تاريخ جي پيشانيءَ تي لکيل اکر شاهد آهن ته جڏهن به سفارتڪاريءَ جا دروازا بند ڪيا ويندا آهن، تڏهن سمنڊ جي سيني تي جھاز بردار بحري ٻيڙن جا پاڇا نمودار ٿيندا آهن ۽ جبلن جي چوٽين تي ڪروز ميزائيل موت جي پروانن وانگر رقص ڪندي نظر ايندا آهن، اڄ جڏهن وچ اوڀر اسرائيل جي جنگي جنون سبب شعلو بڻجي ويو آهي، تڏهن ڪلاسزوٽس جو اهو قول سچ ثابت ٿي رهيو آهي ته “جنگ رڳو بارود جو نالو ناهي، پر اها سياست کي ٻين خطرناڪ ذريعن سان جاري رکڻ جو فن آهي.” هيءَ جنگ رڳو علاقائي قبضي جي ناهي، پر معاشي ساهه مٺ ۾ ڪرڻ جي هڪ عالمي شطرنج آهي.
اسلام آباد امن ڪانفرنس هن گهري اونداهيءَ ۾ هڪ روشني جي ڪرن هئي، پاڪستان ۽ چين جي گڏيل ڪوششن سان شروع ٿيل امن معاھدي جون ڳالهيون عالمي اڳواڻن لاءِ هڪ وڏو امتحان ثابت ٿيون آهن، اڄ ويٽو پاور رکندڙ ملڪن جو مستقبل هاڻي صرف موت مار هٿيارن جي ذخيرن ۾ ناهي، پر انهن تدبيرن ۾ آهي ته اهي نئين اڀرندڙ طاقتن سان ڪيئن تعاون ڪن ٿا، ايران پاران پيش ڪيل 10 نقطا اصل ۾ هڪ “عالمي امن جو چارٽر” آهن، انهن کي نظرانداز ڪرڻ جو مطلب سڄي دنيا کي هڪ اهڙي معاشي بحران ۾ ڌڪڻ آهي، جنهن مان واپسيءَ جو رستو شايد ئي ڪنهن وٽ هجي، ايران جو پيش ڪيل 10 نقاطي فارمولا، جنهن ۾ لبنان جي بقا کي مرڪزي حيثيت حاصل آهي، لبنان جي سرزمين، جيڪا اڳ ئي گھرو ويڙهه ۽ تڪرارن جي ور چڙهيل آهي، اسرائيل جي زميني، ھوائي، فوجي ڪاررواين ۽ کنڊر بڻجندڙ بستيون هڪ نئين انساني الميي جو اشارو ڏئي رهيون آهن، سي اين اين جي رپورٽ موجب تل ابيب جون ڌمڪيون رڳو بيان نه، پر عملي حڪمت عملي جو حصو بڻجي رهيون آهن، لبنان کي ٻيو غزه بڻائڻ انسانيت لاءِ هڪ وڏو الميو بڻجي سگهي ٿو. اهي واقعا ثابت ڪن ٿا ته وچ اوڀر جي ھي جنگ رڳو سرحدن تي ناهي، پر انساني تھذيبن کي مسمار ڪرڻ جي هڪ وحشياڻي راند بڻجي چڪي آهي. ٻئي پاسي، ايران جي حمايت يافته گروهن خاص طور تي حزب الله جو نئين سر وڌندڙ اثر اسرائيل لاءِ هڪ اهڙي ڌٻڻ بڻجي چڪو آهي، جتي جديد ترين هٿيار به حزب الله مجاھد جي حڪمت عملي سبب بي اثر بڻجي ويا آهن.
اڄ جي دنيا جنهن بحران مان گذري رهي آهي، اهو رڳو سياسي يا سفارتي بحران ناهي پر مغربي سامراج جي ورلڊ آرڊر جي خاتمي جو اڳواٽ اشارو آهي، هينري ڪسنجر جي قائم ڪيل نظام جا بنياد هاڻي پنهنجي آخري پساهن ۾ آهن. اسلام آباد امن معاهدي جي رڪاوٽن ثابت ڪري ڇڏيو آهي ته سفارتڪاريءَ جا پراڻا نسخا هاڻي پنهنجو اثر وڃائي چڪا آهن، نتيجي طور، وچ اوڀر کان وٺي ڏور اوڀر تائين بارود جي بوءِ محسوس ٿي رهي آهي، آمريڪي بحري فوج پاران ايران جي سامونڊي گهيري جا سانباها آھن ايران پاران آبنائي هرموز تي ٽيڪس لڳائڻ وارو فيصلو عالمي تجارت لاءِ هڪ نئون گري زون وارفيئر چئلينج آهي. ايران پاران هي ٽيڪس رڳو ايراني ريال يا چيني يوآن ۾ وصول ڪرڻ جو فيصلو سڌي طرح ڊالر جي مستقبل تي وار آهي، جيڪو هڪ ملٽي پولر دنيا جي اڀرڻ جي واضح عڪاسي ڪري ٿو. هن منظرنامي ۾ ترڪيه جو وڌندڙ فوجي اثر ۽ ڊرون ٽيڪنالاجي خطي ۾ طاقت جي توازن کي هڪ نئون رخ ڏنو آهي. ٻئي طرف لبنان جي سرزمين، جيڪا اڳ ئي گھرو ويڙهه جي المين جي ور چڙهيل آهي، اتي اسرائيلي بمباري لبنان کي هڪ ٻيو غزه بڻائي ڇڏيو آهي، پر هيءَ جنگ هاڻي رڳو روايتي ناهي رهي آرٽيفيشل انٽيليجنس، سائبر وارفيئر ۽ سيٽلائيٽ ٽيڪنالاجي ذريعي دشمن جي بينڪنگ سسٽم ۽ مواصلاتي نظام کي هڪ بٽڻ سان مفلوج ڪرڻ ممڪن بڻجي ويو آهي.
وچ اوڀر هاڻي صرف تيل جو ذخيرو ناهي رهيو، پر هي نئين عالمي نظام ملٽي پولر جي نظام جي جنم ڀومي آهي، جتي هڪ طرف آمريڪا جو ذلت آميز فرار آهي ته ٻئي طرف چين، روس، ايران ۽ پاڪستان جو اڀرندڙ اثر آهي. پاڪستان هن نازڪ وقت ۾ سعودي عرب سان پنهنجي دفاعي معاهدن کي هڪ نئين اسٽريٽجڪ شيلڊ جي صورت ڏئي رهيو آهي. سعودي عرب ۾ پاڪستاني هوائي طاقت، ايئر ڊفينس ۽ اليڪٽرانڪ وارفيئر دستن جي مقرري خطي جي دفاع کي نئين استحڪام ڏيڻ جي ڪوشش آهي، معاشي شطرنج جي هن راند ۾ باب المندب کان وٺي هرمز جي لهرن تائين، چين جو وڌندڙ اثر ۽ ايران جو بارٽر سسٽم آمريڪي پابندين جي ديوار کي ٽوڙي چڪو آهي، وچ اوڀر نئين عالمي نظام جي جنم ڀومي بڻجي اڀري رھيو آهي، دنيا جي وڌندڙ آبادي موسمياتي تبديلي جا اثر ۽ وسيلن جي کوٽ جي هن دور ۾، مذهب ۽ رنگ جي فرق کان مٿانهون ٿي، تھذيبن جي ميلاپ تي ٻڌل هڪ نئين عالمي نظام کي ڀليڪار ڪرڻ لاءِ تيار ٿي رهي آهي. جيڪڏهن اسان اڄ به هڪ نئين تهذيبي شعور کي جنم نه ڏنو، ته پوءِ تاريخ اسان کي رڳو تباهيءَ جي داستان طور ياد رکندي، تاريخ جو قلم، جيڪو تلوار کان تيز ۽ تير کان تکو لکي رهيو آهي ته ايندڙ دور رڳو هٿيارن جو ناهي، پر معاشي خودداري ۽ تهذيبي شعور جو هوندو. جيڪڏهن اڄ اسان مذهب، رنگ ۽ نسل جي فرق کان مٿانهون ٿي هڪ نئين انساني شعور کي جنم نه ڏنو، ته پوءِ تاريخ اسان کي رڳو تباهيءَ جي داستان طور ياد رکندي.