بلاگنئون

ڍاڪا وري ڊهي پيو

قومي جاڳرتائون رات پيٽ ۾ جنم ڪو نه ٿيون وٺن، نه ئي ڪو گهڙيءَ جو کيل آهي جو ماڻهن جي دماغ ۾ ڳالھ آئي ته معنيٰ ٿي وئي، پر هڪ مسلسل جدوجهد جي پويان به رت جي راند کيڏڻي پئي ٿي. نه ته تحريڪون رنگ نٿيون لاهين، مسلسل جاکوڙ آخر رنگ لائي ٿي ۽ قومون ڪامياب وڃن ٿيون. بنگلاديشي ماڻهو اهڙيون تحريڪون ۽ رت جي راند کيڏي چڪا آهن، انهن هميشه فوج سان مهاڏو اٽڪايو، پر هيل وري اهڙي حڪومت جو تختو اونڌو ڪري ويهي رهيا جيڪا پاڻ جمهوريت پسند هئي، پر ملڪ ۾ وڌندڙ بيروزگاري، بدحالي، بدامني، لاقانويت ۽ حڪومت جي عدم توجھ خلق کي مجبور ڪيو ته اهي تيستائين ساهي نه پٽيندا، جيستائين اهي شيخ حسينه واجد جو تختو اونڌو نه ڪندا ۽ آخر ڪيائون. اها ڳالھ به مڃون ته سول نافرماني، فوجي بغاوتون، خلق جو ائين ڇتو ٿي روڊن ۽ رستن تي نڪرڻ، سماجي اڻبرابرين جي لاءِ ايڏي وڏي پئماني تي تحريڪون هلائڻ ڪو مذاق ناهي. ان ڳالھ کان به ڪن لاٽار ناهي ته هر ناڪام رياست جي پويان ۽ هر ڪرندڙ حڪومت جي تختي پويان ڪنهن ٻاهرين ايجنسيءَ جو هٿ ضرور هوندو آهي ۽ هاڻي هڪ ڳالھ ٻي به ڏٺي وئي آهي ته موساد ۽ سي آءِ اي جي حڪومت ڪيرائڻ ۽ فوجي مداخلتون ڪرائڻ کاٻي هٿ جو کيل هوندو آهي ۽ اهي ڪري ٿا وڃن. ان ڪري هر ناڪام رياست ۾ آمريڪا جي ڪاميابي به هوندي آهي. ڇو ته هر سکئي ستابي ملڪ کي ڪرپشن ۽ قرض ۾ ڪيرائڻ انهن مغربي رياستن جي دلي خواهش رهي آهي.
شيخ حسينه واجد بنگلاديش جي سڀ کان ڊگهو عرصو رهندڙ وزيراعظم هئي. سندس دور ۾ بنگلاديش معاشي طور ترقي ڪئي. في ماڻهوءَ جي ڪمائي 2600 ڊالرن تائين وڃي پهتي هئي، پر ملڪ ۾ اڻبرابري سبب غربت ۽ بيروزگاري وڌي رهي هئي. تازو ئي بنگلاديش ۾ 500 سرڪاري نوڪرين لاءِ 6 لک درخواستون آيون، جنهن ۾ رياست پريشانيءَ جو شڪار ٿي وئي. وري ٻيو سبب اهو به هو ته شيخ حسينه واجد مخالف ڌر جي لاءِ ڳالهين ۽ جمهوري سياست جا دروازا بند ڪري ڇڏيا هئا. هن شيخ مجيب ۽ بنگالين جي قتل ۾ ملوث جماعت اسلامي جي اڳواڻن کي ڦاهيون به ڏياريون. جنهن سبب خالدہ ضياءُ جي بنگلاديش نيشنلسٽ پارٽي عملي طور سياست کان ٻاهر ٿي وئي هئي. حسينه واجد پارٽيءَ اندر به مخالفت کي برداشت نه ڪندي هئي. شيخ حسينه واجد جي آمراڻي رويي جي ڪري هن جي ڪيترن ساٿين سندس سياسي پارٽي ڇڏي ڏني هئي. ڇو ته هوءَ ڪجھ به برداشت نه ڪندي هئي. شيخ مجيب به ڏاڍو مڙس هو ۽ رڳو پنهنجي هلائيندو هو، پر هو ملڪ جو باني هو، تنهنڪري ان جي بنگالي ماڻهو سهندا هئا، پر هن مائيءَ سان مخالفن ۽ سندس پارٽيءَ جي ماڻهن جو هلڻ ڏکيو ٿي پيو هو. سندس دور ۾ ڪرپشن، بيروزگاري ۽ غربت ۾ واڌ ٿيڻ سبب عوام ۾ اڻتڻ وڌي وئي هئي. نيٺ شاگرد تحريڪن سان بنگلاديشي ماڻهن جو دٻيل لاوو بڻجي ڦاٽي پيو ۽ شيخ حسينه کي حڪومت ڇڏڻي پئي. فوجي سربراھ کي لڳاتار هنگامن ۽ 300 ماڻهن جي مارجڻ کانپوءِ هٽايو ويو. اها ٻي ڳالھ آهي ته شيخ حسينه جي دور ۾ فوج کي نوازيو ويو. بنگلاديش سرڪار آرمي ويلفيئر ٽرسٽ ۽ هڪ ٻئي عسڪري اداري معرفت فوجين کي تمام وڏيون رقمون ڏنيون ۽ کين وڏا ٺيڪا ۽ ٻيا مالي فائدا به ڏنا، جن جو انت شمار ناهي.
گذريل ڏينهن کان بنگلاديش جي اندروني صورتحال عالمي ميڊيا جو مرڪز بڻيل رهي. اها ڳالھ موازني طور ملائي سگهجي ٿي ته پاڪستان ۾ جي اهڙي ڪا تحريڪ اڀري ته اها به ائين شديد هوندي ۽ ان جا به ابتر اثر هن سرڪار، رياست ۽ عسڪري ادارن تي به پوندا، پر ڳالھ اها به آهي ته ٻليءَ جي ڳچيءَ ۾ گهنٽي ڪير ٻَڌي ۽ ڪير اهو جوکم کڻي ۽ ڪير شروعات ڪري، پر ملڪي حالتن مان ائين ٿو لڳي ته رياست ڄڻ بي خبر بڻيل آهي، پر بنگلاديشي سموري صورتحال کي عام زبان ۾ پيش ڪري سگهجي ٿو. اها ڳالھ به مڃون ٿا ته بنگلاديش جي سياست کي به موروثيت جو ڪيڙو لڳل آهي. شيخ مجيب کانپوءِ ان جي لاڏلي ڌيءَ شيخ حسينه واجد پنهنجي مخالف بنگلاديش نيشنل پارٽي ۽ خالده ضياءُ جي لاڳيتو مد مقابل رهي ۽ مسلسل اقتدار تي به قابض رهندي آئي. خالده ضياءُ جي آخري حڪومت سن 2007 ۾ فوجي جرنيل ڪرفيو ختم ڪري عبوري حڪومت قائم ڪئي، جنهن ۾ ٻن سالن کانپوءِ اليڪشن ڪرائي وئي. عوامي ليگ جي شيخ حسينه واجد چونڊون کٽيون ۽ خالده ضياءُ مٿان ڪيس داخل ڪرايا. عدالتن ذريعي کيس سزا ڏني وئي، 2019 ۾ کيس جيل موڪليو ويو ۽ ڪيترائي ڀيرا خالده ضياءُ کي پنهنجي گهر ۾ به نظر بند ڪيو ويو.
شيخ حسينه واجد 2009 کان اقتدار سنڀالڻ کانپوءِ اڄ تائين مسلسل اقتدار ۾ رهي آهي. بنگلاديش ۾ به فوج ٽي دفعا معنيٰ 1975، 1982 ۽ 2007 ۾ مارشل لا لاڳو ڪئي هئي ۽ ٽي دفعا 1980، 1996 ۽ 2011 ۾ چونڊيل حڪومتي تخت گاهن کي ڪيرائڻ ۾ ناڪام ٿي هئي، يعني اتي به فوج جو ڪردار اهم رهيو. اها ڳالھ واضح آهي ته شيخ حسينه واجد بنگلاديش کي معاشي بنيادن تي تمام گهڻو مضبوط بڻايو ۽ فوجي جرنيلن کي به مراعات سان نوازيندي رهي. ان دوران ملازمن جي پگهارن ۾ ڪافي اضافو ڪيو ويو، جنهن ۾ آفيسرن کي وڌيڪ ادائگي ٿيندي رهي. هن پنهنجي اقتدار ۾ عسڪري ادارن جي ضرورتن کي خاص اهميت ڏني، پر ان کان به وڌيڪ ڪوٽا سسٽم تحت هڪ وڏو حصو انهن فوجين، بيورو ڪريسي ۽ رٽائرڊ آفيسرن جي ٻارن کي ڏنو ۽ بجيٽ جو هڪ وڏو ڀاڱو انهن جي خاندانن جي واسطي رکيو ويو، جنهن ڳالھ عام خلق کي چيڙائي وڌو، ان ڪري شيخ حسينه به ڄڻ پاڪستان رياست جي نقش قدم تي هلڻ شروع ڪيو ۽ هن به عام ماڻهن کي عام ئي سمجهيو، هن جي ذهن ۾ اها ڳالھ به ويٺل هئي ته فوجين جا ٻار فوجي ٿين ۽ بيوروڪريٽس جا ٻار به بيوروڪريٽ ٿين، جنهن ورڇ خلق ۾ سندس خلاف نفرت وڌائي ڇڏي، جنهن جو نتيجو اهو نڪتو جو هن کي ملڪ ڇڏي ٻين ملڪن ۾ پناھ جي خيرات وٺڻي پئي. حالانڪه ٿيڻ ته ائين گهرجي ها ته ڪوٽا سسٽم ڇڏي ميرٽ جي بنياد تي نوڪرين ۽ مراعتن جي ورڇ ٿيڻ گهرجي ها، پر ائين نه ٿيو ۽ ڳالھ شيخ حسينه واجد جي ڳچيءَ ۾ پئجي وئي، جنهن سبب شاگرد تنظيمن پنهنجي جدوجهد ۾ نوان مطالبا ۽ احتجاج شروع ڪري ڇڏيا، پر رياست ان ڳالھ تي هڙٻڙ ۾ اچي پنهنجون متيون منجهائي ڇڏيون ۽ عام خلق جي ريلين تي لاٺي چارج ڪئي ۽ آنسو گئس جو استعمال به ڪيو.
ديشي پوليس امن امان جي صورتحال جو سوئوموٽو نوٽيس ورتو ۽ ضروري نقطن تي شاگردن سان ڳالهائڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو، پر تنهن جي باوجود به شاگردن تي ڪريڪ ڊائون ڪيو. شيخ حسينه واجد ٽي وي تي هڪ مشتعل بيان ڏنو جنهن ۾ هن پنهنجي حقن جو مطالبو ڪندڙ شاگردن کي 1971 ۾ پاڪستاني فوج جي مدد ڪرڻ وارن رضاڪارن سان تشبيهون ڏنيون ۽ انهن کي شرپسند ۽ ملڪ دشمن قرار ڏنو. ان ڳالھ سموري ديشي شاگردن سان گڏ مردن ۽ عورتن کي به چيڙائي وڌو ۽ تحريڪ نفرتن ۾ بدلجي وئي، معاملو ان حد تائين هليو ويو جو ملڪ ۾ ڪرفيو لاڳو ڪيو ويو. رياست موبائل نيٽورڪ ۽ انٽرنيٽ سروسز جام ڪري ڇڏيون. حسينه واجد ان سموري تحريڪ کي ملڪ دشمن قرار ڏنو ۽ انهن کي سختي سان نبيرڻ جون هدايتون جاري ڪيون، پر ائين لڳو ته عام خلق سان گڏ ديشي ادارن به تحمل ٽوڙيو ۽ خلق جي خلاف ٿي بيهي رهيا. سموري ملڪ ۾ مظاهرا ان حد تائين پهتا جو سوين شاگرد موت جو شڪار ٿي ويا. ملڪي نظام مفلوج ٿي ويو ۽ شيخ حسينه واجد فوج کي وري هدايتون جاري ڪيون ته اهي طاقت جو استعمال ڪن، پر تحريڪ پوءِ به قابوءَ ۾ نه آئي ۽ خلق وڌيڪ ڇتي ٿي پئي ۽ آخر شيخ حسينه واجد ملڪ ڇڏي ڀڄي وڃڻ ۾ ڪامياب ٿي وئي. ملڪ جو نظام فوج سنڀالي ورتو، تحريڪ ماٺي ٿي وئي ۽ شاگرد تنظيمن ان ڳالھ کي ڀلو سمجهيو، شاگردن جا مطالبا منظور ڪيا ويا. ديشين شيخ حسينه واجد جي آمراڻي طرز واري حڪومت مان جان ڇڏائي ۽ ان سان گڏوگڏ ان ڳالھ جو به شڪر ڪيائون ته هاڻي ملڪ ۾ ميرٽ هلندي ۽ ڪو به ڪوٽا سسٽم نه هوندو جنهن ۾ فوجي ۽ بيوروڪريٽس جي ٻارن جي لاءِ ڪي به مخصوص سيٽون نه هونديون. وقتي طور فوج اقتدار ته سنڀالي ويندي ۽ عام چونڊون به ٿي وينديون، پر ديشي شاگردن جي همت ۽ جرئت کي سلام آهي جو انهن آڻ نه مڃي، وڪيا نه ۽ نه ئي ڪنهن لچڪ ۾ ڦاٿا، جو ڪير انهن کي اقتدار جي لاچ ۾ ڦاسائي ڪا اهڙي ڳالھ ڪري وجهي ها جو هي شاگرد تحريڪون پئسن تي وڪامجي، بازاري وکر بڻجي وڃن ها، پر خلق ڪاوڙ ۾ اچي بابا قوم شيخ مجيب جو ديو هيڪل مجسمو به زمين بوس ڪري ڇڏيو جيڪو نه ٿيڻ کپي ها، پر ڪنهن صورت پاڪستان جي تاريخ به اهڙن بيشمار ساڳين واقعن سان ڀري پئي آهي. هتي به جيڪي حالتون بڻجي رهيون آهن، سي به ساڳيون آهن، جن جي پيش نظر رياست کي سوچڻ جي ضرورت آهي جو سڀاڻي متان صورتحال ساڳي ٿئي ۽ شيون ڪنٽرول نه ڪري سگهجن.