بلاگنئون

آمريڪا، سعودي عرب جو ساٿاري نٿو ٿي سگهي!

اهو ڪو عجيب اتفاق ناهي، پر هڪ افسوسناڪ حقيقت آهي ته جڏهن دنيا انساني المين، قتل عام  ۽ انساني حقن جي ڀڃڪڙين تي روئي رهي آهي، آمريڪا ۽ سعودي عرب سيڙپڪاري ۽ هٿيارن جي سودن ۾ مصروف آهن. سعودي ولي عهد محمد بن سلمان ۽ آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي تازي آمريڪا جي دوري دوران ٿيل معاهدا اصل ۾ هڪ اهڙي ٺاهه کي ظاهر ڪن ٿا جنهن ۾ انسانيت کي تمام گهڻو پوئتي ڇڏيو ويو آهي. وائيٽ هائوس جي اها دعويٰ ته اهي معاهدا آمريڪا-سعودي لاڳاپن ۾ هڪ نئين سونهري دور جي شروعات جي نشاندهي ڪن ٿا، اهو بيوقوفاڻو عمل لڳي ٿو جڏهن اسان ڏسون ٿا ته فلسطين جو مسئلو ساڳيو ئي موجود آهي، غزه ۾ ٻارن، عورتن ۽ بزرگن تي ساڳيو ظلم ٿي رهيو آهي ۽ دنيا جون وڏيون طاقتون مجرماڻي طور تي خاموش آهن. جيڪڏهن سعودي عرب آمريڪا ۾ 600 ارب ڊالر جي سيڙپڪاري ڪري سگهي ٿو ۽ 142 ارب ڊالرن جي دفاعي معاهدي تي صحيحون ڪري سگهي ٿو ته ڇا اهو آمريڪا تي دٻاءُ نٿو وجهي سگهي ته هو اسرائيل کي فلسطيني رياست کي تسليم ڪرڻ تي مجبور ڪري؟ ساڳئي وقت، آمريڪي صدر ٽرمپ جو بيان ته جيڪڏهن سعودي عرب اسرائيل کي تسليم ڪري ٿو ته هو ان کي اعزاز سمجهندو، اها ڳالهه اصل ۾ سندس غير انساني پاليسي کي ظاهر ڪري ٿي، جيڪا وچ اوڀر ۾ امن نه، پر آمريڪي بالادستي ۽ اسرائيلي تسلط جي خواهشمند آهي. هي اهو ئي ٽرمپ آهي، جيڪو هڪ فون ڪال تي پاڪستان ۽ ڀارت جي وچ ۾ ڇڪتاڻ گهٽائي سگهي ٿو، پر فلسطين جي مسئلي تي، سندس زبان تي صرف اسرائيل جي خوشامد جا لفظ آهن. جيڪڏهن سعودي ولي عهد واقعي مسلم امت جو محسن هجي ها ته هو هن موقعي کي فلسطين جي حق ۾ استعمال ڪري ها، پر انهن هڪ ڀيرو ٻيهر دنيا کي يقين ڏياريو ته انهن جي اولين ترجيح صرف طاقت، سرمايو ۽ اختيار آهي، مظلومن جي حمايت يا مظلوم قومن جو درد نه سندن دل ۾ ناهي. ٽرمپ جي دوري جي موقعي تي، آمريڪا جي ٻٽي پاليسي به کليل طور تي بي نقاب ٿي وئي. شام تي اقتصادي پابندين جو شڪار پڻ حيران ڪندڙ آهي، جڏهن ته ٻئي طرف، اسرائيل جي کليل سرپرستي ۽ ان جي ظلمن تي مجرمانه خاموشي ڇا هي عالمي امن جو خواب آهي؟ ڇا هي اهو انصاف آهي جيڪو آمريڪا دعويٰ ڪري ٿو؟ هن تحرير ذريعي مطالبو ٿو ڪجي ته آمريڪا ۽ سعودي عرب پاڻ کي صرف اقتصادي مفادن ۽ فوجي معاهدن تائين محدود نه رکن، پر فلسطين جي مسئلي کي حل ڪرڻ لاءِ فوري ۽ جنگي قدم کڻن. اسرائيل کي بين الاقوامي قانون جي دائري ۾ آڻين، فلسطيني رياست کي گڏيل قومن جي چارٽر تحت مڪمل حيثيت ڏني وڃي، ۽ غزه ۾ جاري قتل عام کي فوري طور تي بند ڪيو وڃي. دنيا کي هاڻي اهو سمجهڻ گهرجي ته سرمائي ۽ هٿيارن جي ڳٺ جوڙ انسانيت کي پوئتي ڇڏي ڏنو آهي. وقت اچي ويو آهي ته مسلمان حڪمران، خاص طور تي سعودي قيادت، آمريڪي مفادن جي نه، پر مسلم امت جي اجتماعي سوچ جي نمائندگي ڪري. ٻي صورت ۾ آمريڪا مسلم ملڪن عراق افغانستان يمن لبنان ۽ شام وانگي سعودي عرب کي جڏهن پنهنجا ناپاڪ خيال مڙهي سوگهو ڪندو ته ڪوبه مسلم ملڪ ساڻس گڏ نه بيهندو ۽ اڪيلو ماريو ويندو، ڇو ته آمريڪا ڪڏهن به مسلمانن جو ساٿاري نٿو ٿي سگهي ته سعودي عرب مسلم ملڪن بجاءِ آمريڪا جو ساٿاري ڇو ٿو بڻجي. مسلم ملڪن مان ايران توڙي عراق ته آمريڪا جا ظاهر ظهور دشمن رهيا آهن جن سان واري واري سان آمريڪا وڙهندو پيو اچي اهي ٻئي ملڪ آمريڪا جي نظر ۾  Axis of evil آهن، پر مسلمانن جو ڪعبو قبلو مسلمانن جو محور ۽ مرڪز سعودي عرب آمريڪا جي غلاميءَ هيٺ اچڻ جا سانباها ڪري رهيو آهي. سعودي عرب جيڪو ابن ڏاڏن کان آمريڪا جو پڳ مٽ يار ۽ حمايتي رهيو آهي، جيڪو وقت بوقت آمريڪا کي پنهنجي ملڪ جا اڏا به استعمال لاءِ ڏيندو رهيو آهي، پر وقت ملندي ئي سعودي عرب خلاف کلم کلا يهودي ۽ عيسائي لابي پروپيگنڊا ڪندي رهي آهي. ڪجهه وقت اڳ RAND Corporation واشنگٽن جي هڪ اداري جيڪو آمريڪي دفاع کاتي جو صلاحڪار آهي، تنهن پنهنجي هڪ بريفنگ ۾ آمريڪي دفاع کاتي جي اڪابرن کي ٻڌايو هو ته “سعودي عرب اسان جو پڪو دشمن ملڪ آهي اهو سمورن فسادن جي جڙ آهي ۽ وچ اوڀر ۾ آمريڪي مفادن جي انتهائي خلاف ملڪ آهي، جيڪو مجاهدن ۽ اسلامي ملڪن کي مالي توڙي اخلاقي مدد ڏيندو رهيو آهي. ان وقت پهريون ڀيرو سعودي عرب ۾ چند ليکڪن ۽ دانشورن به لکت ۾ هڪ مهم شروع ڪري ڇڏي هئي ۽ سعودي عرب جهڙي سخت گير ملڪ ۾ آمريڪا خلاف کليا مظاهرا ٿيا هئا. يعني ٻلي ٿيلهي کان ٻاهر اچي چڪي هئي. عربن آمريڪا مان پئسا ڪڍرائڻ شروع ڪري ڇڏيا هئا. هڪ اندازي موجب ان وقت سعودي جا ڇهه سئو بلين ڊالر آمريڪا جي بينڪن ۽ تجارت ۾ لڳل هئا، جن مان ٻه سئو بلين ڊالر سعودي عرب جا تاجر آمريڪا مان ڪڍرائي چڪا هئا، جنهن سبب آمريڪي ڊالر ڪمزور ۽ “يورو” مضبوط ٿي چڪو هو. اهو ڏسندي ته سمورا عرب آمريڪا مان ناڻو ڪڍرائي رهيا هئا. پوءِ آمريڪين مڪاري ڪري عربن تي “هڪ ٽرلين ڊالر” (ڏهه کرب ڊالر؟) جو مقدمو داخل ڪيو. بظاهر 11 سيپٽمبر جي حملن ۾ مري ويلن ۽ متاثر ٿيلن جي ڪٽنبن پاران اها هرجاڻي جي دعويٰ ڪئي وئي هئي جنهن جو مقصد اهو نڪتو ته آمريڪا سعودي عرب جو آمريڪا ۾ سهيڙيل ناڻو ضبط (Freeze) ڪري ڇڏيو. اهڙي فرياد ۾ ٽن سعودي شهزادن جا نالا به شامل ڪيا ويا هئا، جن ۾ سعودي عرب جو دفاع ۽ شهري هوا بازي جو وزير سلطان عبدالعزيز السعودي ۽ ٻيا ڪيترا سعودي شامل هئا. آمريڪا ۾ سعودي دشمني تي ٻڌل ان ڪيس جي جواب ۾ سعودي شهري به تيار ٿيا ته اهي به آمريڪا ۽ ان جي ميڊيا خلاف هڪ ڪيس داخل ڪندا جنهن ۾ يارهين سيپٽمبر وارن واقعن کانپوءِ سعودي عرب جي رهواسين کي پهتل مالي توڙي اخلاقي ۽ جذباتي نقصان جا تفصيل ڏنا ويندا. انهن ۾ گهڻائي عرب شاگردن جي هئي، جيڪي سعودي عرب ۾ پڙهي رهيا هئا، پر انهن واقعن کان بعد واري وٺ وٺان کانپوءِ يا ته هنن کي ملڪ بدر ڪيو ويو يا ايڏو تعصب وارو سلوڪ ڪيو ويو، جنهن سبب هو تعليم اڌ ۾ ڇڏي پنهنجي ملڪ موٽي ويا جيڪي تاجر اتي سيڙپون ڪري چڪا هئا اهي پنهنجون اربن ڊالرن جون سيڙپون اڻپوريون ڇڏي نڪتا. مطلب ته آمريڪا اندروني طور نه رڳو سعودي عرب لاءِ ڪا چڱي سوچ رکي ٿو، پر پوري مسلم امه لاءِ سندس خيال ساڳيو آهي. جڏهن آمريڪي دفاعي صلاحڪار سعودي عرب کي “فسادن جي جڙ” جو لقب ڏئي ٿو ته پوءِ سعودي عرب کي به آمريڪا جي اندروني بغض ۽ ساڙ کي به نظر ۾ رکي مسلم ملڪن سان سچي دل سان وهنوار کي اڳتي وڌائڻ گهرجي. ٻي صورت ۾ آمريڪا جي منافقت سعودي عرب کي به تباهه ڪري ڇڏيندي.