ماضيءَ جي حملا آورن جو وڏو سبب اهو به هو ته اهي ڪمزور حڪومتن کي ڏسي يا تاڙي انهن تي حملي ڪرڻ لاءِ آتا هوندا هئا، اسلام جي اچڻ کان اڳ روم ۽ فارس جي شهنشاهيت جي وڏي ڳالھه هوندي هئي، پوءِ وري يونان آيو، پوءِ وري اسلامي انقلاب پربا ٿيا، مذهبي عقيدا ۽ ڪلچر ڦرندا گهرندا، ٽٽندا ڦرندا رهيا ۽ آخر سپر پاوري وري برطانيا، اٽلي، جاپان ۽ جرمني جي هٿ لڳي وئي. ان ڪري ته انهن جي اڳواڻن ۾ “سپر پاوري” جي تاڙ هوندي هئي، اهي پنهنجي ملڪ جي بلي بلي ڪرائڻ جي لاءِ ڏينهن رات ڪوشان هئا، پوءِ ڀلي انهن ڪنهن ملڪ تي قبضو به ڪيو، خونريزي به ڪين، ٻين ملڪن ۾ ڪاهي پيا، فوجون وڌائي طاقت جو استعمال ڪري ملڪان ملڪ ناموس ڪمائي ويا. هاڻوڪي تناظر ۾ اها ڳالھه چوڻ ته اسان ويڙها ناهيون، ڪير ماضيءَ ۾ ويڙهو ناهي رهيو يا ماضي ۾ انهن اهڙن ملڪن ڪنهن تي حملو نه ڪيو. معنيٰ ته اهي عسڪري معاملن ۾ ۽ اسٽريٽجڪ ڳالهين ۾ پوئتي پيل هئا، اهي ڪڏهن به صليبي جنگين ۾ حصو نه وٺي سگهيا، اهي سطلنت عثمانيه جا حامي، مخالف ۽ موافق نه رهيا، ته معنيٰ انهن ڪجھه نه ڪيو. هاڻي به مسلمان ملڪ جيڪڏهن ڪنهن معتبر ۽ سپر پاور ملڪن جي بلاڪ ۾ ناهن ته معنيٰ اهي ڪجھه نه ڪري سگهندا، ان ڪري طاقت جو مظاهرو ضروري آهي ته ڪيو وڃي ۽ مخالف ملڪن کي ڪري ڏيکارجي. ان ڳالھه جو مثال ان ڳالھه مان به وٺي سگهجي ٿو ته جن جي گهرن ۾ ڪنهن هٿيار جو لائسنس هجي ٿو ته معنيٰ ان وٽ طاقت جو توازن ٻيڻو هجي ٿو ۽ اهو عام ماڻهن کان طاقت ۾ ٻيڻا هجن ٿا، ان ڪري ساڳي ڳالھه ملڪن سان به سلهاڙيل آهي ته جيڪي ملڪ هٿياربند آهن، اهي طاقتور ۽ مضبوط ترين آهن، انهن کان ٻيا ملڪ لهرائين ٿا ته ڪٿي اهي حملو نه ڪري وجهن، ان ڪري انهن ملڪ کي پنهنجي سرحدي طاقت گهڻي هجي ٿي ۽ اهي ملڪ پنهنجو بچاءَ ڪري سگهن ٿا ۽ ڪير انهن جو نالو نٿو وٺي سگهي.