ادبڪهاڻيوننئون

ٽو بي اور ناٽ ٽو بي!

“شيڪسپئير” جي جڳ مشهور ڊرامي جوليس سيزر جو هڪ منظر آهي، سيزر سينيٽ ۾ اچي ٿو، سينيٽر هن تي ڇرن سان وار ڪن ٿا. ڦٽيل سيزر مڙي سينيٽرن ڏانهن ڏسي ٿو ۽ مرڻ ڪنڌي تي هن واتان ٽي لفظ نڪرن ٿا: يو ٽو بروٽس…!“ پروفيسر افضل آخري ڀيرو ليڪچر هال ۾ بيهي سئو کان مٿي شاگردن کي ليڪچر ڏيڻ لڳو. هن کي انگريزي جي ان عظيم شاعر ۽ ڊراما نويس سان ڄڻ عشق هو. هن لڳ ڀڳ ٽيهن سالن تائين شاگردن کي شيڪسپيئر جي المين کي سمجهائيندي ۽ انهن جي تشريح ڪندي گذاري ڇڏيا هئا، پر هن ٽيهن سالن ۾ هڪ ڳالهه عام ڏٺي هئي. هو جڏهن ليڪچر پورو ڪندو هو ته کيس لڳندو هو ڄڻ هن اهو ليڪچر ڀتين کي ٻڌايو هجي يا خالي ڪرسين کي ٻڌايو هجي يا بوتن کي ٻڌايو هجي. هن ٽيهن سالن ۾ اهڙو هڪ به شاگرد نه ڏٺو جنهن هٿ مٿي ڪري هن کان ڪو سوال ڪيو هجي. شاگردن جي اهڙي روش ڪري هن کي هڪ گهڻي وقت کان اهو احساس ٿيڻ لڳو هو ته هن جي ڳالهين ۾ ورجاءُ اچي چڪو آهي ۽ هو گهڻي وقت کان شاگردن کي ڪابه نئين ڳالهه ٻڌائي نه سگهيو آهي. جيتوڻيڪ هن ڪيترن ئي شاگردن جي ريسرچ پيپر لکڻ ۾ مدد ڪئي هئي. ان هوندي به اهو احساس هن کي ڏڪائي ويندو هو. ڪٿي نه ڪٿي اهو احساس ندامت ۾ بدلجڻ لڳو هئس. هو سدائين نئين علم ۽ نئين خيال جي ڳولا ۾ رهيو هو، پر وقت گذرڻ سان ڄڻ هو جمود جو شڪار بڻجي چڪو هو. ان جو هڪ ڪارڻ شاگردن سان ڀريل ڪلاس مان ڪو هڪ شاگرد به اهڙو نه هو جيڪو هٿ مٿي ڪري هن کان سوال پڇي.
پنهنجي ٽيهن سالن جي ان ڊگهي ڪيريئر ۾ هڪ ڏينهن به اهڙو نه هو جو هو يونيورسٽي بنا شوشا ڪئي آيو هجي يا نيري رنگ جي ٽو پيس سوٽ تي مخلتف شيڊن وارين ٽاين بنا آيو هجي. ڪئمپس تي سڀني جو هن لاءِ هڪڙو ئي خيال هو: ”گريس فل پرسنلٽي..“ هن جا شاگرد اڪثر چوندا رهيا آهن: ”سر افضل جڏهن به ليڪچر ڏيڻ بيهندو آهي ته سندس آواز ڪلاس جي هر ڪنڊ ۾ گونجندو آهي.“ هن لاءِ اهو به مشهور هو ته ليڪچر دوران ڪڏهن به سندس منهن تان معصوم مرڪ نه ويندي آهي ۽ ايئن لڳندو هجي ڄڻ هو پنهنجي ئي آواز کي ٻڌي تسڪين وٺندو هجي. ان آخري ڏينهن به سندس منهن تي اها ئي معصوم مرڪ هئي. هن ليڪچر جاري رکندي چيو:
”سيزر جو اهو جملو ”يو ٽو بروٽس“ ان ذاتي مفاد ڏانهن اشارو ڪري ٿو جنهن کي حاصل ڪرڻ لاءِ هو ڪنهن به حد تائين وڃي سگهي ٿو. سيزر بروٽس کي پُٽ جيان پاليو ۽ پنهنجو اثر هلائي کيس سينيٽ ۾ آندو، پر ان جو نتيجو اهو نڪتو جو بروٽس ئي هن جي پٺيءَ ۾ ڇرو کپائي ڇڏيو. اوهان پنهنجو ئي مثال وٺو اوهان کي لڳندو ته اوهان پنهنجي دوستن يا مٽن مائٽن وٽ ڪل ڪائنات هوندا، اوهان سان سهڻي نموني ملندا، هر ڳالهه ۾ اوهان کي اهميت ڏيندا ۽ اوهان کي ايئن محسوس ڪرائيندا ڄڻ اوهان بنا هي ڪار وهنوار رڪجي ويندو، پر اهو رڳو ايتري تائين هلندو رهندو جيتري تائين اوهان انهن جي ذاتي مفادن جي راهه ۾ رنڊڪ نٿا بڻجو. جيئن ئي اوهان هنن جي ذاتي مفادن جي راهه ۾ آيا اهي اوهان تي پنهنجو اصل روپ نروار ڪندا. اوهان حيران ٿي ويندا ته هي ماڻهو ايئن به ڪري سگهي ٿو. اوهان ڪنهن ڦٽيل ويڙهاڪ جيان ڪنهن ريگستان ۾ تپندڙ سج هيٺان گوڏن ڀر ويهي رهندا ۽ دشمنن جي گهيري ۾ هوندا. اوهان کي اهو به سمجهه ۾ نه ايندو ته اوهان آخر هن جنگ ۾ ڪهڙي مقصد سان آيا؟ اوهان کي ”گريٽر گڊ“ جو لالي پاپ ڏيئي هن جنگ ۾ لهڻ لاءِ چيو ويو هو، هاڻي ان تپندڙ سج هيٺان گوڏن ڀر ويهي ڦٽيل جسم سان اوهين اهو سوچڻ تي مجبور ٿي پيا آهيو ته ”گريٽر گڊ“ هڪ افساني کانسواءِ ڪجهه به ناهي انسان کي هر قسم جي ”گريٽر گڊ“ کان وڌيڪ پنهنجو ذاتي مفاد عزيز آهي. اتي اوهان کي لطيف جي چيل ڳالهه به سمجهه ۾ ايندي: ”هئا اڳئي گڏ ٻڌڻ ۾ ٻه ٿيا. اهي سڀ پاڻ ۾ رليءَ جيان ڳنڍيل هئا ڏسڻ ۾ رليءَ جو هر حصو الڳ الڳ پئي آيو، پر اصل ۾ اهي سڀ حصا ذاتي مفادن جي ڌاڳي سان جڙي هڪ ٿي رهيا هئا.“
هميشه جيان پروفيسر افضل هڪ ٿڌو شوڪارو ڀري ليڪچر پورو ڪيو ۽ روايت موجب بنا شاگردن کي ڏٺي ئي پڇيائين:
”ڪو سوال؟“
هن کي پڪ هئي ٽيهن سالن جيان ان ڏينهن به ڪو شاگرد سوال نه ڪندو ۽ هو پنهنجا ڪتاب وغيره بند ڪرڻ لڳو. هن جي ڪنن تي ڪنهن شاگرد جو آواز پيو:
”يس سر!“
اهو آواز هن کي ڇرڪائي ويو، هن منهن مٿي ڪري شاگردن ڏانهن ڏٺو، اهو ڪنڊ ۾ ويٺل هڪ سدائين ماٺ رهندڙ ڇوڪري جو آواز هو، جنهن کي ان وقت نيري جينز ۽ هاف سليوز واري ٽي شرٽ پهريل هئي.
”جي حماد“ پروفيسر افضل ان شاگرد جو نالو کنيو. ڪلاس جي سڀني شاگردن مڙي حماد ڏانهن ڏٺو، حماد جنهن گذريل سيميسٽر ۾ ڪنهن به سبجيڪٽ ۾ چاليهن کان مٿي مارڪون نه کنيون، جنهن جون پرزنٽيشن ڏيڻ مهل ٽنگون ڏڪنديون هيون، ان کي لڳو ڄڻ هن ”يس سر“ چئي ڪو ڏوهه ڪري وڌو هجي! هن اکيون بند ڪري همت گڏ ڪئي ۽ پوءِ هٻڪندي سوال ڪيو:
”سر ڀلي اهو ڦٽيل ويڙهاڪ هيڪلو ٿي چڪو هجي، ڀلي هن جي جسم تي دغا جا اڻ ڳڻيا ڦٽ اچي ويا هجن، پر ڇا هو اڪيلي سر بيهي اهو نٿو چئي سگهي: ”ٽو بي اور ناٽ ٽو بي!“ ازنٽ ديٽ دا ڪوئسچن؟“
حماد جي هر لفظ کي پروفيسر غور سان ٻڌو ۽ پوءِ ڪيتري دير تائين اکيون بند ڪري سوچيندو رهيو. انهيءَ دوران سندس اکين مان ڳوڙها وهڻ لڳا، هن اکيون کولي حماد ڏانهن ڏسندي چيو:
”اگزيڪٽلي ديٽ واز دا ڪوئسچن!“
پروفيسر افضل هڪ آهه ڀري ۽ پوءِ جهڪي مائيڪ تي چيو:
”مون کي خوشي ان ڳالهه جي آهي منهنجو ٽيهن سالن جو هي ڊگهو سفر اجايو نه ويو، مان فخر سان چئي سگهان ٿو ته مون پنهنجي زندگي ۾ هڪڙو شاگرد…“ پروفيسر افضل جي زبان وڦلڻ لڳي، هن کي جملو پورو ڪرڻ ۾ ڏکيائي ٿي، هن پنهنجو هٿ دل تي رکيو سندس جسم پگهرجڻ لڳو ۽ پوءِ هو پٽ تي اچي ڪريو.