پاڪستان سعودي عرب ڏانهن انساني وسيلن جو سڀ کان وڏو انگ موڪليندو رهي ٿو ۽ بدلي ۾ سعودي عرب پاڪستان کي معاشي امداد ۽ سيڙپڪاري پڻ فراهم ڪندو رهي ٿو. سعودي عرب ۾ لڳ ڀڳ 20 لک کان وڌيڪ پاڪستاني مزدور آهن، جن ۾ گهڻي ڀاڱي ڊاڪٽر، انجنيئر، ٽيڪنيڪل ڪم ڪندڙ، ڊرائيور ۽ عام ڪم ڪندڙ مزدور به شامل آهن، جيڪي ايندا ويندا رهن ٿا جن جي ڪمن جا ڪانٽريڪٽ سالن تائين هجن ٿا جيڪي مٽبا سٽبا رهن ٿا ۽ ڪي وڃن ٿا ڪي موٽي ملڪ به اچن ٿا ان ڪري انهن وٽ مدي پوري ٿيڻ کانپوءِ هڪ خاص قسم جي “پڪڙ” به ٿئي ٿي جنهن ۾ انهن سڀني پاڪستانين کي موٽائي ملڪ به موڪليو وڃي ٿو، جيڪي مدي پوري ٿيڻ کانپوءِ ويزا ۾ واڌ ناهن ڪرائي سگهندا ۽ انهن کي وري پنهنجي ملڪ موٽي اچڻو ٿو پئي ته جيئن اهي هڪ مخصوص پراسيس مان گذري وري سعودي موٽي وڃي سگهن، اهي مزودر ۽ اچڻ وڃڻ وارو طبقو جيڪو سعودي عرب جي ڄڻ ٻي وڏي مهاجر برادري جي بادشاهت ٺاهي رهيو هوندو آهي، جيڪي مستقل ناهن هوندا ۽ نه ئي انهن کي ڪا مسقتل رهائش جي ويزا مليل هوندي آهي ۽ نه ئي انگريز ملڪن وانگي ڪا ملڪيتن خريد ڪرڻ جي اجازت هوندي آهي، پر حيرت ۽ مالي خوشحالي اها به آهي ته سعودي عرب ۾ رهندڙ پاڪستاني 5.8 بلين ڊالرن جي رقم واپس پاڪستان موڪليندا رهن ٿا. تنهن هوندي به گهڻا ئي غريب مزدور پڻ آهن، جن کي نوڪرين مان بيدخل ڪيو ويندو آهي، پر ان جي بدلي جيڪي پنهنجو مدو پورو ڪري چڪا هوندا آهن انهن جي عيوض وري ٻيا پاڪستاني ماڻهو جاءِ والاري ويندا آهن، پر انهن جي ايجنسين پاران انهن غريب ماڻهن جو استحصال پڻ ڪيو ويندو آهي ۽ ڪجھه ته وري سعودي پوليس جي هٿان جيل به روانا ڪيا ويندا آهن، جيڪي موٽي ملڪ اچن ٿا، پر ڏکيائي کي منهن ضرور ٿا ڏين ۽ ڪجھه مجبور، زبردستي يا منشيات جي اسمگلنگ ۾ ڦاسي ويندا آهن جن جا يا ته سَر قلم ڪيا ويندا آهن يا انهن کي سخت سزائون ملنديون آهن. ان ڪري هاڻي به سعودي عرب جي جيلن ۾ پاڪستانين جو هڪ وڏو انگ موجود آهي، جنهن سبب اڳوڻي وزيراعظم عمران خان اهو معاملو سعودين سان اٿاريو هو ته انهن سڀني جيل ۾ ڦاٿل ماڻهن کي هڪ صورت بنا شرطن جي آزاد ڪيو وڃي ۽ ڪجھه آزاد ٿي ملڪ موٽي آيا به هئا جن ۾ گهڻي ڀاڱي افغاني ۽ پٺاڻ شامل هئا.