بلاگنئون

هزارين ايڪڙ زمين ڪارپوريٽ فارمنگ لاءِ مختص

ھزارين ايڪڙ زمين قانون نافذ ڪندڙن جي حمايت يافته ڪمپنين کي ڪارپوريٽ فارمنگ لاءِ ڏني پئي وڃي، جڏهن ته اڳ ۾ ئي  سڪايل سنڌو درياءَ مان وڏي مقدار ۾ پاڻي اڃان به زوريءَکنيو پيو وڃي ۽ اھو سڀ ڪجهه ملڪ جي بحران ۾ پيل معيشت کي بھتر بنائڻ جي نالي تي ٿي رهيو آهي. سنڌ جي ھارين کي نظرانداز ڪري سنڌ جون زمينون ڪارپوريٽ فارمنگ جي نالي تي خانگي ڪمپنين حوالي ڪيون پيون وڃن. سڄي سنڌ 6 تڪراري ڪئنالن خلاف لاڳيتو سراپا احتجاج بڻيل آھي ته مٿان وري پنجاب حڪومت ٽن نون ڪئنالن لاءِ بجيٽ پڻ مختص ڪري ڇڏيو آھي.

ڊاڪٽر هدايت ڀٽو گڏيل قومن جي انساني حقن جي 58 هين اجلاس ۾ سنڌ ۾ زمينن تي ٿيل قبضن واري معاملي تي ڳالهائيندي چيو ته 2024ع ۾ 52,700 ايڪڙ زرعي زمين فوج کي ڪارپوريٽ فارمنگ لاءِ ڏني وئي ھئي ۽ هاڻي، 2025ع ۾، 10,000 ايڪڙ (جنهن ۾ عمرڪوٽ ضلعي جي هڪ ڍنڍ به شامل آهي) ڏني پئي وڃي. مجموعي طور تي 1.3 ملين ايڪڙ سنڌ جي زمين ڪارپوريٽ فارمنگ لاءِ مختص ڪئي پئي وڃي.

انهن ھڪ طرفن فيصلن سان رياست آمريت واري نظام طرف وڌي رھي آھي جنھن ڪري ملڪي سياست تان ماڻھن جو ويساھ کڄي چڪو آھي. خاص طور تي جڏهن “ڇهن واهن وارو منصوبو” اڳ ۾ ئي سنڌ جي ھر طبقي طرفان سخت تنقيد هيٺ آيل آهي. سنڌ جا وڪيل، شاگرد، ھاري ناري، صحافي، مزدور ۽ ھر طبقي سان وابسته سنڌ واسي ان منصوبي خلاف سڄي صوبي ۾ مسلسل احتجاج ڪري رهيا آهن ته جيئن زمينن تي قبضي ۽ تڪراري واهن وارين ڏاڍائين کي روڪرائي سگهن. گرين پاڪستان منصوبي يا ٿر ڪوئلي جي منصوبن جهڙا منصوبا ملڪ لاءِ تڏھن ئي فائديمند ٿي سگھن ٿا، جڏهن مقامي برادرين ۽ حڪومت جي وچ ۾ اعتماد واري ماحول  کي قائم رکيو وڃي. جيئن ماضي ۾ ٿر ڪول منصوبو ڪيترن ئي حوالن سان ملڪ لاءِ ته فائديمند ثابت ٿيو، پر مقامي ماڻھن کي ان منصوبي مان ٻيو ڪجھه ته حاصل نه ٿيو، پر ان علائقي کي بنيادي سهولتون به مهيا نه ٿي سگهيون.

ٿر، جيڪو ملڪ جي توانائيءَ جي شعبي  ۾ اھم ڪردار ادا ڪري ٿو اھو اڃان تائين ترقي يافته علائقن کان سئو سال پوئتي نظر اچي ٿو. ٿر جي ڪوئلي جا ذخيرا دنيا ۾ ڪوئلي جا وڏا ذخيرا آهن، جتي تقريبن 175 ارب ٽن ڪوئلو موجود آهي. سنڌ اينگرو ٿر ڪوئلي جو منصوبو ملڪ لاءِ فائديمند آھي ڇو جو ان سان ملڪ توانائيءَ واري شعبي ۾ پنھنجي پيرن تي بيھي سگھي ٿو، پر ان مان مقامي ماڻھن کي ڪھڙو لاڀ ملندو؟ ان کي سواليه نشان بنائي رکيو ويو آھي. شنگهائي ڪمپني ۽ سنڌ اينگرو ڪمپني ڏانهن ويندڙ سمورن مک رستن تي وڏا وڏا اشتهاري بورڊ لڳل آھن ، جن تي لکيل آهي ته “ٿر بدلائيندو پاڪستان”، پر ان جي عيوض ٿر کي ڇا حاصل ٿيندو اھو صرف ھڪ اھڙو سوال ئي آھي جنھن جو جواب ڏيڻ ھن ملڪ ۾ اڇي ڪاري جا ڌڻي ٿي ويٺل ڏيڻ گوارا ئي نٿا سمجھن. اصل حقيقت اها آهي ته اهو منصوبو ٿر جي ماڻهن جي زندگين ۾ ڪو به وڏو سڌارو نه آڻي سگهيو آهي.

چيو وڃي ٿو ته ٿر جي زمين هيٺان ڪوئلو موجود آهي، پر ان تائين پهچڻ لاءِ زمين هيٺ پاڻي وڏي رڪاوٽ بڻجي ٿو ان ڪري ڪوئلو ڪڍڻ واريون ڪمپنيون پاڻي نيڪال ڪري ڪوئلو حاصل ڪنديون آھن. بي بي سي جي رپورٽ موجب، ٿر جي “گوڙاڻو” ڳوٺ ۾ اينگرو ٿر ڪوئلي ڪمپني ڪوئلو ڪڍڻ جي عمل دوران، اتي موجود پاڻي کي نيڪال ڪري ٻاهران نوان ڊيم ٺاهي ڇڏيا. انهن ڊيمن ۾ پاڻي جي مقدار وڌڻ سبب مقامي ماڻهن جون زمينون پڻ خراب ٿي ويون آھن. اڳي هتي جا ماڻهو کوهن مان پاڻي حاصل ڪندا هئا، پر هاڻ اهي کوهه به کارا ٿي چڪا آهن. “تلوايو” ڳوٺ مان ڪڍيل ماڻهن کي معاوضو ته ڏنو ويو، پر انهن سان ڪيل واعدا اڃان تائين پورا نه ڪيا ويا آھن. انهن ماڻهن کي پنهنجو وسندڙ ڳوٺ ڇڏڻو پيو، ڇاڪاڻ ته اتي رهڻ سندن صحت لاءِ ھاڃيڪار ثابت ٿي رھيو هو. ڪيترن ئي ماڻھن جون اکيون ڪمپنين جي ڪم دوران اڏامندڙ مٽيءَ جي ڪري گھڻيون متاثر ٿيون.

ڊيم جي تعمير دوران مقامي ماڻهن نه صرف پنهنجون ڳڻتيون ظاهر ڪيون، پر انهن اسلام ڪوٽ ٿر کان وفاقي حڪومت جي گادي واري ھنڌ اسلام آباد تائين لانگ مارچ به ڪيو. انهن عدالتن مان به مدد وٺڻ جي ڪوشش ڪئي، پر سندن آواز کي نه ٻڌو ويو ۽ نه ئي اڃان تائين ٻڌو ويو آھي. هاڻي “گرين پاڪستان منصوبي” سنڌ ۾ هڪ نئين ڳڻتيءَ کي جنم ڏنو آهي. هي هڪ وڏو منصوبو آهي جنھن جي تحت سنڌو درياءَ تي واهن ٺاهڻ ۽ لکين ايڪڙ زمين خانگي ڪمپنين کي ڪارپوريٽ فارمنگ لاءِ ڏني پئي وڃي. سنڌ ۾ آباد ھر طبقي پاران هن منصوبي جي شروعات کان وٺي نه صرف مذمت ڪئي پئي وڃي، پر سڄي سنڌ ان عمل خلاف سراپا احتجاج بڻيل آھي. سماجي ڪارڪن ۽ انساني حقن جا علمبردار به هن منصوبي خلاف آواز اٿاري رهيا آهن ۽ دعويٰ ڪري رهيا آهن ته هن قسم جا منصوبا مقامي هارين ۽ زراعت جي پيشي سان لاڳاپيل عام ۽ غريب ماڻھن جي حقن کي واضح طور تي سخت  نظرانداز ۽ متاثر ڪري رهيا آهن. حقيقت اها آهي ته سنڌ ۾ گهڻي ڀاڱي ماڻهو پنهنجي گذر سفر لاءِ زراعت تي ئي ڀاڙي ٿو ۽ اھو فيصلو عوام ۾ اڻ برابريءَ جي احساس کي وڌائي ملڪ جي سياسي ۽ سماجي حالتن کي اڃان به وڌيڪ بدتر بڻائي سگھي ٿو.

صورتحال مان ته اھوئي محسوس ٿي رھيو آھي ته اقتداري ڌريون توڙي سگھارا ادارا ھن معاملي ۾ مڪمل طور تي غير سنجيدگيءَ جو مظاھرو ڪري رھيا آھن جنھن جو مظاھرو ان ڳالھه مان ئي چڱي ريت ٿي رھيو آھي ته سنڌ 6 تڪراري ڪئنالن تي سراپا اجتجاج بڻيل آھي، پر پنجاب وري سنڌوءَ مان 3 وڌيڪ ڪئنال ڪڍڻ لاءِ بجيٽ به مختص ڪري ڇڏيو آھي.