بلاگنئون

ماتلي ۾ واٽر سپلاءِ اڌ صدي کان سدا بھار مسئلو

ماتلي ۾ پاڻي جي گھرجن کي مدِ نظر رکندي 2 لک گيلن واري ٽانڪي محمد خان جوڻيجو جي دور ۾ 1985ع ۾ منظور ٿي، جيڪا 1988ع ۾ مڪمل ٿيڻي ھئي، سا اڄ تائين ڪنھن به ڪم جي قابل نه ٿي سگھي آھي. ماتلي ۾ پاڻي جي گھرجن جي ھيءَ 10 سالا منصوبابندي ھئي جيڪا 1998ع ۾ ختم ٿي وئي. 1998ع کانپوءِ واٽر سپلاءِ جي نئين گھرجن لاءِ نئين سر سوچڻو ھو جنھن کي به ھِن وقت تائين 30 سال ٿيڻ وارا آھن، پر ان ٽانڪي جو استعمال نه ٿي سگھيو آھي، نه ڪا نئين اسڪيم ملي سگھي آھي. پبلڪ ھيلٿ ڊپارٽمينٽ جي ناقص رٿابندي سبب اھا 2 لک گيلنن واري ٽانڪي واٽر سپلاءِ جي تلائن کان گھڻو پري ٺاھي وئي ۽ اڻ مڪمل اسڪيم ڪنھن اٽڪل بازي سان ڪنھن زماني ۾  ميونسپل ايڊمنسٽريشن کي ھينڊ اوور به ڪئي وئي، ھن اسڪيم ۾ ڪروڙن جي ڪرپشن واري انڪوائري جي فائل کي به گم ڪيو ويو، ھن وقت ان ٽانڪي جي چوطرف پلاٽن تي قبضا آھن ۽ ٽانڪي جي ھيٺان مينھن جو واڙو قائم ٿيل آھي، اسسٽنٽ ڪمشنر ماتلي جي آفيس جي ديوار سان لڳو لڳ ٺھيل ان ٽانڪي جي حالت مخدوش پڻ ٻڌائي وئي آھي، جيڪا پاڻ مرادو يا زلزلي جي جھٽڪي سان آبادي يا سرڪاري عمارتن مٿان ڪري جاني نقصان پڻ ڪري سگھي ٿي.
ھڪ دور ۾ ان ٽانڪي تي ڊبل لفٽنگ ذريعي پاڻي پھچائڻ جي ڪوشش ڪئي وئي جيڪا ناڪام ٿي. بعد ۾ چيو ويو ته ان ٽانڪي کي استعمال ڪيو ويو ته پاڻي جي پريشر سان پراڻيون پائيپ لائينون ڦاٽي پونديون ۽ ٻيا مسئلا جنم وٺندا. ان ڪري ان ٽانڪي کي مڪمل طور تي ڇڏيو ويو آھي، جيڪا مستقبل ۾ ڪنھن خطري کان گھٽ نه آھي. ماتلي جي تيزي سان وڌندڙ آبادي کي ڊائريڪٽ پمپ مشينن ذريعي پاڻي پھچائڻ جي ناڪافي ڪوشش ڪئي پئي وڃي، ڪابه ٽانڪي ناھي جيڪا ڀري رکجي ۽ پاڻي اسٽور ڪري پوءِ سپلاءِ ڪجي. 12 کان 18 ڪلاڪن تائين لوڊشيڊنگ، ٽرانسفارمرن جي خرابين سبب پاڻي جو وڏو بحران پيدا ٿيندو رھيو آھي، دعويٰ ڪئي وئي ھئي ته شھرين کي 24 ڪلاڪ پاڻي مھيا ڪيو ويندو ۽ ڪنھن به گھر مٿان پاڻي جي ٽانڪي جي به ڪنھن کي ضرورت نه پوندي، مگر اھڙيون دعوائون ڪوڙيون ثابت ٿي ويون آھن، ماضي ۾ موٽرن جي خرابي ۽ تلائن ۾ پاڻي جي کوٽ سبب ڪيترائي ڀيرا پاڻي جي سپلاءِ 5- 5 ڏينھن به بند رھي، ڪوبه متبادل نه جوڙيو ويو آھي جيڪو ڊيزل پمپن ۽ ٽيوب ويلن ذريعي جوڙي سگھجي ٿو. ماتلي شھر جي 70 سيڪڙي حصي ۾ زيرِ زمين پاڻي کارو ۽ ٻاڙو آھي، ان ڪري ماتلي ۾ پيئڻ جي پاڻي جو بحران سدا بھار رھيو آھي، شھر ۾ گھرن تائين پيئڻ جو مٺو پاڻي پھچائڻ لاءِ ھڪ سئو جي لڳ ڀڳ مزدور لڳل آھن جيڪي ڪٿان نه ڪٿان پاڻي ڀري گھرن تائين پھچائين ٿا ۽ ايئن روزي حاصل ڪن ٿا، ڪوبه اھڙو آر او پلان ناھي جيڪو گھرن ۾ پيئڻ جي پاڻي جون گھرجون پوريون ڪري سگھي، ڪجھ ھنڌن تي خيراتي نلڪا آھن جن تي پاڻي ڀرڻ وارن جي تمام وڏي رش نظر ايندي آھي، ماتلي ميونسپل ڪميٽي جي چيئرمين حاجي رضوان قائمخاني واٽر سپلاءِ جي نظام کي ڪافي بھتر ڪيو آھي، ان جي ڪوششن سان پاڻي جي سپلاءِ ريگيولر ٿي آھي، ان ڪري به جو موٽرن جون خرابيون ڪلاڪن ۾ درست ٿين ٿيون ۽ ٽرانسفامر خراب ٿيڻ تي اھي جلدي درست ٿين ٿا، پر لوڊشيڊنگ جي ڪري پاڻي جي گھرجن مطابق پاڻي جي سپلاءِ جي مسئلي ۾ وڏيون رڪاوٽون آھن. واٽر سپلاءِ اسڪيمون اصل ۾ پبلڪ ھيلٿ ڊپارٽمينٽ جو مسئلو آھي، جيڪو ادارو اھڙي ڪابه ذميداري نه پيو نڀائي، ميونسپل جي بجيٽ ايتري وڏي ناھي جو واٽر سپلاءِ جي ڪنھن گھربل اسڪيم تي لڳائي سگھجي.
ضرورت ان ڳالھ جي آھي ته سنڌ حڪومت ماتلي کي واٽر سپلاءِ جي ڪا نئين اسڪيم ڏئي جنھن مان وڏي اسٽوريج واري ٽانڪي ٺھي، ان کان اڳ ۾ پيئڻ جي پاڻي لاءِ ھر وارڊ ۾ آر او پلانٽ لڳن ۽ جتي جتي زيرِ زمين مٺو پاڻي آھي اتي بجلي جي موٽرن تي پمپ لڳن، ھينڊ پمپ به وڏي تعداد ۾ لڳائي انھن جي مينٽيننس ڪري شھرين جون پاڻي جون گھرجون پوريون ڪري سگھجن ٿيون. شھر مان گذرندڙ ڦليلي جي ٻنھي ڪنارن تي زمين جو مٺو پاڻي آھي، ڦليلي جي انھن ڪنارن تي ٿوري ٿوري خرچ تي پمپ يا ننڍا ننڍا ٽيوب ويل لڳائي سگھجن ٿا.