قومي جاڳرتائون رات پيٽ ۾ جنم ڪو نه ٿيون وٺن، نه ئي ڪو گهڙيءَ جو کيل آهي جو ماڻهن جي دماغ ۾ ڳالھ آئي ته معنيٰ ٿي وئي، پر هڪ مسلسل جدوجهد جي پويان به رت جي راند کيڏڻي پئي ٿي. نه ته تحريڪون رنگ نٿيون لاهين، مسلسل جاکوڙ آخر رنگ لائي ٿي ۽ قومون ڪامياب وڃن ٿيون. بنگلاديشي ماڻهو اهڙيون تحريڪون ۽ رت جي راند کيڏي چڪا آهن، انهن هميشه فوج سان مهاڏو اٽڪايو، پر هيل وري اهڙي حڪومت جو تختو اونڌو ڪري ويهي رهيا جيڪا پاڻ جمهوريت پسند هئي، پر ملڪ ۾ وڌندڙ بيروزگاري، بدحالي، بدامني، لاقانويت ۽ حڪومت جي عدم توجھ خلق کي مجبور ڪيو ته اهي تيستائين ساهي نه پٽيندا، جيستائين اهي شيخ حسينه واجد جو تختو اونڌو نه ڪندا ۽ آخر ڪيائون. اها ڳالھ به مڃون ته سول نافرماني، فوجي بغاوتون، خلق جو ائين ڇتو ٿي روڊن ۽ رستن تي نڪرڻ، سماجي اڻبرابرين جي لاءِ ايڏي وڏي پئماني تي تحريڪون هلائڻ ڪو مذاق ناهي. ان ڳالھ کان به ڪن لاٽار ناهي ته هر ناڪام رياست جي پويان ۽ هر ڪرندڙ حڪومت جي تختي پويان ڪنهن ٻاهرين ايجنسيءَ جو هٿ ضرور هوندو آهي ۽ هاڻي هڪ ڳالھ ٻي به ڏٺي وئي آهي ته موساد ۽ سي آءِ اي جي حڪومت ڪيرائڻ ۽ فوجي مداخلتون ڪرائڻ کاٻي هٿ جو کيل هوندو آهي ۽ اهي ڪري ٿا وڃن. ان ڪري هر ناڪام رياست ۾ آمريڪا جي ڪاميابي به هوندي آهي. ڇو ته هر سکئي ستابي ملڪ کي ڪرپشن ۽ قرض ۾ ڪيرائڻ انهن مغربي رياستن جي دلي خواهش رهي آهي.