پاڪستان جي پارليامينٽ جو آخري مرحلو يعني صدر جي چونڊ خير خوبي سان ٿي وئي آهي. جناب آصف علي زرداري واضح اڪثريت سان چونڊ کٽي ملڪ جو 14هون صدر بڻجي ويو آهي. هڪ سويلين پاڪستان جو ٻيون دفعو صدر ٿيڻ جو اعزاز پڻ آصف علي زرداري ماڻي ورتو.
صدارتي چونڊ کان پهرين واضح هو ته اتحادي جماعتن جو گڏيل اميدوار آصف علي زرداري چونڊ ضرور کٽيندو ۽ ائين ئي ٿيو. ڇو ته بلوچستان اسيمبلي، سنڌ اسيمبلي، پنجاب اسيمبلي ۽ گڏيل پارليامينٽ ۾ اتحادي جماعتن کي اڪثريت حاصل آهي. صرف خيبرپختونخواهه اسيمبلي مان محمود خان اچڪزئي کي آصف علي زرداري جي مقابلي ۾ تمام گهڻا ووٽ مليا، جيڪو به ائين ئي ٿيڻو هو. هن وقت ملڪ جي پارليامينٽ مڪمل ٿي چڪي آهي. پارليامينٽ، سينيٽ، قومي اسيمبلي ۽ صدر پاڪستان کي چيو وڃي ٿو. سنڌ صوبي سان واسطو رکندڙ بقول آصف زرداري جي ڪمزور ڊوميسائل واري صوبي جو رهواسي پنهنجي سياسي بصيرت جو انتهائي عمده استعمال ڪري ٻيون دفعو صدارتي منصب حاصل ڪيو آهي. پاڪستان جو عوام خاص طور تي سنڌ جو عوام کيس واڌايون ڏئي ٿو. سياست ۾ اهو ئي ماڻهو ڪامياب هوندو آهي، جنهن جا فيصلا وقتائتا هوندا آهن. جيڪو مستقبل جي پيش بندي ڪرڻ ۾ ماهر هوندو آهي. مفاهمت ۽ سياسي لين دين پڻ سياست ۾ اهم ڪردار ادا ڪري ٿي ۽ اهي سڀئي خوبيون آصف علي زرداري ۾ ملڪ جي ٻين سياستدانن کان وڌيڪ موجود آهن. جنهن جو مظاهرو اسان کي تازين چونڊن ۾ ٿيندي پڻ نظر آيو. پيپلز پارٽي صدارتي عهدو ماڻڻ جي خوشي ۾ لاهور ۾ جشن ملهائي رهي آهي. هڪ اها پارٽي جيڪا صرف سنڌ جي ٻهراڙي وارن علائقن تائين محدود ٿي وئي هئي، انهيءَ پارٽي کي ٿيندڙ چونڊن ۾ قومي اسيمبلي جون 54 جنرل سيٽون مليون. اهي 54 جنرل سيٽون اهڙو انگ نه هو جيترا عهدا پيپلز پارٽي حاصل ڪري چڪي آهي. صدر پاڪستان جو عهدو پيپلز پارٽي وٽ، ڊپٽي اسپيڪر قومي اسيمبلي جو عهدو پيپلز پارٽي وٽ، سنڌ ۽ بلوچستان جون حڪومتون پيپلز پارٽي وٽ، سينيٽ جي چيئرمين شپ پيپلز پارٽي کي ملندي، چئن صوبن مان ٻن صوبن جا گورنر پيپلز پارٽي جي حصي ۾ آيا ته پوءِ اسان انهيءَ کي آصف علي زرداري جي ڪاميابي ضرور ڪوٺينداسين. پيپلز پارٽي کي ته گهڻو ڪجهه ملي ويو. ڏسڻو اهو آهي ته سنڌ جي عوام کي ڇا ملندو؟
سنڌ صوبو جيڪو معدني دولت سان مالامال آهي. سامونڊي بندرگاهه، سنڌ صوبي اندر ملڪ جو وڏي ۾ وڏو شهر، گئس، پيٽروليم جو پڻ وڏو حصو هن صوبي مان حاصل ٿئي ٿو ۽ گذريل 15 سالن کان پيپلز پارٽي جي حڪومت، جنهن کي 5 سال ٻيا به ملي ويا آهن. صوبي جي حالت اسان سڀني جي سامهون آهي. عوام کي صاف پاڻي خريد ڪرڻو ٿو پوي. جنهن وٽ پاڻي خريد ڪرڻ جي طاقت نه آهي، اهو گندو پاڻي استعمال ڪري ٿو، جنهن مان غريب عوام کي ڪيتريون ئي بيماريون ٿين ٿيون. هيپاٽائٽس سي گندي پاڻي واپرائڻ جو وڏو سبب آهي. هن وقت سنڌ صوبي ۾ هڪ اندازي مطابق 80 لک کان مٿي ماڻهو انهيءَ مرض ۾ مبتلا آهن. ٻهراڙين کي ڇڏيون ٿا، شهرن طرف نظر ڦيرايون ٿا ته شهر گندگي جو ڍير نظر اچي رهيا آهن. گندگي جي ڪري پيدا ٿيل مڇر ۽ انهي مان مليريا جهڙي وبائي بيماري وقت بوقت سنڌ جي عوام کي آزاريندي رهي ٿي. امن امان جي صورتحال اهڙي آهي جو قانون جو خوف ڪنهن کي به نه آهي، هر روز ڌاڙا، اغوا، ڦرون ۽ قتل معمول بڻيل آهن. ڪيترن ڏوهن جي ته ايف آئي آر داخل نه ٿي ٿئي ۽ جيڪڏهن ٿئي ٿي ته مجرمن کي سزا نه ٿي ملي. بيروزگاري انتها تي پهتل آهي جيڪي نوڪريون سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن جي ذريعي ميرٽ تي ملڻ گهرجن، انهن نوڪرين جو نيلامِ عام ٿئي ٿو. غريب شاگرد جيڪو هوشيار پڻ آهي، پر انهن وٽ نيلامي ۾ حصو وٺڻ جي لاءِ پئسو نه آهي، انهيءَ ڪري انهن نوڪرين جو حصو غريب پر هوشيار شاگرد کي نه ٿو ملي، جن وٽ پئسا آهن اهي ڪروڙين رپيا ڏئي نوڪريون وٺن ٿا ۽ پوءِ رشوت خوري جي ذريعي ڏنل پئسن کان ڏهوڻا پئسا ڪمائن ٿا، جنهن جي ڪري صوبي جي غريب عوام جي حالت بجاءِ سڌرڻ جي بد کان بدتر ٿيندي رهي ٿي، پر ڇو ته حڪمران هڪ دفعو وري به پيپلز پارٽي جا ٿي چڪا آهن، ته پوءِ سنڌ جي عوام کي اميد به انهن مان آهي.
ماضي جا 15 سال وسارڻ جي لاءِ عوام تيار آهي، انهيءَ اميد سان ته ايندڙ 5 سال سنڌ صوبي کي بهتر حڪمراني نصيب ٿيندي، نظر ته مشڪل ٿو اچي، پر اميدن تي دنيا قائم آهي ۽ سنڌ جو عوام به اهڙي اميد رکي ٿو.