رياست ڪنهن به دهشتگرد گروهه يا تنظيم آڏو نه جُهڪندي:وزيراعظم
وزيراعظم شهباز شريف واضح پيغام ڏيندي چيو آهي ته رياست ڪنهن به دهشتگرد گروهه يا تنظيم آڏو نه جُهڪندي، پاڪستان ۾ افراتفري پکڙيندڙن جي ناپاڪ ڪوششن کي چٿي ڇڏينداسين. وزيراعظم وڌيڪ چيو ته دهشتگردي قومي سلامتي جو حساس معاملو آهي، حڪمت عملي لاءِ سڀني کي گڏجي سوچڻو پوندو، دهشتگردن سان آئين ۽ قانون موجب منهن ڏنو ويندو، حڪومت دهشتگردن جي پرڏيهي سهولتڪارن ۽ سندن ٺڪاڻن کي تباهه ڪري ڇڏيندي. وزيراعظم شهباز شريف موجب پاڪستاني عوام پنهنجي بهادر فوج سان گڏ بيٺل آهي، ملڪ مان دهشتگرديءَ جو خاتمو ڪري سُک جو ساهه کڻنداسين.

