شاعرينئون

شاعري

ڌرتي ۽ قلمڪار

ڪريم چانڊيو

اي ذهين عورت!

تون پڇين ٿي ته

آئون ويران گهرن

ڪمزور ٻانهن ۾ ٽنگيل تصويرن

۽ جوان لاشن مان وهندڙ رت جي خوشبوءَ تي ڇو لکان ٿو؟

تون حيران ٿي پڇين ٿي ته!

منهنجي ڪويتائن ۾ فقط بن قاسم ۽ سندس حوارين سان نفرت!

کنڀجي ويل ڳڀرن جون روئندڙ مائرون!

تڙپندڙ ڀيڻون!

۽ لڇندڙ ونيون ڇو هونديون آهن؟

تون چوندي آهين ته

اي ڪريم تون ڀاڪرن تي لک

چمين تي لک

خوبصورت جسم جي خوشبو تي لک

۽ رومانس تي ڳالهاءِ!!!

پر اي ذهين سانئڻ!

شايد توکي خبر ناهي

منهنجون سمورين ڪيفيتون ته ان ڌرتيءَ سان جڙيل آهن

جيڪا غلاميءَ جي ڪري اسان جي

زخمي آڱرين مان کسڪي رهي آهي۔

منهنجي محبت ته ارباب ڀيل جي اکين سان آهي

جيڪي قيد خاني جي انڌاري ۾ هوندي به صبح ٿيندي ئي آزادي جا خواب ڏسن ٿيون۔

منهنجي محبت ته ان ٿري امڙ سان آهي

جيڪا بنگال جي بيخوف مائن وانگي

جيل جي شيخن جي وچان

 پنهنجي پٽ جي پيشاني تي چمي ته نٿي سگهي

پر آزاديءَ جي لولي ضرور ٻڌائي ٿي۔

منهنجا گيت ته سورٺ ۽ سسئي لوهار جهڙين ڀيڻن لاءِ آهن

جيڪي پنهنجي پيءُ جو لاش ڪلهن تي کڻي به

آزادي جو گيت ڳائن ٿيون۔

منهنجا شعر ته عاقب چانڊئي جي امڙي لاءِ آهن

جنهن جو جوان پٽ واپس اچڻو هئو پر سندس تصوير آئي۔

منهنجو قلم ته

انهيءَ مٽيءَ لاءِ آهي جيڪا هر ويرانيءَ جي باوجود

به پنهنجن ٻچڙن کي گلي لڳائي ٿي۔

تون چوندي آهين نه!

ڪريم تون شاعريءَ ۾ گل ڇو نٿو آڻين؟

سانئڻ آئون گل به آڻيان ٿو

پر اهي گل فقط قبرن جي ڪنارن تي ٽڙن ٿا۔

آئون ڀاڪر به آڻيان ٿو

پر اهي ڀاڪر فقط انهن امڙين جي آٿت لاءِ آهن

جيڪي پٽن جي آزاديءَ جي انتظار ۾

اڄ به ڪراچي جي پريس ڪلب تي چرين وانگي ويٺيون آهن۔

اي سقراط جي شاگرد!

تون سوال ڪندي رھ

۽ تون پنهنجن سوالن جا وڪڙ ٺاهيندي رھ

تيسين آئون وري هڪ نوجوان جي لاش تي نوحو لکي

توکي جواب ڏيان ٿو۔

***

امان!

ريحانه فتح خان

تون منهنجي زندگيءَ جي،

 پهرين صبح آهين،

جنهن جي سوجھري ۾،

 نه ڪو خوف هو،

نه ڪا شرط،

نه رستن جو پنڌ،

نه تقدير جا ڪنڊا.

پر مون جڏهن،

تنهنجي ڇانوَ کان ٻاهر قدم رکيو،

تڏهن ڄاتو اٿم،

دنيا تنهنجي نرم هٿن جي ڇهاءَ جهڙي ناهي،

نه تنهنجي ٿڃ جيان اجري،

نه منھنجي ريشمي گڏيءَ جهڙي معصوم.

دنيا ظالم آهي، امان!

هر خوشيءَ کان اڳ ڳڻپ وٺي ٿي،

هر مرڪ جو حساب اڳواٽ وٺي ٿي،

۽ خوابن جي سينگاريل سيج،

ڪنڊن جي نذر ٿي ويندي آهي.

امان او امان!

مون تنهنجي آغوش مان نڪرڻ کان پوءِ،

وقت جي عدالت ۾ پاڻ کي ڏٺو آهي،

جتي هر نگاهه مون کان پڇي ٿي،

“ڇو چپ آهين؟”

“ڇو ڳالهائين ويٺي؟”

“ڪهڙو خواب ڏٺو اٿئي؟”

امان، تون ٻڌاءِ،

ڪهڙو پيمانو آهي،

جو نياڻيءَ جي مرڪ ماپي سگهي ٿو،

پر سندس لڙڪن جو وزن کڻڻ وساري ٿو ويهي؟

ھا مان ڄاڻان ٿي،

تون مونکي سنڀالڻ ٿي چاھين،

 بچائڻ ٿي چاھين،

لوڪ جي نظرن کان لڪائڻ ٿي چاھين،

پر دنيا جا هٿ ڊگها آهن،

آسمان تائين پهچي ويندا آهن.

امان منھنجي جيجل!

مون کي پنهنجي دل جي سڀ کان نرم ڪنڊ ۾ لڪائي ڇڏ،

جتي گھڙيال جون سُئيون بيهي رھن،

جتي دنيا جا تير رستي ۾ ئي ٿڪجي پون،

 جتي آسمان ۾ تنهنجي دعا جو نيرو پاڇو پکڙيل هجي،

جتي منهنجو نالو ڪنهن حساب جي ڪتاب ۾ نه هجي،

۽ قسمت به منهنجي تقدير تي پنهنجو فيصلو لکڻ وساري،

رڳو تنهنجي محبت جي ڪهاڻي پڙهندي رهي.

***

غزل

مسافر هاليپوٽو

لوڪ کي تڪرار ڪرڻو آ اڃان!

پيار تي ڪو وار ڪرڻو آ اڃان!

دلرُبا دل سان چوان توکي پيو

اچ اکين کي چار ڪرڻو آ اڃان!

قيد زلفن ۾ ڪيو مونکي اٿئي،

پو به ڪو انڪار ڪرڻو آ اڃان!

دل ته تنهنجي عشق ۾ پئي آ سڙي

ڇا سڙيءَ کي ڇار ڪرڻو آ اڃان!

باغ ۾ سا لوڏ ساڳي آ ٻَڌل

ها دلين کي ٻار ڪرڻو آ اڃان!

نفرتن کي ناس ڪرڻو آ صفا

نينهن کي نروار ڪرڻو آ اڃان.

اک رکي جنهن آ سنڌوءَ جي سير تي

سا سِسي سر ڌار ڪرڻو آ اڃان!

تون ٿڪي بس ايتري ۾ ئي پئي؟

پر سفر دشوار ڪرڻو آ اڃان.

ڪٿ مٺي هيءَ سنڌ آ آزاد ٿي،

غير سان  وهنوار ڪرڻو آ اڃان.

هي به ڪو ضد آ قلم اڇلي ڇڏيان!

درد جو اظھار ڪرڻو آ اڃان

ڇو مسافر کي ڏيارين مات ٿي؟

ڪو ادا ڪردار ڪرڻو آ اڃان!

***