2023 جي آدمشاريءَ ۾ جيتري واويلا ايم ڪيو ايم جي ڌڙن ڪئي جنهن ۾ جماعت اسلامي سڀ کان وڌيڪ روڄ راڙو ڪيو ۽ اهڙي طرح ميڊيا جي مدد سان احتجاج ڪيائون جو هنن ڪراچيءَ جو ڪک پن به ڳڻائي اڳتي پڄايو. هنن کي ان ڳالھ جي به ڳڻتي هئي ته جي ڪراچي شهر جي آبادي گهٽ ٿي وئي ته هي سڀ اقليت ۾ اچي ويندا، ڇو ته ڪراچي شهر ۾ هاڻي غير اردو گهڻا ٿي ويا آهن، جن جي فرٽيلٽي به گهڻي آهي، پر مهاجرن خاص طور اردو ڳالهائيندڙن جي آباديءَ جي شرح گهٽ آهي. مشرف جي دور جي هڪ ڳالھ ڀلي هئي ته آدمشماريءَ ۾ ٻولي جي خاني هجڻ جي ڪري اردو آبادي گهٽ ٿي وئي هئي. اهي ان صورت جيڪي به مهاجر هئا سي سڀ جا سڀ اردو سڏرائيندا هئا، پر ٻولين جي خاني اچڻ کانپوءِ گجراتي، ميمڻ، پنجابي، مارواڙي، ميواتي، رانگڙ، ڪشميري، افغاني ٻولين سميت جيڪي به ڀارتي، بنگالي ۽ برمي نسلن جا ماڻهو ڪراچي شهر ۾ آباد هئا انهن پنهنجي پنهنجي ٻولي چونڊي چونڊي لکي، جنهن مان اهو ثابت ٿيو ته اهي سڀ مهاجر اردو ڳالهائيندڙ ناهن (پر هيل ايم ڪيو ايم ۽ جماعت اسلامي سميت ٻين غير سنڌي سياسي، سماجي ۽ مذهبي تنظيمن مهاجرن کان ٻولين جي خانن ۾ زوريءَ رڳو اردو لکرايو. ان ڪري ته شناختي ڪارڊ تي ٻوليءَ جو خانو ناهي ۽ ڪير ڪنهن جو شناختي ڪارڊ ڏسي نه ٿو چئي سگهي ته تون ڪير آهين.
حالانڪه هجڻ گهرجي ان ڪري ته سنڌي ٻولي ۾ ٺهندڙ شناختي ڪارڊ هاڻي يا ته اردوءَ يا انگلش ۾ ٺهي ٿا ملن، جنهن مان ڄاڻڻ ممڪن ناهي ته ڪير ڪهڙي ٻولي ٿو ڳالهائي. ملائيشيا ۾ ماڻهن جي شناختي ڪارڊن تي ڀومي ۽ غير ڀومي لکيو ويندو آهي، جنهن مان ڄاڻ ملندي آهي ته ڪير اصلي آهي يا ڪير نقلي آهي هتي به ائين ٿيڻ گهرجي). حالانڪه مشرف جي نيت اها به هئي ته هي رڳو سنڌين جي ڳڻپ گهٽ ڪرائي ته جيئن جيڪي به غير سنڌي آباديون سنڌ جي مختلف شهرن ۾ وڌي ويون هيون، اهي رڳو سنڌي نه لکرائين. 2023 واري آدمشماري ۾ ايم ڪيو ايم جي ڌڙن شهري علائقن جي مانيٽرنگ وڏي سخت ڪئي. ميڊيا جا ماڻهو، موبائيلن جي ذريعي شڪايت جا ذريعا، ايم ڪيو ايم جي ۽ جماعت اسلامي جي ورڪرن ماڻهن جي وسيلي ان ڳالھ جي پڪ ڪئي ته آدم شماريءَ وارو عملو ڪٿي ڪٿي پڳو آهي يا ناهي، ۽ انهن وري وري ڳڻپ ڪرائي. انهن ماڻهن کي ان ڳالھ جي کڙڪ هئي ته هن ڀيري شهر جي اردو آبادي جي گهٽ ڳڻي وئي ته انهن جون صوبائي ۽ قومي اسيمبليءَ جون سيٽون گهٽ ڪيون وينديون ۽ انهن جي نمائندگي گهٽجي ويندي. ان ڪري جو آدمشماري جي وڌڻ سان اين ايف سي ايوراڊ جا پيسا پنهنجي جاءِ تي پر جيڪي به نوڪريون، بجيٽون، سهولتون، تعليم ۽ صحت جا وسيلا ۽ ذريعا ملن ٿا سي گهٽجي سگهن ٿا. ان ڪري انٽرنيشنلي ڪجھ به هجي پر پنجابي لابي ان ڳالھ ۾ اڳ کان اڳري آهي ته ملڪ جا ٻيا صوبا آبادي ۾ گهٽ هجن ۽ پنجاب جي ڊامينسي مٿي هجي ڇو ته اهي اڃان تائين ملڪ کي ون يونٽ ٿا سمجهن.
هيل تائين شهرن مان ماڻهن جي شفٽنگ يا مورڳو اردو ڳالهائيندڙن جي لڏپلاڻ تمام گھڻي ٿي چڪي آهي. هڪ سروري موجب 24 لک خاندان جيڪي ملڪ ڇڏي ويا آهن اهي رڳو ڳوٺاڻا ناهن پر انهن ۾ شهري تعداد تمام گهڻو آهي. اهو به ڏسون ته جڏهن مهاجرن يا خاص اردو ڳالهائيندڙن جو ڪو به مرڪزي لساني ليڊر هاڻي ڪراچي شهر ۾ ناهي يا جي آهي به ته اهو پاڪستاني شهري به ناهي ۽ ان جي افاديت گهٽجي وئي آهي. هي مهاجر ڪميونٽيءَ وارا جڏهن ڀرپور لساني سياست ڪري ساهي پٽيندا آهن ته اهي مورڳو شهر ئي ڇڏي ويندا آهن. ان ڪري عام شهرين يا صاحبِ استطاعت ماڻهن جو حال اهو به آهي ته اهي جڏهن پاڻ ڀرا ٿين ٿا ته اهي به شهر مان لڏي ٿا وڃن ته پوءِ آدم شماري تي اثر ته پوڻو آهي (يا پوڻ گهرجي) ان ۾ هروڀرو جو احتجاج ڪهڙي معني پيو رکي، جيڪو هنن آدم شماري دوران ڪيو، جنهن جي تدارڪ ۾ ڪراچيءَ جي هٿ وٺي آدمشاري وڌاين. هيل تائين ان جي بدلي جيڪي به غير مهاجر ماڻهن يا سنڌي ماڻهن جي شفٽنگ يا ڳوٺن مان لڏپلاڻ ٿي آهي اها به سڀني جي سامهون آهي. 2023 جي مردمشماري موجب اسان وٽ جيڪو مادي ترقيءَ جو ريشو آهي، اها رڳو شهرن ۾ ڳوٺن کان شفٽنگ ۽ لڏپلاڻ جي صورت آهي، جيڪو ايندڙ 10 سالن ۾ پٺاڻ ۽ اردو آباديءَ کان ٻيڻو ٿي ويندو، پوءِ اها نوڪري هجي، ڪاروبار هجي يا موسم جي ستم ظريفي هجي، جو ماڻهو شهرن ڏي رخ ٿا ڪن. اهو ڏسڻ به ضروري آهي ته شهر ۾ مختلف ٻولين جا گروھ ڪٿي ٿا رهن. اردو ڳالهائيندڙ اڪثر ڪري مرڪزي ضلعي ۾ آهن، جتي اهي ان جي آبادي جو 70.77 سيڪڙو آهن، ۽ ڪورنگي ۾ جتي اهي ان جي آبادي جو 61.34 سيڪڙو آهن. پشتو ڳالهائيندڙ آبادي گهڻو ڪري ضلعي اولھ ۾ مرڪوز آهي، جنهن ۾ پشتو ڳالهائيندڙ ڪالونين جو هڪ وڏو تعداد شامل آهي، جهڙوڪ پٺاڻ ڪالوني، فرنٽيئر ڪالوني ۽ بنارس وغيره وغيره. سنڌي ڳالهائيندڙ آبادي گهڻو ڪري ملير (گڏاپ) سائوٿ ۽ ڪيماڙي ضلعن ۾ مرڪوز آهي، جن جو هڪ وڏو تعداد آباد آهي. 2023 جي مردمشماري جي ڪاٿي موجب سنڌي ۽ پشتو ڳالهائيندڙ آبادي ايندڙ 10 سالن ۾ ڪراچيءَ جي اردو ڳالهائيندڙ آباديءَ جي ڀيٽ ۾ پنهنجي سياسي قوت ۾ تمام گهڻو اضافو ڪندي، جيڪڏهن سندن آباديءَ ۾ واڌ جو موجوده رجحان جاري رهيو ته.
مشرف واري دور ۾ ٻولين جي خانن متعارف ڪرائڻ سان اهي ماڻهو جيڪي پاڻ کي رڳو مهاجر لکرائيندا هئا اهي وري ٻولين ۾ ورهائجي ويا، اهي پوءِ مهاجرن جي گھڻائي گھٽ ڪري ويٺا، پوءِ ان ڳالھ ۾ ادارن يا آدم شماري جي عملي جو ڪهڙو ڏوھ، يا ادارا پوءِ نشاني تي ڇو؟ اها ڳالھ به آهي ته هيل تائين جيڪي به آدمشماريون ٿيون آهن انهن ۾ 2023 آدمشماري 6 سالن جي وقفي سان ٿي آهي، جنهن ۾ رڳو تعصب پرستي جي بنياد تي ڳالهيون متضاد ٿي ويون يا ڪيون ويون آهن. مثال پنجاب، بلوچستان ۽ ڪي پي ۾ اهڙي ڪا مهم سازي نه هئي يا اهڙي ڪا ڳالھ نه هئي جنهن ۾ اها ڳالھ چئون ته ڪي پي ڪي جي شهرن ۾ آباديءَ جي شرح گھٽ ٿي هجي. ان ڪري جو انهن جي صوبن ۾ افغاني ۽ پشتون ته ضرب عضب ۽ آپريشن ردالفساد جي ڪري جيترا اسان جي شهرن ۾ ليٽيا، لڏي آيا يا پناھ گزين ٿيا شايد ڪنهن ٻئي شهر يا صوبي ۾ به ليٽيا هجن. ان ڪري اسان جي شهرن ۾ اهڙي ٻيائي يا تعصب جي ڪري اسان وري به نشاني تي رهجي ٿا وڃون. اهڙي تعصب پرستي جي ڪري اسان پنهنجن ئي شهرن ۾ اقليت ۾ ٿي ٿا وڃون، گھٽ ٿا ڳڻجون يا شهري پريشر گروهن جي اها ديرينا خواهش رهجي ٿي وڃي ته هن شهر مان جيڪر سنڌي هليا وڃن يا نه ڳڻيا وڃن يا شهري آبادي ۾ سنڌين جي اڪثريت اقليت ۾ تبديل ٿي وڃي. اهي چاهن ٿا ته انهن جي مٿان سنڌي حڪمراني جو حق نه رکن ۽ صوبي منجھ انهن سڀني غير سنڌين جي حڪومت هجي، اهي اسان جي صوبن جي اسيمبلين ۾ ويهي اسان تي حڪم هلائين، اسان جي مٿان حڪمراني ڪن ان ڪري ته اسان انهن کي اهڙي طرح يا ان نيت سان اچڻ ڏنو ته اهي سڀ اچي اسان جي مٿان وزارتون هلائين.
اها حقيقت به نٽائي نه ٿا سگهون ته 2010 واري ٻوڏ يا 2022 واري ٻوڏ ماڻهن جا لاھ ئي ڪڍي ڇڏيا هئا، جنهن سبب شهرن ڏي ماڻهن جو زور وڌندو رهيو يا ماڻهو گھڻي تعداد ۾ شهرن ڏي لڏي آيا. روزگار جي بهاني به پڙهيل ڳڙهيل طبقي جو رخ ۽ زور به ڪراچي حيدرآباد شهرن ڏانهن رهي ٿو، جنهن سبب آبادي جو پريشر شهرن ڏي مڙئي سوايو هجي ٿو. اها به ڳالھ مڃون ٿا ته اسان جو نوجوان پڙهي لکي به ڀلا ڪاڏي وڃي، ان ڪري ته ”جاب ڪرائيٽيريا“ رڳو ڪراچي شهر آهي. صنعتن جي ڪري روزگار جون گھڻايون هجن ٿيون، جنهن سبب آباديءَ جو پريشر به وڌندو رهي ٿو، ان ڪري شفٽنگ پوءِ به ٿئي ٿي يا ٿيندي رهندي. مشرف جي دور ۾ جيڪي به رهيا کهيا هئا مهاجر يا بِهاري ڀارت مان لڏي اچي چڪا هيا (۽ هاڻي ايم ڪيو ايم جو درد وري جاڳيو ته بهاري گهرايو) ان ڪري هاڻي شهر ۾ اردو ڳالهائيندڙن جي آبادي وڌي نه ٿي، ڀارت مان شفٽ نه ٿي ٿئي يا ممڪن ناهي. پر گھڻي آبادي ڪراچي شهر مان شفٽ ٿي ٻين ملڪن ڏي وڃي ضرور ٿي (يا افغاني ۽ پٺاڻ آبادي جي واڌ الڳ بحث آهي) ان ڪري اها شهري گروهن جي واويلا اجائي آهي. اهي سمجهن ٿا جيڪي به شهري آبادي ۾ واڌ آهي اها مهاجرن جي فرٽيلٽي (ڄم جي شرح) آهي، پر ائين ناهي. اهي سڀ واڌ يا آبادي يا ڄم جي شرح رڳو سنڌين جي آباديءَ جي ڪري آهي ۽ پلس پٺاڻن ۽ ٻين غيرسنڌي قومن جي مرهونِ منت آهي. ان ڪري اهو پرسيپشن ئي غلط آهي ته ڪراچي شهر ۾ ٽي ڪروڙ رڳو مهاجر ٿا رهن. پر اهي جيڪي به وڌيا يا وڌايا ويا آهن اهي غيرمهاجر آهن، ان ڪري جي اهي آدمشماريءَ ۾ ڳڻيا وڃن ته انهن کي ووٽ جو حق به ملي. پر جڏهن تڪ بنديون ٿين ٿيون ته انهن غيرمهاجرن کي به جيئڻ جو حق ملي يا اهي جمهوري طريقي سان پنهنجن اڳواڻن جي چونڊ ڪري سگهن.