دنيا جيڪا هن وقت هڪ اهڙي خطرناڪ ٽواٽي تي بيٺي آهي، جتي وچ اوڀر جي معمولي چڻنگ به هڪ اهڙي عالمي باھ ۾ بدلجي سگهي ٿي ته جنهن ۾ سڪن سان گڏ ساوا به سڙي خاڪ جو ڍير ٿي سگهن ٿا. سوشل ميڊيا تي ٿيندڙ تجزيا ۽ خبرون اهو ٻڌائين پيون ته آمريڪا پنهنجي عالمي ساک سان گڏوگڏ پنهنجي پٽ اسرائيل جي تحفظ جي لاءِ ايران تي ڪنهن به وقت سڌو سنئون حملو ڪري سگهي ٿو. اوهان بخوبي ڏٺو ته غزه کان وٺي لبنان تائين جيڪي ڪجھه ٿيو انهيءَ اهو چٽو ڪري ڇڏيو ته عالمي طاقتون پنهنجي هٺ ڌرمي ۽ انا واري خصلت سبب ڪنهن به حد تائين وڃي سگهن ٿيون، چاهي ان جي نتيجي ۾ سمورو پرڳڻو موئن جو دڙو ڇو نه بڻجي وڃي. تاريخ ۾ آهي ته وڏيون جنگيون سدائين ڪنهن تحفظ جي ناطي شروع ٿيون ۽ انهن جو انجام بيگناھ انسانيت جي تباهي و بربادي جي صورت ۾ نڪتو.
خدا نه ڪري جيڪڏهن اها جنگ پکڙي ته ان جا اثر فقط ايران يا اسرائيل تائين محدود نه رهندا بلڪ افغانستان، پاڪستان، عراق، شام ۽ خليجي رياستن ۾ به انهيءَ جا اڻ کٽ اثر نئين سر نروار ٿي پوندا. افغانستان جي طالبانن جي باري ۾ ته اهو تاثر اڳ کان ئي عام ٿيندو پيو وڃي ته اهي انهيءَ ممڪن ڇڙواڳي کي پنهنجي معاشي فائدي جي لاءِ استعمال ڪرڻ لاءِ تيار ويٺا آهن، يعني هٿيار اسمگلنگ ۽ جنگي معيشت اهي رستا آهن ته جن کان ڪافي گروهه اڳ به فائدو وٺي رهيا آهن. هونئن به ڏٺو وڃي ته جڏهن رياستون ڪمزور ٿينديون آهن ته غير رياستي عنصر مضبوط ٿي ويندا آهن ۽ اهائي اهڙي وٿي آهي جنهن ۾ داعش جهڙا رت جا اڃايل نيٽ ورڪ ٻيهر ڪر کڻن ٿا.
اهو ڪو اتفاق ناهي ته جتي به مسلم معاشرا منظم ٿيڻ لڳن ٿا ته اتي اوچتو فرقيواريت ۽ هٿياربند گروهن جي ٻوڏ اچي وڃي ٿي. ڪيترائي فڪر رکندڙ ان مسئلي کي صرف داخلي مسئلو نٿا سمجهن بلڪه هڪ منظم عالمي منصوبو قرار ڏين ٿا، جنهن جو مقصد مسلمانن کي روايتي جنگين ۽ نام نهاد مذهبي پراڪسين جي ڄار ۾ منجهائي رکڻو آهي ۽ انهيءَ منصوبي جي هڪ شڪل پاڪستان ۾ به ڏيک ڏئي ٿي جتي مذهبي ۽ سياسي پارٽين جي نالي تي اسرائيل ۽ آمريڪا جي خلاف تشدد ڀريا مظاهرا ڪرايا وڃن ٿا. بيشڪ ظاهر ۾ ته اهو ڏک ۽ ڪاوڙ امت جي ترجماني نظر اچي ٿو، مگر ان جي اوٽ ۾ رياستي ادارن کي ڪمزور ڪرڻ، امن و امان کي تباھ ڪرڻ ۽ ميڙ جي نفسيات کي ڪنٽرول ۾ ڪري خاص ايجنڊا کي اڳتي وڌائڻ ئي مقصد هوندو آهي. هڪ خاص گروهه جي طرف کان پاڪ فوج ۽ سيڪيورٽي فورسن جي خلاف مسلسل پروپيگنڊه پڻ انهيءَ زنجير جي هڪ ڪڙي آهي. دهشتگردي کي واڌ ڏيڻ دهشتگردن جي فڪري و مالي مدد ڪرڻ ۽ رياست کي اندر کان کوکلو ڪرڻ به ساڳئي سوچ جو تسلسل آهي.
حقيقت اها آهي ته مسلسل جنگين جو فائدو سدائين انهن ئي قوتن کي پهتو آهي جيڪي هڪ عالمي تسلط چاهين ٿيون، انهن جي ويجهو سڀ کان وڏي رڪاوٽ سجاڳ مسلمان ۽ مضبوط اسلامي معاشرا آهن، ان لاءِ سڀ کان اڳ انهن کي نشانو بڻايو وڃي ٿو. گذريل ڪجھه ڏهائين ۾ جيڪي تنظيمون منظر عام تي آيون يعني تحريڪ طالبان، داعش الشباب، بوڪوحرام يا القاعده انهن جي واردات وارن طريقن امت کي رت ۾ وهنجاريو، انهن گروهن اڪثر ڪري مسلمانن کي ئي بازارن، مسجدن، اسڪولن ۽ جنازن کي نشانو بڻايو. حيرت انگيز طور تي اسرائيل جي خلاف ڪا سنجيده ۽ منظم ڪارروائي سندن رڪارڊ ۾ نظر نٿي اچي. اهوئي سبب آهي ته عوام جو وڏو انگ انهن کي خوارج جديد ۽ عالمي طاقتن جي پراڪسي قرار ڏئي ٿي. اهي اهڙا مهرا آهن جيڪي ظاهر ۾ مذهب جي نالي تي کيڏين ٿا، مگر خدمت دجالي ايجنڊا جي ڪن ٿا۔
اصل الميو اهو آهي ته جڏهن مسلمان معاشرا خوف ۾ مبتلا ٿين ٿا ته اصلي مسئلا پسمنظر ۾ هليا وڃن ٿا. فلسطين جي آزادي ڪشمير جي حق خوداراديت به عراق جي تباهي جي اڳيان ثانوي ٿي وڃن ٿا ۽ بحث ان تي شروع ٿي وڃي ٿو ته ڪير ڪافر آهي ۽ ڪير مسلمان. اها اهڙي ذهني شڪست آهي، جيڪا ڪنهن به فوجي شڪست کان وڌيڪ خطرناڪ هوندي آهي. دشمن اسان کي بندوق سان نه بلڪه اسان جي مذهبي نعرن ۽ اسان جي نوجوانن جي هٿان شڪست ڏيڻ چاهي ٿو.
اڄ ضرورت ان ڳالھه جي آهي ته امت جذباتي نعرن کان اڳتي وڌي ڪري حقيقتن کي سمجهي، هر ڏاڙهي وارو ۽ هر جهادي نالو اسلام جو نمائندو ناهي هوندو، مسلمانن کي سوچڻ گهرجي ته پنهنجن اهڙن عملن سان اسلام کي بچائين ٿا يا يهوديت کي هٿي ڏين ٿا.
جيڪڏهن اچڻ وارن ڏهاڙن ۾ آمريڪا ۽ ايران جي جنگ ڇڙي ٿي ته اها صرف ٻن ملڪن جي ويڙھ نه هوندي بلڪ سموري اسلامي وجود جو امتحان هوندي. فيصلو مسلمانن کي ڪرڻو آهي ته اهي هڪ ٻئي جون منڍيون وڍڻ واري پراڪسي جنگ جو ٻارڻ بڻجندا يا هوش سان گڏ اصل دشمن کي سڃاڻي پنهنجي مستقبل جو دفاع ڪندا. اهو فيصلو مسلمانن جي هٿ ۾ آهي.