بلاگخاص

اچو ته البانيا گهمون ڀوَن سنڌي قسط-1 حصو ٻيون

قسط-1

حصو ٻيون

اچو ته البانيا گهمون

ڀوَن سنڌي

پنهنجي اڀ اڏام:

هاڻي جهاز ۾ لوڏا شروع ٿي ويا آهن، ايئن ٿو محسوس ٿئي ته ڄڻ جهاز پاڻ وارن سنڌ جي ٽٽل ڦٽل رستن تي هلڻ شروع ڪيو آهي. مون کي اسان جي شهر جو ڀلوڙ شوقيه ڳائيندڙ استاد گگن ياد اچي رهيو آهي، جيڪو ٽيبل يا ٿالهه کان دهل جو ڪم وٺي پنهنجو ئي مزاحيه ٺاهيل گيت ڳائيندو هو:

جهڏي واري لاري پنايو ڇڏي ٿي،

ڀڃيو پاسراٽيون، پڄايو ڇڏي ٿي.

اڄ کان 15/20 سال اڳ ٽنڊي باگي کان جهڏي جو رستو ڪچو هو ۽ ويهه پنجويهه ڪلو ميٽر جي سفر ۾ اڍائي ٽي ڪلاڪ لڳندا هئا. ڌوڙ ۽ گاڏي جا لوڏا ماڻهو جي اهڙي حالت ڪري ڇڏيندا هئا جو گهر وارا به پريشان ٿي ويندا هئا ته هي ڪهڙو ڀوت گهر ۾ اوچتو گهڙي آيو آهي، يا اڃان به ايئن چئجي ته ان سفر کانپوءِ ماڻهو جي اهڙي حالت ٿيندي هئي، جهڙي ڪنهن عاشق جي محبوب جي رسڻ يا وڇوڙي تي ٿيندي آهي. جي اڃان ڳالهه سمجهه ۾ نه اچي ته سنتوش ڪمار ۽ صبيحه خانم جي فلم عشق ليليٰ ڏسي وٺو.

هاڻي ڪپتان (پائليٽ) جو آواز جهاز ۾ گونجي اٿيو آهي، ”جيئن ته ترانا جي موسم ڪافي خراب آهي، انهيءَ ڪري اسان اسڪوپيا ڏي هلي رهيا آهيون.“ پائليٽ ماڻهن جو حوصلو وڌائڻ لاءِ وڌيڪ چيو، ”جيتوڻيڪ خراب موسم جي سبب اسان جو سفر دشوار ٿي ويو آهي، پر تڏهن به اسان توهان جي سفر کي بهتر ۽ محفوظ بنائڻ جي هر ممڪن ڪوشش ڪنداسين. سيٽ بيلٽ ٻڌي ڇڏيو. ڪوبه پنهنجي جڳهه تان نه اٿي. اسين ڪنهن به وقت هنگامي لينڊنگ ڪري سگهون ٿا.“ پائليٽ گهڻي ئي دلداري ڏني، پر جڏهن موت اکين آڏو هجي سو به پنهنجي ڌرتيءَ کان پري اُڀ ۾ ته ڪٿي ٿو آرام اچي؟ جهاز ۾ لوڏا ته پهرين ئي گهڻا هئا، پر ان ۾ اڻ ڄاتل خطري جو احساس نه هو. پائليٽ جي انائونسمينٽ کانپوءِ اهي لوڏا هاڻ هانوَ ڦاڙيندڙ لڳي رهيا هئا. جهاز جا مسافر جن جي چهرن تي پهرين مرڪون يا سڪون نمايان هو، هاڻ انهن تي ڄڻ سڪتو طاري ٿي ويو هو. اهڙو تجربو مون کي اڳي به هڪ ڀيري پي آءِ اي جي جهاز ۾ پاڪستان کان دبئي ايندي ٿيو هو. جيئن ئي جهاز مٿي اوچائي تي هڪ ڊائريڪشن ۾ سيٽ ٿيندو آهي ته عملو کاڌي جي سروس شروع ڪري ڏيندو آهي، پر هتي ايئن نه ٿيو. بس ٿوري دير ۾ خطرناڪ لوڏا شروع ٿي ويا. مون سان گڏ گهرواري به هئي. ”مون چيو جهاز انتظاميه ته جهاز اسهڻ وقت مائيڪ تي سفر جي دعا پڙهي پنهنجو فرض پورو ڪري ڇڏيو آهي، هاڻي بس موڪلاڻي ئي سمجهه؟“ خير ٿوري دير بعد موسم صحيح ٿي وئي ۽ کاڌي جي سروس شروع ٿي وئي. پوءِ خبر پئي ته پاڻ وارا جهاز پراڻا آهن ۽ هلڪي ڦلڪي موسم تي به هِلي (لُڏي) ويندا آهن ۽ اهو روز جو معمول آهي. پر هِتي ته صورتحال ٻي هئي. هي هنگري جي ايئر لائين (WIZZ AIR) جو جهاز هو، ڪو جهڙو تهڙو جھاز ڪونه هو. وز ايئر لائين جو شمار دنيا جي وڏين ايئر لائينن ۾ ٿئي ٿو ۽ ان جي ساک ۽ معيار دنيا ۾ ڄاتل سڃاتل آهي. پر فطرت جي سگهه کي ڀلا ڪير پڄي سگهي ٿو؟ بس خطرناڪ لوڏن ۽ جهٽڪن ۾ جهاز هلندو رهيو. ماڻهن جي چهرن کي ڏسي اندازو ٿيو ته پيڙا جا پل ڪيترا نه ڀاري هجن ٿا ۽ انسان جي اندر کي لوڏي ۽ جنجهوڙي ڇڏين ٿا. مون کي ذهن تي تري آيا سنڌ جا مسڪين، ننڌڻڪا ۽ لاچار مارو ماڻهو، جيڪي روز اهڙي درد ۽ ڪرب سان ڀرپور موت مثل زندگي گذارين ٿا ۽ ان آسري ۾ رهن ٿا ته، ڪو ته مسيحا اچي، جيڪو انهن کي هن جهنم جھڙي زندگي مان ڪڍي. پر پري پري پري تائين اهڙو روشني جو ترورو نظر نٿو اچي! هتي به ماڻهو موت جي منهن ۾ شايد ايئن ئي سوچي رهيا هوندا؟

خير سائين منهنجا! جڳ جهان سان گڏ جهاز جي خطرناڪ جهٽڪن ۽ لوڏن ۾ پنهنجو سفر جاري آهي. منهنجي سيٽ جي ڀرسان هڪڙو سيالڪوٽي نوجوان ويٺل هو، جنهن جي آواز ۾ ڪچهري دوران جيڪا خنڪي هئي سا ڪڏهوڪي ختم ٿي چڪي هئي. ڪيڏي مهل نهاريندي ڦڪي مرڪ مرڪيو ٿي. هن جي چپن جي ڀُڻ ڀُڻ (چُرڻ) مان لڳو ٿي ته هو ڪجهه پڙهي رهيو هو. شايد اُهو ڪجهه جيڪو موت جي آخري گهڙين ۾ ماڻهو پڙهندا آهن. پر موت نه ڇڏ آهي، ٻاڏائڻ جي باوجود به کين ڇڏيندو ڪونهي. پنهنجو ته کاڌل پيتل آهي، سو پاڻ ڪهڙي دعا گهرون؟ ۽ پنهنجي افعالن جو کاتو ھونئن بہ اهڙو چڱو ناهي جو پاڻ جهڙن پاپين جي دعا اگهي! باقي ماڻهن جو دعائن تي ٺڪاءُ مٿان ٺڪاءُ (زور) لڳو پيو آهي، جيڪو سندن چپن جي چُرڻ مان ظاهر ٿي رهيو آهي. شل ڪا ڪافرن اورل رائٽ ۽ ولبر رائٽ کي قلندر جي مار پوي، جن جهاز ايجاد ڪري اسان کي مصيبت ۾ وجهي ڇڏيو! اسان ته گڏهن گهوڙن ۽ اٺن جي سوارين ۾ ئي خوش هئاسين! ڀلا جي هاڻي اُڀ ۾ ڪو حادثو آيو ته بچندو ڪير؟ سڀ سڙي خاڪ ٿي ويندا. ڪنهن کي پوربو، ڪنهن کي ساڙبو ۽ ڪنهن جو ماس ڪانگن کي ڏبو؟ موت ته ڪير به نٿو چاهي ۽ مان به نٿو چاهيان. ڌرتي تي انسانن جا پاڻ ۾ جيڪي عقيدن، فڪرن، قومن ۽ قبيلن جا جهيڙا آهن، اُهي کين هڪ ٿيڻ نٿا ڏين ۽ نه ئي کين زندگي فضيلت سان گهارڻ ٿا ڏين ۽ نه سڪون سان مرڻ ٿا ڏين. ايتري قدر جو ڌرتي تي موت جي حالت ۾ بہ انسانن جي وچ ۾ لڪيرون نڪتل ھجن ٿيون، جيڪي کين گڏ ٿيڻ نٿيون ڏين. پر اُڀ ۾ گهٽ ۾ گهٽ ايئن ناهي. اُڀ ۾ ٿيندڙ موت سڀني مختلف فڪرن، عقيدن توڙي قومن جي ماڻهن کي هڪ ئي مالا ۾ پوئي ڇڏي ٿو ۽ هو اُنهن جي وچ ۾ تفريق نٿو ڪري ۽ نہ ئي اُنھن لڪيرن کي ليکي ٿو، بلڪه اُنھن لڪيرن کي ميساري ڇڏي ٿو، جيڪي انسانن ڌرتي تي عقيدن ۽ فڪرن جي بنياد تي اڪيريون آھن.

خير چوندا آهن ته زندگيءَ ۾ تڪليفون اينديون آهن، پر گذري به وينديون آهن. هاڻي ڪپتان جو آواز وري ڪنن تائين پهچڻ لڳو آهي. ”اسان جلد ئي اسڪوپيا ايئرپورٽ تي لينڊ ڪرڻ وارا آهيون. سفر ۾ جيڪا تڪليف ڀوڳڻي پئي ان لاءِ معذرت.“ ۽ وري مذاق واري انداز ۾ چيائين، ”ترانا نه سھي، تہ اسڪوپيا ئي سھي. اسڪوپيا به ڏاڍو سٺو شهر آهي.“ مسافرن جو جيڪو اُڀ ۾ ساهه لٽڪيو پيو هو ۽ جيون جو هر پل باري محسوس ٿي رهيو هو، اُهو ڌرتي تي سڪون ماڻڻ لاءِ آتو هو. آخر ايئن ڇو ٿو ٿئي، جو ماڻهو ڌرتيءَ تي وڌيڪ سڪون ماڻي ٿو ۽ ايتري قدر جو موت به ڌرتيءَ تي چاهي ٿو!؟ شايد انهيءَ ڪري جو بنيادي طور تي انسان مٽيءَ جو ئي حصو (جز) آهي ۽ هو شايد مٽي (ڪُل) کي پائي پورڻتا ماڻي ٿو.

هاڻي اسان جو جهاز اسڪوپيا ايئرپورٽ تي لينڊ ڪرڻ لاءِ رن وي تي ڊوڙي رهيو آهي. جيئن ئي جهاز جي انجڻ بند ٿي جهاز آهستي آهستي هلندي بيهي رهيو تہ مسافرن تاڙيون وڄائي پائليٽ جي مهرباني مڃي خوشيءَ جو اظهار ڪيو، بلڪل ايئن جيئن ٻارڙا مداريءَ جي ڊٻڪي تي ڀولڙي جي ڊانس ڏسي تاڙيون وڄائي ڪندا آهن. هيٺ ڌرتيءَ تي ماڻهن جي چهرن تي اُڀريل خوشيءَ جي ريکائن ۽ مٿي اُڀ ۾ ماڻهن جي چهرن تي اُڀريل درد جي ريکائن ۾ مون زندگي ۽ موت جي وچ ۾ وٿي کي ويجهڙائي کان محسوس ڪيو. بهرحال زندگيءَ جو سلسلو ايئن ئي آهي. سو پنهنجو سفر بہ جاري آهي.. …(هلندڙ)…