خاص

ايندڙ 30 سالن ۾ ڪينسر جي علاج جي عالمي قيمت 25 ٽريلين ڊالر تائين پهچي ويندي

هر مرض جي علاج جي هڪ قيمت هوندي آهي جڏهن ته ڪينسر ان ۾ سرِفهرست ۽ مهانگو ترين علاج آهي، هاڻ هڪ سروي مان معلوم ٿيو آهي ته جيڪڏهن عالمي سطح تي مختلف قسم جي سرطان جي موجوده شرح جاري رهي ته سال 2050 تائين ان جي علاج تي 25 ٽريلين ڊالر جي رقم صرف ٿيندي. جرنل آف آمريڪن ميڊيڪل ايسوسئيشن (جاما) اونڪولوجي ۾ شايع رپورٽ مطابق هيءَ ڳري رقم 2020 کان 2050 تائين دنيا جا سمورا ملڪ خرچ ڪندا، ڇوته ڪينسر جي شرح وڌي رهي آهي ۽ علاج به مهانگو ٿيندو پيو وڃي، تحقيق مطابق 204 ملڪن ۾ 29 قسمن جي ڪينسر مان نو ڪينسر اهڙا آهن جن جو علاج تمام مهانگو آهي، جن تي ان جي اڌ رقم صرف ڪئي پئي وڃي ۽ ڪئي ويندي.