والدين غريب هجن يا امير پنهنجي ٻارن جي هر خواهش پوري ڪرڻ چاهيندا آهن. ڪڏهن خواهش پوري ڪرڻ سندن هٿ ۾ هوندو آهي ۽ ڪڏهن وري نه. جڏهن هو ٻارن جي ڪا ڳالهه پوري ڪندا آهن ته شايد ٻار کان وڌيڪ خوش اهي پاڻ هوندا آهن ڇو جو سندن ٻارن جي خوشيءَ ۾ ئي ته انهن جي خوشي هوندي آهي، پر وري جڏهن هو ٻارن جي دل جي ڳالهه پوري نه ڪري سگهندا آهن ته ٻارن جا اُداس چهرا سندن جيءُ جهوريو ڇڏين.
رشيد جو جيءُ به ايئن ئي ڏُک ۾ هو جڏهن سندس سڪيلڌي پُٽ، جانوءَ بيڪري جا بسڪوٽ کائڻ جي خواهش ظاهر ڪئي. “بابا مونکي شيشي ۾ رکيل بسڪوٽ کپن” جانوءَ چيو. پٽ جي ان معصوم خواهش تي رشيد پُٽ جي ساڄي ڳٽي تي پيار وچان هٿ رکي چيو “ها بابا. مان پنهنجي شهزادي کي وٺي ٿو ڏيان. هاڻي تون هيئن ڪر ته ٿوري دير سمهي پئو. جيستائين تون اٿندين ته مان سڀ سنگ وڪڻي چڪو هوندس پوءِ انهن پئسن مان پُٽ کي بسڪوٽ وٺي ڏيندس، ٺيڪ آهي؟”
“ٺيڪ آ، بابا”. جانو آسرو رکي پيءُ جو چيو مڃي ريڙهيءَ جي هڪ پاسي کان ڍونڍڙو ٿي سمهي پيو. گرمي هئڻ ڪري کيس ڪنهن چادر جي ضرورت نه هئي. ويتر رات جي ٿڌڙي هيرَ سندس جسم تي پگهر کي ٺاري رهي هئي. جهٽ ۾ ئي جانوءَ کي ننڊ ورائي وئي.
پُٽ کي آسرو ڏئي رشيد سمهاري ته ڇڏيو، پر هو سوچ ۾ گُم ٿي ويو ته جڏهن جانو اٿندو ته هو بسڪوٽ گهرندو ۽ پوءِ هو پنهنجي پُٽ کي ڪيئن سمجهائيندو؟ رشيد هونئن ته هڪ فيڪٽري ۾ ملازم هو، پر ملڪ جي معاشي حالتن ڪري فيڪٽري جي مالڪ گهڻن مزدورن کي ڪم تان لاهي ڇڏيو هو. انهن بدنصيبن ۾ رشيد به شامل هو. تنهن کانپوءِ هو ريڙهيءَ تي ڪجهه نه ڪجهه وڪڻي گذر سفر ڪندو هو. اڄ سندس گهر واري ناچاڪ هجڻ ڪري هو گهران دير سان نڪتو هو ۽ پٽ به گڏ ڪري نڪتو هو ته جيئن سندس گهر واري ڪجهه آرام ڪري جلد بهتر ٿئي.گهران دير سان نڪرڻ ڪري ڪا خاص روزي به ن ٿي هئس. گهر واريءَ جون دوائون، سڀاڻي جي کاڌ خوراڪ جو بندوبست ۽ مٿان جانوءَ جي فرمائش. رشيد انهن خيالن ۾ ئي جڪڙيل هو ته ڪنهن رڙ ڪئي “او ريڙهيءَ وارا! ٻڌين ڪو نه ٿو ڇا؟”
ڪنڌ ورائي ڏٺائين ته بيڪري جو چوڪيدار هو. رشيد کي ڏاڍيان هڪل ڪيائين “هل هتان ريڙهي اڳتي ڪر! صاحب ٻاهر ايندو ته ڪاوڙ ڪندو. الائي ڪٿان هليا ٿا اچو.”
جڏهن انسان جي ڦٽندي آهي ته خسيس چوڪيدار هٿان به بي عزتو ٿيڻو پوندو آهي، ڄڻ هو مالڪ هجي. رشيد ڏٺو ته سندس جانوءَ کي ننڊ آهي ۽ هو سهي سمهيو پيو آهي. پوءِ هُن ريڙهيءَ کي ڌڪو ڏئي آهستي آهستي ريڙهي اڳيان ناليءَ جي وهندڙ ڪني پاڻي مان ٽپائي اڳتي ٿوري اونڌاري ۾ بيهاري. پوئتي ڦري ڏٺائين ته ڪاٽن جي اڇي جوڙي ۾ سنڌي ٽوپي پهريل ۽ ساڄي ويڙهين ۾ گولڊن رنگ جي واچ پاتل هڪ ماڻهو نڪتو. بيڪري جي چوڪيدار هن صاحب کي سلام ٺوڪيو. “هيءُ پڪ سان هن بيڪري جو مالڪ هوندو” رشيد سوچيو. صاحب چوڪيدار کي ريڙهيءَ واري ڏانهن اشارو ڪندي ڪجهه چيو ۽ پنهنجي گاڏيءَ ۾ ويهي هليو ويو. چوڪيدار بيڪري جي اندر ويو ۽ بيڪري جي مئنيجر کي وٺي آيو ۽ وري هي ٻئي ريڙهيءَ جي پاسي منهن ڪري ڪجهه ڳالهائڻ لڳا. رشيد کي تجسس ٿيو ۽ هو انهن کان پڇڻ لاءِ شلوار جا پائنچا مٿي ڪري ڪني پاڻيءَ مان ٽپي انهن ڏانهن وڌي ويو.
چڱي جهٽ گذري وئي، پر رشيد ريڙهيءَ ڏي نه وريو. ريڙهيءَ تي جانو اڪيلو سمهيو پيو هو. ريڙهي چوڪ تان هٽي ديوار سان لڳي بيهڻ ڪري هوا جي وهڪري کان نڪري وئي. هوا گهٽ لڳڻ ڪري جانوءَ پاسا ورائڻ شروع ڪيا. جسم پگهرجڻ ڪري جهٽ ۾ بي چيني وڌيس ۽ اَکِ کُلي ويس. هيڏانهن هوڏانهن نهاريائين ته سندس پيءُ بيڪري وٽ پاسي کان هٿ ڌوئيندي نظر آيس. جانوءَ سوچيو “بابا کي ضرور گرمي ٿيندي هوندي. انڪري هٿ منهن ڌوئڻ ويو آهي.”
جانو جيئن ئي سڌو ٿي ريڙهيءَ تي اٿي ويٺو ته ڏٺائين ته سڀ سنگ ريڙهي تان غائب آهن ۽ هڪ اڇي ڀريل ٿيلهي الائجي ڇاجي پئي آهي. خير هو خوش ٿيو ڇو ته سنگ وڪڻجڻ جو مطلب هن کي بيڪري جا بسڪوٽ ملندا. هو هڪدم ريڙهيءَ تان لٿو ۽ سڌو اچي پيءُ کي ڄنگهن کان ڀاڪر پاتائين. رشيد به هُن کي ڏسي خوش ٿيو. کيس نِرِڙ تي چُمي ڏنائين ۽ چيائين “جانو، تنهنجا بسڪوٽ اچني ٿا”. جانوءَ جي مُرڪ ڏسڻ وٽان هئي. جهٽ ۾ ئي چوڪيدار نڪتو ۽ رشيد کي ٿيلهي هت ۾ ڏنائين جيڪا هن هڪدم جانوءَ کي هٿ ۾ ڏني. جانو خوشيءَ مان ٿيلهي وٺي ريڙهي ڏي وريو. چوڪيدار وري 100 رپيا رشيد کي ڏيڻ لاءِ هٿ وڌايو ته رشيد پڇيس “هي ڇا آهي؟”
چوڪيدار چيس “تون ننڍي صاحب کان ڪم جي عيوض رڳو بسڪوٽ گهريا هئا. تنهنڪري صاحب هي پئسا خاص تنهنجي لاءِ ڏنا آهن. چيائين ته ڪجهه پنهنجي لاءِ وٺجان.”
رشيد ٿوري سوچ ۾ هو ته وري چوڪيدار چيو “اڙي يار رکي ڇڏ! انعام سمجهي رکي ڇڏ. آخر تو ايڏي سٺي نموني نالي صاف ڪئي آهي، تنهنجو حق آهي. وڏو صاحب هن ناليءَ کي ڏسي هاڻي به ڪاوڙجي نڪتو.” رشيد مرڪيو ۽ 100 رپيا وٺي واپس ريڙهيءَ ڏانهن هليو ويو جتي سندس پُٽ اُن جي راهه ڏسي رهيو هو ۽ هن ڏٺو ته ريڙهيءَ سان سنگ غائب هئا ۽ هن 100 جي نوٽ کي ڏٺو.