بلاگنئون

ٻيڙي جي پتي جي اسمگلنگ، ٻيڙين جا ٻاڌارا ۽ ڀانڊا

ٻيڙي جو پتو يا پن ٿر ۾ شروع کان جڏهن هندستان جو ورهاڱو نه ٿيو هو تڏهن به هاڻوڪي انڊيا جي ڪڇ علائقي مان ٿر ڏانهن ايندو هو، ان پتي  کي اوڙيسا پتو چوندا هئا، شايد اهو اوڙيسا جي علائقي ۾ ٿيندو هو. بعد ۾ جڏهن بارڊر تي سختي ٿي ته به غير قانوني طور تي اسمگلنگ ٿي ٻيڙي جو انڊين پتو ايندو هو، انهن پنن جي اسمگلرن کي ٿر ۾ پنائي چيو ويندو هو. هونئن ته ٿر جي رڻ ڪڇ سان لڳندڙ بارڊر تان ورهاڱي بعد اسي تائين اچ وڃ رهي. وچ ۾ ايڪهتر جي جنگ کانپوءِ ڪجھ سالن تائين سختي رهي، پر اها ٻنهي طرفن کان صرف ڏيکاءُ خاطر هوندي هئي. بعد ۾ به 2002 تائين مشرف دور تائين جيستائين بارڊر تي تار لڳي اوستائين به اسمگلنگ ٿيندي رهي، پر ٻيڙي جي پن جي اسمگلنگ نه هئي ۽ رحمڪي بازار کان ننگرپارڪر تائين رڻ ڪڇ ۽ ٿر جي وچ ۾ ڪٿي گهٽ ڪٿي وڌ مفاصلو آهي، پر ڪٿي ڪٿي خطرناڪ ڌٻڻيون، لوڻ جا سن، ٻيٽاريون آهن. ڪٿان ڪٿان وري رڻ جي پاڪستاني پيلرز (بارڊر) جي وچ ۾ مفاصلو ٿورو آهي. دراصل جيڪڏهن ان بارڊر کي ڏسبو ته هي عجيب ورهاڱو آهي. سڌي لڪير بدران ڏنگيون ڍڳي جي مٽ جي لڪير وانگر اڌو اڌ ٿيل آهي، سو ٿر جو ڏيپلو شهر انهن ”پنائين” جو مرڪز هو. ڇو ته هڪ ته هي ڪڇ جي علائقي کي ويجهو هو ٻيو قدرتي طور تي ڏيپلي جي ڳوٺن جت ترائي ۽ ٻلهياري ڀرسان ڪڇ جو رڻ ننڍو ٿي ويندو آهي. اٺن تي پن کڻي بارڊر جي ايس پي آر (هاڻ رينجرز) جي چوڪين کان پاسو وٺي ڏيپلي شهر پهچندا هئا، جتان پوري سنڌ ۾ اهو انڊين پن وڪرو ٿيندو هو. ان اسمگلنگ ۾ اهي ان ٻيڙي جي پتي سان گڏ لونگ، الائچي، دالچيني، انڊين ڪپڙو، انڊين شراب به آڻيندا هئا. ٿر ۽ ڪڇ نه صرف تهذيبي رشتن ۾ ڳنڍيل آهن، پر تقريبن هر قبيلي جي رشتيداري جو اڻ ٽٽ تعلق ٻنهي طرفن ۾ آهي. اهي رت جا رشتا ان ڪم ۾ وڏي مدد ڪندا هئا. پار اڪرڻ بعد ڳوٺن ۾ لڪائڻ، ترسائڻ، ماني ٽڪي اٺن کي آهر وغيره ڏيڻ، سامان خريد ڪري روانو ڪرڻ تائين يا مقامي بي ايس ايف سان معاملا طئي ڪرڻ جو ڪم ڪندا هئا. اتان پتو خريد ڪري ڏيپلي شهر جي ڀرسان يا شهر ۾ ئي مخصوص ٺڪاڻن تي پهچايو ويندو هو، جتان باقي خريدارن کي جن سان رابطو هوندو هو، انهن کي ڏنو ويندو هو يا مٺي، ڏيپلو يا نئون ڪوٽ جي هول سيلرن کي پهچايو ويندو هو، جتان ڏاکڻي سنڌ ۾ وڪرو ٿيندو هو. ان وقت پتي جي ٻيڙي ته کلي عام وڪرو ٿيندي هئي، پر پتو ڪٿي به پڪڙجي پوندو هو ته ڪيس داخل ٿيندو هو. پوءِ جڏهن اهو ساڳيو پتو پاڻي جي جهازن ۾ قانوني طريقي سان اچڻ شروع ٿيو ته انهن پناين کي پنهنجي ڪاروبار کي ڪپڙي، مصالحن، انڊين شراب سميت ٻين شين جو متبادل ڏيڻو پيو. انهن پناين جون ڪچهريون، فورسن کان ڀڄڻ، رڻ پار ڪرڻ، پنهنجي اٺن جي واکاڻ ڪرڻ، چوويهي رڻ مان انڌيرين راتين ۾ رڻ اڪرڻ، سنگت، دوستين جا قصا ڪچهرين ۾ وڌاءُ سان ٻڌائڻ جو رومانس هاڻ ڪٿي رهيو آهي.

پتي جون ٻيڙيون ڪنهن وقت ۾ هر عام خاص جي تماڪ نوشي جي علت جي پوري ڪرڻ جي ڪم اينديون هيون ان کان اڳ سنڌ ۾ ٺڪر جي ڀونگري بعد ۾ 60ع ۾ پنجابي سيٽلرن جي اچڻ بعد حقي جو استعمال به ڪٿي ڪٿي ٿيڻ لڳو. اصل ۾ جڏهن انسان جڏهن کان نشن جو استعمال ڪيو ته ان ۾ هن تجربا ڪرڻ شروع ڪيا بي آرامي کي ختم ڪرڻ لاءِ ۽ سڪون جي تلاش ۾ شراب، چرس، آفيم، ڀنگ، هيروئن، آئيس، نشي آور گوريون، شيشو، سگريٽ، ٻيڙيون، حقو، نسوار، سوپاريون ۽ ناس به نشي طور استعمال ڪيون آهن. اڄ وارو نوجوان اي سگريٽ، فلٽر سگريٽ ۽ آئيس وارو نشو عام استعمال ڪري رهيو آهي. اڳوڻي وقت ۾ جڏهن سگريٽ صرف پئسي وارا پيئندا هئا يا سگار استعمال ڪندا آهن.

ڪو وقت جو سگريٽ مهانگا ۽ ڪنهن خاص ماڻھو جي پهچ ۾ هوندا هئا پوءِ جڏهن سگريٽ عام ٿيڻ لڳا ۽ سگريٽ ڪمپنين هلڪي ڪوالٽي وارا سگريٽ بنائڻ شروع ڪيا جن ۾ فلٽر نه هوندو هو بعد ۾ فلٽر به لڳايو ۽  سگريٽ ڪمپنين پنهنجي مشهوري لاءِ وڏيون اسڪرينون لڳائي فلمون ڏيکاري ماڻهن کي مفت ۾ سگريٽ ڏئي عادي بنائڻ جي ڪوشش ڪئي هئي، جيئن ڏيپلي ۾ منهنجي يادگيري ۾ ميڊل سگريٽ وارن هڪ ڀيرو اترئين وٿاڻ لڳ لوھاڻا محلي ۾ فلم شو لڳائي وڏي اسڪرين تي ماڻهن کي پهريون ڀيرو ڊوڙندڙ چرندڙ ڦرندڙ ڦوٽو ڏيکاري حيران ڪيو هو ۽ مفت ۾ سگريٽن جا سوين پئڪيٽ ورهايا هئا ۽ ڪمپني پنهنجو ڊيلر شهر ۾ مقرر ڪيو هو، ائين ٻيڙين جا ڪيترائي موالي ٻيڙيون ڇڏي سگريٽ پيئڻ لڳا، پر ٻهراڙين جي ماڻهن جو ٻيڙين ڏي رجحان برقرار رهيو جيڪو مشرف دور ۾ سستي سگريٽن جي ڪمپنين جي ڌڙا ڌڙ سگريٽ مارڪيٽ ۾ آڻڻ ۽ هڪٻئي سان مقابلي بعد هاڻ ٻيڙيون پيئڻ وارا ڪي نالي ماتر رهيا آھن. وقت سان گڏ ٻيڙيون ٻڌڻ وارو ڪم آهستي آهستي گهٽجي رهيو آهي، ڇو ته سگريٽ جو واهپو وڌي رهيو آهي ان هوندي به ڪي پوڙها  ٻيڙيون استعمال ڪري رهيا آهن.

جڏھن ته عام خلق مزدور طبقا وري پن واريون ٻيڙيون جن کي پتي جون ٻيڙيون چئبو آهي جو  استعمال ڪندا هئا، جيڪي سنڌ جي هر شهر ۾ مقامي طور تي تيار ٿينديون هيون. ساڳي طرح ڏيپلو شهر ۾ ٻيڙيون ٻڌڻ جي ڀانڊن (ٻيڙين جي دڪانن کي ڀانڊا چيو ويندو آهي) تي ڪيترائي  ڪاريگر هئا ۽ آهن جن جي هٿن جون ٺهيل ٻيڙيون علائقي ۾ مشهور  هيون. جڏهن ته انهيءَ وقت شاهه ڪاريگرن جي هٿن سان تيار ٻيـڙين جي وڏي گهرج هوندي هئي ۽ سندس لئه هوندي هئي، ڪيترن جا پنهنجا دڪان هئا يا ڪنهن سيٺ وٽ ملازم هئا، پر سندس وڏي لئي هوندي هئي. مختلف سيٺيون آڇون ڪري سوٿي ڏئي پاڻ وٽ ملازم رکندا هئا، جيئن سندس دڪان جون ٻيڙيون وڌيڪ وڪرو ٿين يا انهن جي دڪان جو نالو ٿئي ۽ موالي ٻيڙيون هٿ مان سڃاڻندا هئا ته هي ٻيڙي ڪهڙي ڪاريگر جي تيار ٿيل آهي يا ٻيڙين تي ٻڌل ڌاڳي جي رنگ مان سڃاڻندا هئا ته ڦلاڻي ڀانڊي جون ٻيڙيون آهن

ڏيپلي جي ڪجھ مشهور ٻيڙي ٻاڌارن، ڪاريگرن جا نالا ڪارو ڪلر، سڄڻ مڱڻهار، متارو مڱڻهار، سومار لنگهو، مصري ميگهواڙ، ميوو ميگهواڙ، اڪبر جاني، رفيق ڪلر، رياض ڪلر آهن، جن مان ڪجھ حال حيات آهن ڪيترائي زنده آهن ۽ ٻي ڪا مزدوري ڪن ٿا. ڳوٺ ڍنڍ جي سيد ٻاڌارن بابت مشهور هو ته اهي ٻيڙين کي ٻڌڻ ۾ تيز هوندا هئا، هڪ ئي ڄڻو تاريخ ۾ ساڍا ٽي هزار کان چار هزار ٻيڙيون ٻڌي ويندو ھو. هڪ هزار ٻيڙين جي مزدوري ان وقت سترنهن رپيا هئي هن وقت هڪ هزار ٻيڙين جي مزوري 500 رپيا آهي.

ٻيڙين ۾ مختلف قسم جو تماڪ استعمال ٿيندو آهي. تماڪ جا ڪيترائي قسم آهن، جن مان تاج، حيدري، وقار، موتيو هاڻ ته نوان قسم به آيا آهن. ڏيپلي ۾ خاص طور تي حيدرآباد جي شاهي بازار جي مشهور تماڪ ڊيلر فدا حسين اينڊ برادر جي تماڪ هلندي هئي، تقريبن هر دڪان تي ان جو مال ايندو هو. فدا حسين واري دڪان جو ڊيلر مهيني وصولي لاءِ به ايندو هو. هن وقت ڪن ٻاڌارن جي بقول ته ڦاروي جو پن پڻ استعمال ٿي رهيو آهي. باقي قانوني طور تي ڪراچي ۾ اچي ٿو اتان کان پوري سنڌ جا هول سيلر خريد ڪندا آهن. ٻيڙي جي پتي جا پنج ڪلي جا پڙا ڌار ڌار ٻڌل هوندا آهن. ان وقت اهو پنج ڪلو سئو رپيا بعد ۾ ٻه سئو تائين هو اڄ جڏهن کليل مارڪيٽ مان پنج ڪلي جي پڙي جو اگھ معلوم ڪيو ته ويھ هزار رپيا ملي ٿو.

ٻيڙيون ٻڌڻ لاءِ هي سامان استعمال ٿيندو آهي. پن ڪٽڻ لاءِ هٿوڙو ۽ ترو، تماڪ، پن، ديھڙي، پن ڪٽڻ لاءِ ڪئنچي ۽ ٻيڙي جو منهن ٻڌڻ لاءِ ڪيترائي ڪاريگر چاقو، چهنبدار ڪاٺي يا وري ڪجھ ڪاريگر پنهنجي اشهد آڱر وارو ننهن به استعمال ڪندا آهن. ڏيپلو شهر ۾ ٻيڙين جا چار  قسم تيار ٿيندا هئا، هڪڙو قسم وڏي ٻيڙي، ننڍي ٻيڙي ۽ ٽيون قسم فرمائش واري ٻيڙي، چوٿون چورس ٻيڙي. فرمائش واري ٻيڙي وڏا ماڻهو، شوقين ماڻهو پنهنجي پسند تي سنهڙي ۽ ڊگهي ٺهرائيندا هئا، ٻيڙي جو هي قسم عام طور تي تيار ناهي ٿيندو، پر آرڊر ٿي ٺاهي ويندي هئي، شايد ان ڪري ان تي نالو ئي فرمائش رکيو ويو.

ان دور ۾ ڪجھ ماڻهو سگريٽ ۽ ٻيڙيون رکڻ لاءِ لوهي چادر واري دٻلي به ٺهرائيندا هئا. پئسن وارا چاندي جو دٻليون به ٺهرائيندا هئا، جيئن پرڏيھ ۾ سگريٽ ڪيس ٺهيل هوندو آهي. هاڻ مختلف شاپنگ مالز تي مختلف ڊزائين وارا سگريٽ ڪيس ۽ لائيٽر ملن ٿا جيڪي شوقين خريد ڪري ڊرائنگ رومن يا اوطاقن ۾ رکن ٿا. ڏيپلي جي ٺهيل ٻيڙي مشهور هوندي هئي جيڪا شوق سان ڇڪي ويندي هئي. هتي جي ڪاريگرن جي مشهوري الڳ ۽ نرالي هئي جن ۾ خاص طور پن جي ڪوالٽي، تماڪ يا ٻڌ کي ڏٺو ويندو هو. 80 واري ڏهاڪي ۾ هڪ هزار ٻيڙي ٻڌڻ جي مزدوري پندرنهن رپيا ملندي هئي ۽ سٺا ڪاريگر ڏهاڙي 2 هزار کان 25 سئو ٻيڙيون تيار ڪندا هئا. ٻيڙين جي ڪاريگر جيرام موجب ان وقت ٻيڙين ٻڌڻ جا مقابلا به ٿيندا هئا، هڪٻئي سان شرطون لڳائي مقرر وقت ۾ ٻيڙيون ٻڌڻ، انهن جون جوڙيون ٺاهڻ، وري انهن کي پنجويھ جهوڙين جي ٻانڌي (اخبار ۾ پيڪ ڪرڻ) پئڪ ڪري ٻڌڻ جا ڪڏهن ڪڏهن صرف ٻيڙين ٻڌڻ جا مقابلا ٿيندا هئا.

ٻيڙين جي ڀانڊن جو ماحول الڳ هوندو هو صبح سوير اچي هر ڪاريگر سيٺ کان تماڪ تورائي ۽ رات جو پسايل پتا جيڪي پسيل ڳوڻ جي ٽڪري ۾ ويڙهيل هوندا هئا کڻي پنهنجي الڳ رکيل ڇٻي ۾ رکي ويهي ڪم شروع ڪندا هئا. ڀانڊن ۾ ان وقت سيلن تي يا بيٽري تي ٽيپ رڪارڊر، ريڊيو به هوندو جيڪو اذان کانسواءِ بنا وقفي جاري رهندو هو. ٻاڌارا ڪچهري، کل ڀوڳ، هڪٻئي کي ٽوڪون خوشطبعي سان ٿڪ ڀڃڻ جي ڪوشش ڪندا هئا. ڏيپلي شهر ۾ ٻيڙين جي ڀانڊن جا ڪجھ مشهور مالڪن جا نالا جيڪي معلوم ٿيا اهي هي آهن: جهامن لوھاڻو، ڪرمون لوهاڻو، سڪيلڌو ميمڻ، ابدڪلر بخشو لنگهو، لال ڪلر، ڪرشن راگهاڻي، اسماعيل ڪلر، نواز ڪلر ڪنڊيڪٽر، غمگين ڪلر، کاٽائو ساڌو سرائي، صديق ڪلر، هارون پچارو ۽ ٻيا سيٺ هئا. پن ۽ تماڪ جي دز سبب اڪثر ٻاڌارا سلھ جي بيماري جو شڪار ٿي پوندا هئا ته ڊاڪٽر حاجي شفيع محمد ميمڻ کين ان ڪم کان منع ڪندو هو، پر اڪثر جو اهوئي روزگار جو ذريعو هوندو هو.

ٻيڙين ٻڌڻ جو طريقيڪار:

ڪاريگر ايندڙ ڏينهن جي تياري ڪرڻ لاءِ رات جو پنن کي پاڻي ۾ پسائي رکندا هئا پوءِ صبح جو انهن کي ڪٽيندا هئا ۽ ڪٽڻ کانپوءِ وري سڪائيندا هئا ان کانپوءِ وري ايندڙ مرحلي ۾ ڪاٺ جي ٺهيل ڌمڪ سان انهن پنن کي ڪُٽي انهن کي لسو ڪندا هئا، ان کانپوءِ اهي پن ٻيڙي ٻڌڻ لاءِ تيار ٿيندا هئا ان کانپوءِ ئي ٻيڙيون ٻڌڻ شروع ڪندا هئا ۽ ڪاريگر 25 ٻيڙين جي جوڙي ٺاهيندا هئا. ڏيپلي ۾ 80 واري ڏهاڪي ۾ هي مشهور ڀانڊا هوندا هئا جتي ڪيترائي مشهور ڪاريگر ڪم ڪندا هئا، ان دور ۾ موالي ڌاڳي تي سڃاڻندا هئا ته هي ڪهڙي ڀانڊي جي ٺهيل آهي، جيئن سائو ڌاڳو واري ڀانڊي تي استعمال ٿيندو هو ته ڪرمون واري ڀانڊي تي تيار ٿيندڙ ٻيڙين تي وري اڇو ڌاڳو استعمال ڪيو ويندو هو. لڳي ٿو ته هيءَ صنعت به آهستي آهستي ختم ٿي ويندي، نوجوان نسل سگريٽ فيشن طور استعمال ڪرڻ لڳو آهي ۽ ٻيا ڪيترائي عجيب غريب نشا اچي ويا آهن. شروعات ۾ ٻيڙي جي صنعت کي نقصان پهچائڻ لاءِ سگريٽ ڪمپنين جا ميٽني شوز مفت سگريٽ جو پاڪيٽ ماچس سان گڏ يا سگريٽ جي ڪارٽون يا ڏھ پاڪيٽ خريد ڪرڻ تي گهڙيال، ريڊيو، ٽيپ رڪارڊر جون اسڪيمون ڏئي سوگهو ڪيو ويو.

ٻيڙي جي ڪاريگرن جي يونين به هوندي هئي، پر ايتري مضبوط نه هوندي هئي. نوي جي آخري سالن ۾ ٽنڊوباگو ۾ رفيق کوسي نالي ٻيڙي جي ڪاريگر جي موت بعد سندس دوست ٻيڙي ڪاريگر عارب لوهار جي علامتي بک هڙتال جيڪا سالن جا سال هلي هن تمام گهڻي شهرت ماڻي. ان کي ڏسي ڏيپلي ۾به يونين جو شوق جاڳيو هو، ڪاريگرن تنظيم سازي ڪئي هئي. بهرحال هيءَ صنعت پنهنجي اوج تي پهچي هاڻ  واپس گمنامي ڏانهن وڃي رهي آهي.

***