نئون

عوام کي حق آهي ته بجلي ۽ پاڻي لاءِ احتجاج ڪن: مراد علي شاهه

مراد علي شاهه چيو آهي ته عوام کي حق آهي ته اهي پنهنجي مسئلن جي حل لاءِ احتجاج ڪن. هن سڀني چونڊيل پارٽين کي دعوت ڏيندي چيو ته اهي گڏ ٿين ته اسان به انهن سان گڏجي وزيراعظم هائوس جي سامهون احتجاج ڪرڻ لاءِ تيار آهيون. مراد علي شاهه ڪالهه پنهنجي چيمبر ۾ پريس ڪانفرنس دوران چيو ته نواز ليگ سنڌ جي  عوام کي پاڻي ۽ بجلي ذريعي چيڀاٽڻ جي پاليسي تي ڪم ڪري رهي آهي. اهو هڪ سياسي ايجنڊا آهي جيڪو نه صرف اسان جي روزانا جي زندگي تي اثر انداز ٿي رهيو آهي پر اهو اسان جي زراعت ۽ انڊسٽري لاءِ به هاڃيڪار آهي. هن وڌيڪ چيو ته 12 کان 18 ڪلاڪن جي لوڊشيڊنگ جو مطلب صرف اهو ئي آهي ته جنهن صوبي نواز ليگ کي ووٽ نه ڏنو ان صوبي کان بدلو ورتو پيو وڃي. مراد علي شاهه چيو ته هن وزيراعظم کي به خط لکيا آهن ۽ ڇهه دفعا هن سان فون تي پڻ ڳالهايو آهي جنهن ۾ هن سوئي گئس ۽ ڪي اليڪٽرڪ جي معاملي تي به تفصيل سان ڳالهايو آهي. وزيراعليٰ ٻڌايو ته ڪي اليڪٽرڪ کي سوئي گئس جا 29 ارب رپيا ادا ڪرڻا آهن جنهن ڪارڻ ڪي اليڪٽرڪ جي گئس جي سپلاءِ کي به گهٽايو ويو آهي. هن اهو به چيو ته سوئي گئس جي الزامن کي جڏهن ڏٺو ويو ته معلوم ٿيو ته رهتون صرف 13 ارب جون آهن باقي رقم ليٽ پئمينٽ چارجز آهن. جڏهن ته ڪي اليڪٽرڪ پراڻي رقم مطلب 13 ارب قسطن ۾ ڏيڻ لاءِ تيار آهي جنهن کان علاوه ڪورٽ جي حڪم موجب ايس. ايس. جي. سي ڪي اليڪٽرڪ جي گئس جي سپلاءِ کي واپس وڌائي پراڻي حد تي آڻي. وڏي وزير ٻڌايو ته ڪي اليڪٽرڪ ۾ وفاقي سرڪار جو 24 سيڪڙي جو حصو ۽ ايس. ايس. جي. سي ۾ 73 سيڪڙو حصو آهي. جنهن مطابق هي هڪ وفاقي جهيڙو آهي، جنهن ۾ ڪراچي جي عوام کي ڇو سزا پئي ڏني وڃي. هن چيو ته بجلي جي بند رهڻ ڪارڻ ڪراچي اندر پاڻي جي کوٽ به وڌي وئي آهي. جڏهن ته هن جي شهر ڄامشورو ۾ 18 ڪلاڪ، نوابشاهه ۾ 18 ڪلاڪ، لاڙڪاڻي ۾ 14 ڪلاڪ، حيدرآباد ۽ سکر ۾ 12، 12 ڪلاڪ بجلي بند ڪئي پئي وڃي.