سائنسدانن پاران هڪ نئون سيارو دريافت ٿيڻ جو اعلان
آمريڪي سائنسدانن چيو آهي ته هنن اسان جي سولر سسٽم جي ڀرسان هڪ سولر سسٽم جو اٺون سيارو ڳولهي لڌو آهي. ان سولر سسٽم جو نالو ڪيپلر 90 آهي.هنن چيو ته اهو سيارو ڳولهڻ ۾ ڪمپيوٽرن انهن جي وڏي رهنمائي ڪئي آهي. هي سيارو پنهنجي سج کان ٽئي نمبر تي هجڻ ڪري پنهنجو چڪر 14 ڏينهن ۾ مڪمل ڪري ٿو ۽ ان تي گرمي پد 427 ڊگري سينٽي گريڊ آهي. سائنسدانن چيو آهي ته ڪمپيوٽر هن ڏس ۾ انسانن جي جيڪا مدد ڪئي آهي اهو ڪم انسان پاڻ سوين سال ۾ ئي ڪري سگهن ها. سائنسدانن هاڻي ساڳيا ڪمپيوٽر استعمال ڪندي وڌيڪ 150000 ستارن تي تحقيق ڪندا جنهن مان نيون دنيائون به ملڻ جو امڪان موجود آهي.