ڳالھه تمام معمولي آھي، پر ڪڏھن ڪڏھن معمولي ڳالھه تان به گھر ۾ جھيڙو ٿي پوندو آھي، اڄ صبح ھڪ ھمراھ مونکي ھنداڻو ڏيڻ آيو، مون سندس وڏا ٿورا مڃيا، پر کانئس ھنداڻو نه ورتم. ھاڻي انھيءَ ڳالھه تي زال سان جھيڙو ٿي پيو، ھوءَ چوي ٿي ته مونکي ھمراھ کان ھنداڻو وٺڻ کپي ھا، مون سندس تحفو قبول نه ڪري ھڪ مداح جي دل ڏکائي آھي، محترمه کي گھڻو ئي سمجھايم ته اھڙي قسم جا تحفا ڳچي ۾ پوندا آهن، پر ھوءَ مڃي ئي ڪانه ٿي، کيس ڪھڙي خبر ته نانگ جو کاڌل نوڙي کان ڊڄندو آھي. ڪجھه عرصو پھرين ھڪ نوجوان آيو، آئون ان وقت ناول پڙھي رھيو ھئس، ڇا آئون اندر اچي سگھان ٿو؟ نوجوان اندر اچڻ کانپوءِ پڇيو. مون کيس اندر اچڻ جو چيو ته چيائين، اھو ته آئون اچي ويو آھيان ۽ نوجوان ڪرسيءَ تي ويھي رھيو. معاف ڪجو، توھان مون کي نٿا سڃاڻو، سڃاڻيندو به ڪيئن، اڄ پنھنجي پھرين ملاقات آھي، ناچيز کي شمس نظامي چوندا آهن ۽ بندو توھان جو وڏو مداح آھي. گھڻن ڏينھن کان سوچي رھيو ھئس ته توھان جو ديدار ڪجي، پر وقت ئي نٿو ملي، ناچيز توھان جا سڀ ڪتاب پڙھيا آھن ۽ منھنجي راءِ آهي ته ٽئگور ۽ پريم چند کانپوءِ توھان وڏا اديب، شاعر ۽ افسانا نگار آھيو. چيم، اھا توھان جي مھرباني آھي، بھرحال ڪيئن آيا آھيو. چيائين، بس ايئن ئي توھان جو ديدار ڪرڻ آياسين، ڪو خاص ڪم نه ھو. اھو چئي ھن پنھنجي وزني ٿيلهي مان زردالو ڪڍيو ۽ چيائين ھي ڪابل جو زردالو آھي، خاص توھان جي لاءِ گھرايو آھي. مھرباني ڪري سڄو توھان کائجو، مون کي خوشي ٿيندي. چيم، توھان اجائي تڪليف ڪئي، انھيءَ جي ضرورت ته نه ھئي. چيائين، نه نه اھڙي ڳالھه ناھي، زردالو ئي ته آھي ڪھڙو زيتون آھي. نظام شمسي صاحب، کلندي چيم، ڪٿي زيتون ڪٿي زردالو. چيائين معاف ڪجو سائين، منھنجو نالو نظام شمسي نه، پر شمس نظامي آھي، آئون ھميشه وڏي شيءِ جي ڀيٽ ننڍي شيءِ سان ڪندو آھيان. اھا منھنجي عادت آهي، ڪالھه منھنجي دوست پئي چيو ته ٽاءِ فائيڊ ٿي پيو آهي، چيم، ميان ڊڄين ڇو ٿو، ٽاءِ فائيڊ ئي ٿيو آھي، ڪھڙو زڪام ٿيو آهي، ھي ھي ھي.. ٻڌايو ڪيئن لڳو منھنجو مذاق، توھان ته اديب آھيو، داد ڏيو نه منھنجي مزاحيه جملي تي. چيم، توھان جي ڪھڙي ڳالھه ڪجي، نظام شمسي صاحب، اوھ معاف ڪجو شمس نظامي صاحب، توھان ڇا ڪندا آهيو؟ چيائين، ڪو خاص ڪم ناھي، منھنجو مطلب آھي، ڪو مستقل ڌنڌو ڪونھي، ڪنھن زماني ۾ پڙھائيندو ھئس، پوءِ ھڪ ھوٽل کوليم، ھوٽل نه ھلي ته چمڙي جو واپار شروع ڪيم، ان ۾ ڪو فائدو نه پيو، ھن وقت لانڊري آھي، ان کي جلد بند ڪرڻ جو ارادو آھي. پوءِ وري تفصيلي ڪچھري ڪنداسين، ھاڻي اجازت ڏيو، اسلام عليڪم. شمس نظامي صاحب ھليو ويو، سوچڻ لڳس عجيب شخص سان واسطو پيو آهي، يا ته صفا سادو آھي يا ته وڏو چالاڪ آھي. ٿي سگھي ٿو ته ادب سان دلچسپي رکندو ھجي يا دماغ جا نٽ بولٽ ڍرا به ٿي سگھن ٿا. زال سان جڏھن زردالو جو ذڪر ڪيم ته واڇون ٽڙي پيس، چوڻ لڳي، شڪر آهي گھڻي وقت کانپوءِ توھان کي اھڙو مداح مليو، نه ته ھميشه اھڙا مليا آهن، جيڪي گھر ۾ لڏو لاهي ويھي رھندا آھن ۽ وڃڻ مھل ڪرايو به توھان کان وٺي ويندا آهن. چيم، نه نه… منھنجا مداح اھڙا ناھن، ياد نٿئي راجيش… ھا ھا ياد اٿم، محترمه جي منھن تي مرڪ اچي وئي، چيائين جنھن توھان کي فلم ڪمپني ۾ ملازمت پئي ڏياري. آئون پنھنجي واچ جو سوچي چپ ٿي ويس، جيڪا ھو مون کان کڻي گم ٿي ويو ھو. ٻن ٽن ڏينهن کانپوءِ شمس نظامي آيو، چيائين، شڪر آهي توھان ويٺا آھيو، جلدي تيار ٿيو ته فلم ڏسڻ ھلون، فرسٽ ڪلاس شو شروع ٿيڻ وارو آهي. چيم، قبلا ڇا ڳالھه آھي؟ ھڪ وڏو ٽھڪ ڏيندي چيائين، ڳالھه بلڪل چٽي آھي، مون وٽ سئنيما جا ٻه فرسٽ ڪلاس ٽڪيٽ آھن، ھو ڪرشنا ٽاڪيز جو مئنيجر آھي نه لالا شمڀو ديال، توھان شايد ان کي نٿا سڃاڻو، انتھائي شريف ماڻھو آھي، مون کان ڪپڙا ڌورائيندو آھي، آئون کيس رعايت ڪندو آھيان، ان ڪري ھو ڪڏھن ڪڏھن مون کي سئنيما جا ٽڪيٽ موڪليندو آهي. خير ھاڻي جلدي ڪيو، ڪٿي فلم نه شروع ٿي وڃي. آئون ڪپڙا پائي تيار ٿيس ۽ مون کي ڪرشنا ٽاڪيز وٺي ويو، فلم مار موچڙي واري ھئي، مون کي اھڙيون فلمون بنھه نه وڻنديون آهن، پر شمس صاحب ھر سين تي ٽپ ڏئي داد ڏئي رھيو ھو، فلم ڏسڻ بدران آئون شمس صاحب جي حرڪتن مان لطف اندوز ٿي رھيو ھئس. فلم ختم ٿيڻ کانپوءِ شمس صاحب مون کي چيو، توھان کي جڏھن به فلم ڏسڻ جو شوق ٿئي، مون کي ٻڌائجو، آئون توھان لاءِ پاس جو انتظام ڪندس. شمس صاحب جي مھرباني مڃيم ۽ گھر آيس. سوچڻ لڳس ھي به عجيب ماڻھو آھي، بنا پڇڻ ڳاڇڻ جي پادرن واري فلم ڏيکارڻ وٺي ھليو. زال سان جڏھن اھو ذڪر ڪيم ته چيائين، ڀلو ماڻھو آھي، اڄڪلھه جي ھن نفسانفسي وارو دور ڪير ٿو ڪنھن لاءِ ايئن ڪري. ٻن ھفتن کانپوءِ شمس صاحب آيو، چيائين ھڪ ضروري ڪم سان آيو آھيان، توھان جيڪڏھن ٿوري مدد ڪندوَ ته ڪم ٿي پوندو. چيم، ٻڌايو. چيائين، منھنجو ڀيڻويو ٻن سالن کان واندو ويٺو آهي، ھو مون وٽ ئي رھي ٿو، انٽر فيل آهي، ٿوري گھڻي ٽائپنگ ڄاڻي ٿو. ڊپٽي ڪمشنر جي آفيس ۾ ھڪ ٽائپسٽ جي سيٽ خالي ٿي آھي، جيڪڏهن توهان ڊپٽي ڪمشنر کي سفارش ڪندئو ته ڪم ٿي پوندو. چيم، شمس صاحب! منھنجي ته ڊپٽي ڪمشنر سان ڪابه دعا سلام ناھي نه ته… ٺھيو سائين، منھنجي ڳالھه اڌ ۾ ڪٽيندي چيائين، توھان کي ڪير نٿو سڃاڻي، ايڏا وڏا اديب آھيو ۽ ھو ڊپٽي ڪمشنر آھي ڪھڙو صوبيدار آھي، توهان ھڪ دفعو چئي ته ڏسو. شمس صاحب گھڻو اسرار ڪرڻ لڳو ته ٽارڻ لاءِ کيس چيم، اڄ ڏينھن تائين مون ڪنھن جي سفارش نه ڪئي آھي، پر جتي به ڪئي اٿم، اتي ڪم نه ٿيو آھي پر پوءِ به توھان گھڻا ايلاز پيا ڪيو ته چوان ٿو. ڏھ پندرھن ڏينھن کانپوءِ شمس صاحب سان ملاقات ٿي. ھو گھڻو خوش ھو چيائين، مون توهان کي چيو ھو نه، توھان جي سفارش تي ڪم ٿي ويندو، ڊپٽي ڪمشنر منھنجي ڀيڻويي کي نوڪري تي لڳائي ڇڏيو حالانڪه ڏيڍ سئو اميدوار ٻيا به ھئا. توھان جي وڏي مھرباني. حالانڪه مون ڊپٽي ڪمشنر کي سفارش نه ڪئي ھئي، پر جڏهن ڏٺم شمس صاحب مفت ۾ منھنجا احسان ڳڻي رھيو آھي ته مون به کيس رسمي طور تي چيو، نه نه شمس صاحب مھرباني ڇا جي، اھو ته منھنجو فرض ھو. توھان جي ٻيھر مھرباني، شمس صاحب چيو، جيڪڏھن ڪپڙا ڌورائڻا ھجن ته لانڊري ۾ موڪلي ڏجو. ان کانپوءِ شمس صاحب سان ڪيترائي ڏينهن ملاقات نه ٿي. ھڪ آچر تي جڏهن آئون حجام کان سنوارت ڪرائي رھيو ھئس ته ھو آيو. چيائين قبلا ظلم ٿي ويو. پريشان ٿي ويس، پڇيم ڇا ٿيو؟ چيائين، گھڻو ڪجھه ٿي ويو. چيم وري به ٻڌايو ڇا ٿيو آهي؟ چيائين، ھو منھنجو ڀيڻويو ھو نه، ياد آھي نه توھان کي، جنھن کي توهان جي سفارش تي نوڪري ملي ھئي. ان وڏي غلطي ڪري وڌي آھي. چيم، ڇا ڪيو اٿائين. چيائين، ھن آفيس مان ھڪ ٽائپ مشين چورائي آھي ۽ ٻڌجي ويو آهي، ھاڻي لاڪ اپ ۾ بند آھي، مصيبت ۾ آھيان توھان جي مدد جي ضرورت آھي. چيم، پر شمس صاحب آئون توھان جي ڪھڙي مدد ٿو ڪري سگھان. چيائين، توھان سڀ ڪجهه ڪري سگھو ٿا، صوبيدار کي چئي معاملو ختم ڪرائي سگھو ٿا. چيم، صوبيدار کي آئون سڃاڻا ئي ڪونه ٿو. شمس صاحب جواب ڏنو، ڪا ڳالھه ناھي ھو توھان کي ضرور سڃاڻندو ھوندو، ھاڻي جلدي ڪيو اٿو دير ٿي وئي آهي. چيم، سچ ٿو چوان منھنجي صوبيدار صاحب سان ڪابه دعا سلام ناھي. چيائين، ڪو مسئلو ناھي، آئون صوبيدار سان توھان جو تعارف ڪرائيندس ۽ ھا ماھوار ماھ تابان جو پرچو به کڻي ھلو، جنھن ۾ توھان جو نڪور غزل شايع ٿيو آهي. منھنجي انڪار باوجود شمس صاحب مون کي پاڻ سان گڏ ٿاڻي تي وٺي ويو، منھنجو تعارف ڪرائيندي چيائين، سائين، ھي موجودہ دور جو سڀ کان وڏو شاعر، اديب ۽ ناول نگار جناب شجر دھلوي صاحب آھي، توھان سائين جو نالو ضرور ٻڌو ھوندو. صوبيدار وڏي بي رخي مان چيو، نه مون نه ٻڌو آهي. نالو نه ٻڌو آهي ته پڪ سان سندس شاعري ٻڌي ھوندي، مشاعرن ۾ ته ضرور ويندا ھوندوَ. بلڪل به نه، مون وٽ ايترو فضول ٽائيم ناھي، جو مشاعرن ۾ وڃائيندو وتان. پوءِ توھان رسالا ته ضرور پڙھندا ھوندوَ، ماھ تابان ۾ سندس شاعري باقاعده شايع ٿيندي رھندي آھي. صوبيدار جواب ڏنو، آئون ماھ تابان نه پڙھندو آھيان. خير آھي، ڪو مسئلو ناھي، شمس صاحب مايوس نه ٿيو، چيائين، ان سان شجر صاحب جي شخصيت ۽ عظمت تي ڪوبه اثر نه پوندو، پاڻ اعليٰ پائي جو اديب آھي. صوبيدار ڪاوڙ مان جواب ڏنو ، پوءِ مان ڇا ڪيان؟ شمس صاحب چيو، ھي توھان سان اڪيلائي ۾ ڪجھه ڳالھائڻ چاھي ٿو. شمس صاحب ٻاھر ھليو ويو. مون صوبيدار جي جلالي چھري ڏانهن ڏٺو، ھٻڪندي کيس شمس صاحب جي ڀيڻويي جي پارت ڪيم. صوبيدار ناراض ٿيو، چيائين، توھان جھڙن پڙھيل لکيل ماڻھن کي ڏوھارين جي سفارش نه ڪرڻ گھرجي. صوبيدار جي ڳالھه ته سھي ھئي، آئون کانئس معذرت ڪري ٻاھر آيس. شمس صاحب گھڻو پريشان ھو، پڇيائين، ڏيو خبر ڇا ٿيو؟ چيم، صاحب کي پارت ڪئي اٿم، انشاءَ الله جلدي ڪو نه ڪو کڙ تيل نڪرندو. ھڪ مھيني کانپوءِ اھو کڙ تيل نڪتو، جو شمس صاحب جي ڀيڻويي کي ھڪ سال سخت پورهئي سان سزا ملي. ان کانپوءِ شمس صاحب جو اچڻ گھٽجي ويو. مون سک جو ساھ کنيو، ڇٽي جان چرياڻ مان. ھڪ ڏينھن اخبار پڙھي رھيو ھئس ته ھڪ خبر تي نظر پئي، لکيل ھو، شمس لانڊري تي پوليس جو ڇاپو. پوري خبر پڙھڻ کانپوءِ خبر پئي ته پوليس ڪلھه رات شمس لانڊري تي ڇاپو ھڻي، چوري جو مال برآمد ڪيو ۽ شمس صاحب جي نوڪر کي گرفتار ڪري ورتو. شمس صاحب روپوش ھو. خبر پڙھڻ کانپوءِ حيران ٿيس ته شمس صاحب اھڙو ھو ته ڪونه، خدا کي خبر ته ڇا ماجرا آھي. زال سان ان ڳالھه جو ذڪر ڪيم ته ھن به اھو چيو ته شمس صاحب شريف ماڻھو آھي، پوليس کي ضرور ڪا غلط فھمي ٿي ھوندي. ان واقعي کان ٻه ٽي ڏينھن بعد شمس صاحب شام جو مون وٽ آيو، ڏاڍو پريشان ھو، ھٻڪندي چيائين، قبلا شجر صاحب سخت تڪليف ۾ آھيان، توھان جي مدد جي ضرورت آھي. چيم، وري ڇا ٿيو. چيائين، ڳالھه ته ڪابه ناھي، شمس صاحب رازداري ۾ چيو، منھنجو دوست غلطي سان ڪنھن جي سائيڪل کڻي آيو ۽ لانڊري ۾ بيھاريائين، ڪنھن پوليس کي ٻڌايو ۽ آئون ھرو ڀرو ڦاسي پيس. پر اھو توھان جو دوست ڪٿي آهي؟ چيائين ڀڄي ويو. چيم، پوءِ آئون ڇا ٿو ڪري سگھان؟ شمس صاحب چيو، پوليس کي مون تي شڪ آھي، ٻه ٽي ڏينھن ته جيئن تيئن ڪري ڪڍي ويس، پوءِ سوچيم آخر ڪيستائين ايئن چورن وانگر لڪندو رھندس. پوليس وٽ پيش ٿيڻ چاھيان ٿو. چيم، اھا ته ڏاڍي سٺي ڳالھه آهي، پوءِ دير ڇو پيا ڪيو. چيائين، ضمانت جي ضرورت آھي. چيم ڪنھن دوست کي چئو ته ضامن پوي. چيائين، اھا ئي ته مصيبت آھي، ڪير ضامن ٿيڻ لاءِ تيار ناھي. عجيب ڳالھه آھي، شمس صاحب ڪجھه ساعتون چپ رھيو ۽ پوءِ مون ڏي ڏسندي چيائين، توھان منھنجا ضامن ٿيو، ڪجھه ھزارن جي ته ڳالھه آھي ۽ ٻيو ته آئون اھڙي قسم جو ماڻھو ته ناھيان جو توھان کي ڪو ڊپ ٿئي. چيم اھو ته صحيح آھي، پر آئون انھي جھيڙي ۾ نٿو پوڻ چاھيان. سائين مھرباني ڪيو، شمس صاحب ايلاز ڪرڻ لڳو، ايڏا پٿر دل نه ٿيو، منھنجي عزت جي مسئلو آهي. شمس صاحب اڌ ڪلاڪ تائين منٿون ڪندو رھيو، نيٺ لاچار ٿي سندس ضمانت ڏيڻ لاءِ راضي ٿيس. ضمانت ڏيڻ کانپوءِ شمس صاحب کي عدالت ۾ پندرھن تاريخ تي پيش ٿيڻ جو حڪم مليو. انھي دوران شمس صاحب مون وٽ ٻه ٽي دفعا آيو ۽ منھنجا احسان مڃيائين. ھڪ ڏينھن ڳالھين ڳالھين ۾ چيائين، لانڊري جو ڪو خاص ڌنڌو نه ھو، ان ڪري وڪڻي ڇڏيم، ھاڻي بيڪري کولڻ جو ارادو آھي. پندرهن تاريخ تي شمس صاحب کي عدالت جي پيشي جي يادگيري ڏيارڻ لاءِ سندس گھر ويس ته خبر پئي ته ھو ڪيڏانھن ھليو ويو آهي. سندس دوستن ۽ مائٽن کان پڇيم، پر ڪٿان به سندس خبر نه پئي. بھرحال مون تي ضمانت واري چٽي لڳي وئي، پر اھو ذڪر زال سان نه ڪيم. اھو ڏينھن اھو شينھن، اھڙن مداحن کان پري ڀڄندو آھيان، جيڪي تحفا ڏيڻ لاءِ ايندا آهن. يقينن توھان سمجھي ويا ھوندا ته مون پنھنجي نئين مداح کي ھنداڻو ڇو واپس ڪيو، خير توھان ته عقلمند آھيو، پر مصيبت اھا آھي ته منھنجي محترمه زال سڳوري کي ڪير سمجھائي.