پاڪستانخاصنيو‍‍ز

ثاقب نثار عمران خان سان گڏجي ظلم ڪيو، ان فتني جي شرپسندي کي هميشه لاءِ ختم ڪيو: نواز شريف

ن ليگ جي قائد نواز شريف چيو آهي ته عمران خان پاڪستان لاءِ تمام گهڻو خطرناڪ آهي، ان فتني جي شرپسندي کي هميشه لاءِ ختم ڪيو وڃي. لنڊن ۾ صحافين سان ڳالهائيندي نواز شريف چيو ته هو چوندو هو ته آئون ايماندار آهيان، چوري ناهيان ڪندو، 8 سالن تائين پابندي پيل فنڊنگ جي جاچ ٿيندي رهي، جنهن ۾ سڀ کان وڏي چوري ۽ مني لانڊرنگ ثابت ٿي. هن چيو ته کيس خبر هئي ته تاريخ جو سڀ کان وڏو ڌاڙو هن هنيو آهي، هي پاڪستان ۾ پرڏيهي ايجنڊا لاڳو ڪري رهيو آهي، اهو شخص پرڏيهي ايجنڊا کڻي پاڪستان آيو هو. سندس موجب چيو ويو ته نواز شريف کي 2018 جي چونڊن کان اڳ سزا ملڻ گهرجي، پٽ کان پگهار نه وٺڻ تي مون کي ڪڍيو ويو، اسان کي سيسلين مافيا چيو ويو، گاڊ فادر جا لقب ڏنا ويا، ثاقب نثار نيب کي حڪم ڏنو ته نواز شريف ۽ مريم نواز خلاف ڪيس جلد اڪلايو، انهن کي سزا ڏيڻي آهي ۽ عمران خان کي آڻڻو آهي. نواز شريف چيو ته ثاقب نثار ان شخص کي جعلي صادق ۽ امين جو سرٽيفڪيٽ ڏنو، ثاقب نثار عمران خان سان گڏجي ظلم ڪري ويو آهي، جيڪو ظلم ان شخص ڪيو، قوم ان جو نوٽيس وٺي، اليڪشن ڪميشن جي رپورٽ معمولي ناهي.