرري، ٻارڙن جي مزدوري تي پابندي، سماجي تحفظ جا پروگرام پينشن، بيروزگاري الائونس، عام چونڊن ۾ مزدورن کي ووٽ جو حق ڏنو ويو. سوشلسٽ ۽ سوشل ڊيموڪريٽڪ نظرين جي تحت ڪيترن ئي ملڪن ۾ خاص طور تي اولهه يورپ ۾ فلاحي رياست جو تصور مضبوط ٿيو، جتي حڪومت شهرين کي پيدائش کان وٺي موت تائين بنيادي سهولتون ميسر ڪرڻ جي ذميداري کڻي ٿي. عوامي صحت جون خدمتون سڀني جي لاءِ مفت يا گهٽ اگهن تي دستياب آهن. عوامي اسڪولن ۽ يونيورسٽين جو قيام، سماجي تحفظ، بيروزگاري الائونس، معذوري جا فائدا ۽ پوڙهائپ ۾ پينشن، مفت يا سستي رهائش، رياست جي تعاون سان سستيون ٽائون اسڪيمون.  20 صدي ۾ سوشلسٽ نظرين جي هڪ انتهائي شڪل، ڪميونزم ڪيترن ئي ملڪن ۾ انقلابن کي جنم ڏنو ۽ ڪيمونسٽ رياستون قائم ٿيون. سڀ کان چٽو مثال روس جو 1917ع جي انقلاب کانپوءِ سوويت يونين جو قيام ۽ 1949ع ۾ چين جو انقلاب آهن. اتي پيداوار جا وسيلا رياستن جي ملڪيت تصور ڪيا ويا ۽ نجي ملڪيت کي ختم ڪيو ويو. سموريون صنعتون، زمين ۽ بينڪون حڪومت جي ملڪيت ۾ اچي ويون. معيشت کي مارڪيٽ فورسز جي بجاءِ حڪومت جي مرڪزي منصوبابندي جي تحت هلايو ويو. هڪ پارٽي نظام قائم ٿيو، جتي ڪميونسٽ پارٽي سمورن اختيارن جي مالڪ هئي. عالمي سرد جنگ ڪميونسٽ ۽ سرمائيداراڻي نظام جي وچ ۾ نظرياتي ۽ فوجي ڪشمڪش شروع ٿي جنهن کي تاريخ جي سرد جنگ به چيو وڃي ٿو. سوشلسٽ ۽ ڪميونسٽ نظرين دنيا سڄي ۾ بيٺڪي طاقتن جي خلاف آزادي جي تحريڪن کي به متاثر ڪيو. اهي نظريا سامراجي طاقتن جي استحصال خلاف هڪ متبادل رستو پيش ڪندا هئا. ايشيا ۽ آفريقا جي ڪيترن ئي ملڪن آزادي حاصل ڪئي ۽ انهن منجهان ڪيترن ئي نئين رياستن سوشلسٽ ماڊلز يا سوشلسٽ جهڪاءُ واريون پاليسيون اختيار ڪيون. ڀارت ۾ جواهر لعل نهرو جون سوشلسٽ پاليسيون ۽ آفريقا جا ڪيترائي ملڪ ۽ ويٽنام شامل آهن. سوشلسٽ نظرين جي دٻاءُ ۽ ان جي اثرن کان بچڻ جي لاءِ ڪيترن ئي سرمائيدار ملڪن پنهنجين معيشتن ۾ سوشلسٽ عنصرن کي شامل ڪيو، جنهن سان معيشتن جي ارتقا تي مثبت اثر پيو. حڪومتي قانونن ۽ ضابطن ۾ واڌارو ٿيو. عوامي شعبي جي جوڙجڪ جنهن ۾ ريلوي، توانائي، ٽيلي ڪميونيڪيشن شامل آهن. انهن ۾ واڌ ويجهه آئي. فلاحي پروگرامن ۾ اضافو ٿيو، جنهن مان ثابت ٿيو ته نج سرمائيداري کي به سماجي انصاف جي لاءِ ڪجھ سوشلسٽ اصولن کي اپنائڻو پيو ته جيئن بي آرامي کي گهٽ ڪري سگهجي. سوشلسٽ نظرين سڄي دنيا ۾ مساوات، سماجي انصاف ۽ انساني حقن جي بحث کي مرڪزي وهڪري ۾ آندو. نسلي فرق، عورتاڻي فرق ۽ طبقاتي فرق جي خلاف تحريڪن کي فڪري بنياد ميسر ڪيو، جنهن جي نتيجي ۾ ڪيترائي سماجي ۽ قانوني سڌارا ٿيا. مجموعي طور تي سوشلسٽ نظرين 20 صدي جي دنيا جي جوڙجڪ ۾ هڪ اهم ڪردار ادا ڪيو آهي. چاهي اهي نج ڪميونسٽ رياستن جي قيام جي شڪل ۾ هجن يا مغربي فلاحي رياستن جي ارتقا جي شڪل ۾، انهن نظرين طاقت، دولت ۽ سماجي ذميواري جي باري ۾ سوچڻ جي انداز کي سدائين جي لاءِ بدلائي ڇڏيو آهي.