ماضيءَ جي حملا آورن جو وڏو سبب اهو به هو ته اهي ڪمزور حڪومتن کي ڏسي يا تاڙي انهن تي حملي ڪرڻ لاءِ آتا هوندا هئا، اسلام جي اچڻ کان اڳ روم ۽ فارس جي شهنشاهيت جي وڏي ڳالھه هوندي هئي، پوءِ وري يونان آيو، پوءِ وري اسلامي انقلاب پربا ٿيا، مذهبي عقيدا ۽ ڪلچر ڦرندا گهرندا، ٽٽندا ڦرندا رهيا ۽ آخر سپر پاوري وري برطانيا، اٽلي، جاپان ۽ جرمني جي هٿ لڳي وئي. ان ڪري ته انهن جي اڳواڻن ۾ “سپر پاوري” جي تاڙ هوندي هئي، اهي پنهنجي ملڪ جي بلي بلي ڪرائڻ جي لاءِ ڏينهن رات ڪوشان هئا، پوءِ ڀلي انهن ڪنهن ملڪ تي قبضو به ڪيو، خونريزي به ڪين، ٻين ملڪن ۾ ڪاهي پيا، فوجون وڌائي طاقت جو استعمال ڪري ملڪان ملڪ ناموس ڪمائي ويا. هاڻوڪي تناظر ۾ اها ڳالھه چوڻ ته اسان ويڙها ناهيون، ڪير ماضيءَ ۾ ويڙهو ناهي رهيو يا ماضي ۾ انهن اهڙن ملڪن ڪنهن تي حملو نه ڪيو. معنيٰ ته اهي عسڪري معاملن ۾ ۽ اسٽريٽجڪ ڳالهين ۾ پوئتي پيل هئا، اهي ڪڏهن به صليبي جنگين ۾ حصو نه وٺي سگهيا، اهي سطلنت عثمانيه جا حامي، مخالف ۽ موافق نه رهيا، ته معنيٰ انهن ڪجھه نه ڪيو. هاڻي به مسلمان ملڪ جيڪڏهن ڪنهن معتبر ۽ سپر پاور ملڪن جي بلاڪ ۾ ناهن ته معنيٰ اهي ڪجھه نه ڪري سگهندا، ان ڪري طاقت جو مظاهرو ضروري آهي ته ڪيو وڃي ۽ مخالف ملڪن کي ڪري ڏيکارجي. ان ڳالھه جو مثال ان ڳالھه مان به وٺي سگهجي ٿو ته جن جي گهرن ۾ ڪنهن هٿيار جو لائسنس هجي ٿو ته معنيٰ ان وٽ طاقت جو توازن ٻيڻو هجي ٿو ۽ اهو عام ماڻهن کان طاقت ۾ ٻيڻا هجن ٿا، ان ڪري ساڳي ڳالھه ملڪن سان به سلهاڙيل آهي ته جيڪي ملڪ هٿياربند آهن، اهي طاقتور ۽ مضبوط ترين آهن، انهن کان ٻيا ملڪ لهرائين ٿا ته ڪٿي اهي حملو نه ڪري وجهن، ان ڪري انهن ملڪ کي پنهنجي سرحدي طاقت گهڻي هجي ٿي ۽ اهي ملڪ پنهنجو بچاءَ ڪري سگهن ٿا ۽ ڪير انهن جو نالو نٿو وٺي سگهي.
ماضي ۾ طاقتور ملڪ ٻين امير ۽ ڪمزور ملڪن جي جاسوسي به ڪرائيندا هئا، اهي ملڪ ٻين ملڪن ۾ پيرن فقيرن جي ويس ۾ ماڻهن کي نوڪري تي رکي رياستن اندر “پينيٽريشن” ڪندا هئا، انهن جي وس ۾ اهو ضرور هوندو هو ته اهي اتان جي ماڻهن کي خريد ڪري انهن وقت جي حڪومتن جي ڪمزوري ڳولهي ويندا هئا، اهي انهن جي ڳجهن رستن جي جاچ به ڪندا هئا، اهي سڀ راز ڳولهي وڃي مخالف ملڪ کي پئسن جي عيوض ٻڌائيندا هئا ته جيئن اهي حملو ڪري سگهن ۽ پنهنجي وس آهر دولتون ۽ مال ميڙي وڃن. اهي هاڻوڪي گوگل وارو ڪم ڪندا هئا ته جيئن انهن حملا آور حڪومت کي خبر پئي ته ڪٿان اچڻو ۽ وڃڻو آهي ۽ خاص صليبي جنگين ۾ جڏهن انگريز دنيا سلطنت عثمانيه تي قبضي جو سوچيندي هئي يا هتي ارغونن، ترخانن، مغلن جي سلطنتن کي ائين لوڪل ماڻهن جي توسط ذريعي ڪمزور ڪندا هئا ته جيئن اهي وقت جون حڪومتون ڪيرائي ڊاهي سگهن ۽ رڳو وقت جي حڪمران جي قلعي تي حملا آور ٿي انهن جي ڪرسي ۽ تخت اٽلائي سگهن. رياست اهو به ڏسندي هئي ته هنن جو پاڙيسري ملڪ يا ڪو ٻيو ئي صحيح حملي ڪرڻ ۾ سولو آهي ته الاتوهار ڪري ڏيندا هئا. مثال طور: ماڻهن جي پاڻ ۾ لڙائي، لٽ ڦر، چوري ۽ ڌاڙي جي وارتا ڏسجي ته اها اها ئي آهي ته ڪمزور تي طاقتور حملو ڪري ويندو، معنيٰ ڳالھه جسمن جي ڪمزور يا طاقتور هجڻ جي ناهي، پر ڳالھه دماغن جي به آهي يا طاقتور جسمن تي ڪمزور دماغن جي به ناهي، ڇو ته هن مهل تائين دنيا تي طاقتور دماغن حڪومت ڪئي آهي. هٽلر جو مثال ٿا وٺون ته هو ڪو پهلوان نه هو، پر دل ۽ دماغ جو مضبوط ماڻهو هو، فوج کي هلائڻ وارو هو، ماڻهن تي زور هلائڻ وارو هو، وطن پرست هو، معنيٰ ڳالھه اتي بيٺي ته ماڻهو دماغي طور مضبوط هجي، جيڪو بهترين فيصلا ڪري سگهي پوءِ نتيجو غلط ئي صحيح، پر فيصلي جي نيت گهٽ ۾ گهٽ غلط نه هجي ان ڪري ته دماغي مضبوط ماڻهو فيصلي جي قوت به رکن ٿا ۽ فيصلو ڪري به ڄاڻن ٿا.
ائين ئي دنيا جي مادي ترقي ماڻهن جي ذهني پختگيءَ جو نتيجو آهي، ماڻهو جيڪو سوچي ٿو، جيڪو اسڪيچ ٺاهي ٿو، جيڪو ماڊل ۽ ماڊيول گهڙي ۽ ڊزائين ڪري ٿو، اهو ئي مادي شڪل ۾ به آڻي ٿو، مطلب ته جيڪڏهن سوچي ئي نه ته ڪري ڪيئن. ان ڪري سوچ وارو اسڪيچ ڪم ڪري ٿو وڃي ۽ ارادو ئي سڀ ڪجهھ هجي ٿو ۽ سوچ ۾ آندل ڊزائين ۽ ماڊل ڪم جا هجن ٿا. ماڻهو پنهنجي ذهن ۾ اهڙا نقشا ۽ خاڪا نه ٺاهي ته ڪجھه ٿئي ئي نه ۽ دنيا جي ترقي جا معيار ۽ محور ائين نه هجن. ان ڪري انجنيئرنگ ۽ ميڊيڪل جي دنيا ۾ “برين اسٽارمنگ” جا رجحان هجن ٿا، اهي شين جي تخليق ۽ مادي شڪل ۾ آڻڻ کان پهرين انهن جي ڳالهھ ٽيبل تي ويهي بحث ڪن ٿا. اهي شين جي خرابي ۽ سٺائيءَ جا معيار بحث هيٺ آڻي شين جي بهتري ڪن ٿا ته جيئن سڀاڻي شين جي پائيداري تي آڱر نه کڄي ۽ شين جي بلي بلي ٿي وڃي. مثال طور: ماڻهو جي ميڊيڪل ريسرچ نه ڪري، ماڻهو جي ڪمپيوٽر جا پرگرام نه ٺاهي يا جيڪڏهن ڪوڊنگ ۽ پروگرامنگ يا الگورٿم نه ٺاهي ته ڇا اهو سڀ ڪجھه ممڪن هوندو؟ قطعن نه. ان ڪري ته شين جي “پري فيس” کان پهرين انهن جي بنيادي ڳالهين تي وڏي وٺ وٺان ۽ ذهن جي پڪڙ جڪڙ ٿئي ٿي، اهي سائنسدان، ڊاڪٽر، انجنيئر ۽ دنيا جو درد رکڻ وارا پهرين شين جي لاءِ سوچين ٿا ته اهي ڪيئن ٺهن، ڪيستائين ڪم ڪنديون، انهن جي پائيداري ڪيتري هوندي، انهن جي وارنٽي ۽ گارنٽي ڇا هوندي، اهي سڀ ڳالهيون ذهن ۾ رکي شين جي تخليق ممڪن هجي ٿي، ان ڪري دماغ ۽ انهن جي پلاننگ جيڪا دنيا ۾ سياست ۽ اڳواڻي جي ذريعي ئي ممڪن آهي، جنهن سان بهترين معاشرا جوڙي سگهجن ٿا، پوءِ اهي سيٽ اپ سوشلسٽ هجن، ڪميونسٽ هجن، ڊڪٽيٽرشپ جا هجن، ٽوٽليٽيرين جا هجن، ڪيپيٽلسٽ هجن، دنيا جون مذهبي يا فلاحي رياستون هجن انهن سڀني جي لاءِ اڳواڻي ۽ زبردست سياست ضروري هجي ٿي نه ته ماڻهن جي جسماني ۽ معدني دولت ٻيا ملڪ کڻي امير ٿي ٿا وڃن يا اهي ملڪ ڪنهن نه ڪنهن ملڪ جي ڪالوني هجن ٿا، جن جي ڌن دولت ٻيا لٽي ڦري هليا ٿا وڃن، جن جي بچاءَ جي صورت رڳو سياست ۽ اڳواڻي ئي آهي.
رياستي قانون به انهيءَ سياست جي ذريعي ممڪن آهن، ڇو ته گهر جي ڪمائي، گهر جي چوديواري ۽ گهَر جي مئنيجمينٽ گهَر جي سيفٽي سيڪيورٽي، معاملا ۽ ٻيون صورتون جيڪي مادي هجن ٿيون، انهن جا ڪنٽرول ۽ ضابطا وڏي پيماني تي سياست ۽ اڳواڻي هجي ٿي، جيڪي ڪن ٿا يا جن جي هٿ وس هجي ٿي، مثال طور: سرحدي پوليس ۽ فوج جي پنهنجو ڪم نه ڪري ته دشمن ملڪ اسان جي ملڪ اندر ڪاهي پون ۽ لٽ ڦر شروع ڪن، جيئن ماضي ۾ ٿيندو رهندو هو ۽ انهن جي هجڻ سان اها شيءِ گهٽ ۾ گهٽ ممڪن هجي ته ڪوبه ملڪ ڪنهن ملڪ تي ڪاهي نه ايندو ۽ هر ملڪ پنهنجي پنهنجي دائري ۾ ڪم ڪندو ۽ ٻين جي حقن جو تحفظ ۽ فائدو به ڏسندا، ان ڏس ۾ بين الاقوامي اصول ۽ قائدا به ڪم جا هجن ٿا، جيڪي انساني حقن جي لاءِ پاڻ پتوڙين ٿا ۽ انهن جي هجڻ جي ڪري جديد رياستن جا تصور ممڪن هجن ٿا نه ته ٻي صورت ۾ ماضيءَ وانگي هر ملڪ ٻئي ملڪ تي هلان ڪري سگهي ها يا هاڻي اهو يقين آهي ته ڪير به ڪنهن تي خلائي، فضائي، ايٽمي ۽ زميني حملو بنا سبب نٿو ڪري سگهي، ڇو ته جتي ماڻهو سرحد ڪراس نه ٿا ڪري سگهن، اتي ٻين فوجن جو گهڙي اچڻ به مسئلو هجي ٿو، ان ڪري سياڻي سياست هن وقت ملڪن جي ضرورت آهي.
اڳواڻن جي ڳالھه ائين ئي آهي جيئن گهر جا معاملا ۽ مسئلا گهر جو وڏو ڏسي ٿو، تيئن ملڪي معاملن ۽ مسئلن کي ڏسڻ جي لاءِ به ڪنهن حڪمران جو هجڻ ضروري آهي تنهن جي لاءِ سياست اڻٽر آهي ۽ سچي اڳواڻي جيڪا قومن جي تقدير لکي ٿي، جيڪا قومن جي خوشحالي جي ضامن آهي، پوءِ معاشرن جي جوڙجڪ به انهن سلسلن جون ڪڙيون آهن جن جا سبب سياست ئي آهي، معتبر معاشرا به انهن “مين ميڊ رولز” جو اولڙو آهن ته انهن سيبتن سياستدانن جيڪي اڳواڻن جي صورت آيا، جيڪي ٻين جون ڌرتيون به ڦٻائي ويا، پر سياست هنن پنهنجي نسلن جي لاءِ ڪئي، پنهنجي سپرميسي ويهارڻ، ڄمائڻ ۽ نالي ويهارڻ جي لاءِ ڪئي. جڏهن هنن پنهنجا ڪم سڌا ڪيا، تڏهن اهي دنيا کي سيکارڻ لاءِ نڪتا، دنيا جي رهبري ڪرڻ جا جواز پيدا ڪين، اهي سڀ ڪجھه ڪري ويٺا جن ۾ انهن انسان کي هوائي جهازن جي نموني اڏرڻ سيکاريو، انسانن کي بحري جهازن جي صورت ترڻ سيکاريو، انسانن جي لاءِ سک جا سامان ٺاهڻ ۾ مددگار ثابت ٿيا، معنيٰ دنيا جي مڙئي سک ۽ شانتين جي پيرا انسان جي دماغي پختگي، دماغي سيبتائپ ۽ سوچن جي اڏام ممڪن ڪيا جنهن جي پٺيان سياست، قانون ۽ انهن جي بالادستي آهي نه ته اهي ملڪ ئي نه هجن ها جيڪي هاڻي سپر پاور آهن.