پاڪستان جي مرڪزي شهرن ۾ عورتن جو عالمي ڏينهن ملهايو ويو

عورتن جي عالمي ڏينهن جي مناسبت سان 8 مارچ تي وفاقي گادي واري هنڌ اسلام آباد سميت ملڪ جي مرڪزي شهرن ۾ سول سوسائٽي، عورتن جي حقن لاءِ ڪم ڪندڙ تنظيمن ۽ شهرين جي طرفان عورت مارچ منعقد ڪيا ويا. پاڪستان جي وڏن شهرن ڪراچي، حيدرآباد، لاهور، اسلام آباد، راولپنڊي، پشاور، ڪوئيٽا، سکر ۽ ملتان سميت ٻين شهرن ۾ به عورتن جي حقن بابت ڪم ڪندڙ تنظيمن عورت مارچ جي حوالي سان ريليون ڪڍيون. واضح رهي ته 8 مارچ جي مناسبت سان عورتن انهن جي خلاف ٿيندڙ تشدد، انهن کي ڪم جي جڳهن تي هراسان ڪرڻ، ڪارو ڪاري  سميت ان جي ٻين مسئلن جي خلاف ملڪ جي وڏن شهرن ۾ مظاهرا به ڪيا. مارچ ۾ شريڪ ٿيندڙن عورتن کي خودمختاري ڏيڻ جو مطالبو ڪندي مختلف پلي ڪارڊز به کنيل هئا. ان موقعي تي عورت مارچ ۾ شريڪ ٿيندڙ عورتن جو چوڻ هو ته اسان پنهنجن بنيادي حقن جي لاءِ روڊن تي نڪتيون آهيون.

0 0 votes
Article Rating
Subscribe
Notify of
guest
0 Comments
Inline Feedbacks
View all comments