پاڪستانخاصنئوننيو‍‍ز

 هاڻي گٽڪو کائيندڙ کي به سزا ملندي

سنڌ حڪومت گٽڪي تي پيل پابندي کي وڌيڪ سخت ڪرڻ لاءِ صوبي اندر گٽڪو کائڻ وارن کي به سزا ڏيڻ لاءِ بل جو مسودو سنڌ اسيمبلي ۾ پيش ڪري ڇڏيو آهي. سنڌ اسيمبلي ۾ پيش ٿيل بل مطابق گٽڪو کائيندڙ کي 5 سال ٽيپ ۽ 5 لک رپيا ڏنڊ جي سزا ڏيندي ويندي. اهڙو بل صوبائي وزير سعيد غني پاران صوبائي اسيمبلي ۾ پيش ڪيو ويو. بل ۾ چيو ويو آهي ته گٽڪي جي تلاشي لاءِ ڪنهن به هنڌ ڇاپو هڻڻ جو اختيار هوندو، جنهن لاءِ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن کي وارنٽ جي ضرورت نه هوندي. ڇاپي دوران پوليس گهرن جي درن ۽ درين کي ٽوڙي به سگهندي.