وليرام ولڀ جي زندگيءَ کان موڪلاڻي
زندگيءَ کان موڪلاڻي رواجي طرح ائين سمجهيو ويندو آهي ته ڪنهن شخص لاءِ زندگي پنهنجو در بند ڪيو. 29 تاريخ جي شروعاتي ڪلاڪن ۾ وليرام ولڀ زندگيءَ کان موڪلايو. اها موڪلاڻي هڪ رواجي موڪلاڻي نه هئي، پر علم ۽ عمل جي موڪلاڻي هئي. وليرام ولڀ سنڌي ادب جي وڏن نالن ۾ انهيءَ ڪري شمار ٿئي ٿو ته هن گذريل صدي کان وٺي موجود ايڪيهين صديءَ تائين ادب ۾ پنهنجون تخليقون پيش ڪيون، پر اسين اهو به چونداسين ته هو اديب ته هو، مترجم ته هو، ادب ۾ سندس اهي ٻئي حيثيتون مقدم آهن، پر هو سنڌي ادب جو تعمير ڪندڙ هو. سڄي دنيا جي ادب ۾ ڪهڙا لاڙا ۽ ڪهڙيون تخليقون آهن. انهيءَ کان هو اسان کي واقف ڪندو رهيو. هن وڏي ڄمار ماڻي. هو 82 سال جيئرو رهيو. هاڻ بظاهر اسان ۾ ناهي، پر هو پنهنجي ادبي تخليقن ۽ پنهنجي ادبي پورهئي ۽ جيڪا اسان مٿي ڳالهه ڪئي آهي ته ادب ۾ هن جو ڪردار هڪ معمار جو به هو. انهيءَ ڪري هو اسان جي وچ ۾ گهڻو وقت زنده رهندو. سبب ان جو اهو آهي ته هن جون ادبي تخليقون زنده رهنديون. هن گهڻو ياد رهڻ جهڙو ۽ جيئرو رهڻ جهڙو ڪم ڪيو آهي. انهيءَ ڪري هن جو ادبي ڪم جيئرو رهڻو آهي. پنهنجي ادبي پورهئي جي ڪري هن جي حياتي هڪ طرح سان سندس ديهانت کانپوءِ به محسوس ٿئي ٿي ۽ ٿيندي رهندي مٺيءَ جي وارياسي زمين تي گذريل صدي جي پهرئين اڌ ۾ جنم وٺندڙ وليرام پنهنجي تعليم ۾ به اڳيان وڌيو ۽ هن سنڌ يونيورسٽي مان اعليٰ تعليم جون سندون حاصل ڪيون ۽ مختلف ملازمتون ڪيون. تعليم ۽ ملازمت ساڌارڻ جيون لاءِ ضروري آهي، پر وليرام جنهن جو تخلص ولڀ آهي. اهو وليرام ولڀ جي نالي سان مشهور ئي ان ڪري ٿيو، جو هن ادب سان پنهنجو ناتو ۽ واسطو رکيو ۽ سندس سڃاڻپ ۽ حيثيت هڪ اديب جي آهي ۽ هڪڙي وڏي ترجمي نگار جي آهي. نه ته پوسٽ گريجوئيٽ به گهڻا آهن ۽ سرڪاري آفيسر به گهڻا آهن. انهن ٻنهي رستن سان گڏ يعني تعليم ۽ ملازمت جي رستي سان گڏ هن ڪلا سان جيڪو ناتو جوڙيو انهيءَ ڪلا هن کي اهم شخص ثابت ڪيو. وليرام ولڀ جو ڪم تخليق ۽ سندس ترجمن جو انتخاب حيران ڪندڙ آهي. هن لڳي ٿو ته پنهنجو ڪل وقتي ڪم ۽ واسطو ادب سان رکيو. سندس ٻئي نياڻيون اديب ۽ شاعر آهن. سندس نياڻي پشپا ولڀ معروف شاعرا آهي. هن ئي سال سندس تازو شعري مجموعو “گل مهر جي موسم” شايع ٿيو. خوشنصيبي سان وليرام ولڀ صاحب انهيءَ جي شعري مجموعي جي مهورتي تقريب ۾ پاڻ موجود هو. يعني وليرام ولڀ صاحب جو ادب ۽ فنون سان واسطو ايترو گهرو ۽ پُراثر هو جو هن جو اولاد به ادب ۽ فنون سان لاڳاپيل آهي. هن جو ادبي ڪيريئر ٻن صدين جي وچ ۾ سفر ڪندو رهيو. سندس گجراتي زبان مان ترجمو ڪيل پهريون افسانو 1962 ۾ ٽماهي مهراڻ ۾ ڇپيو. وليرام ولڀ ادب جي دنيا جو هڪ محنت ڪش شخص هو. هن پنهنجي پويان پنهنجي طبعزاد تحريرن، ترجمن ۽ تحقيقي ڪتابن جي هڪ قطار ڇڏي آهي. جڏهن ڪوئي اديب پنهنجي پويان ڪتابن جي هڪ قطار ڇڏي وڃي ۽ اهڙو ادب تخليق ڪري وڃي يا جنم ڏئي جنهن کي زندگي به هجي ۽ پائندگي به هجي، جنهن کي اثر به هجي ته اثر پزيري به هجي. هن ترجمي جي فن سان سنڌي ادب جي پڙهندڙن کي دنيا جي اهم ادب سان واقف ڪرايو. پهريون دفعو قرت العين حيدر ۽ ڪرشن چندر جي ناولن کي سنڌي پڙهندڙن جي اڳيان پيش ڪيو ويو. جن کي نه صرف پڙهندڙن، پر اديبن به پسند ڪيو. امرتا پريتم جو پنجابي ناول “بند دروازو” به وليرام ولڀ ترجمو ڪري سنڌي پڙهندڙن کي پيش ڪيو. سنڌي ادب ۾ وليرام ولڀ جو وڏو حصو آهي ۽ هن ادب ۽ فن لاءِ يقينن نور نچوئيو آهي. هڪ الڳ جيون جيئڻ يقينن هڪ ڏکيو ڪم آهي ۽ وليرام ولڀ انهيءَ ڏکئي ڪم جو انتخاب ڪيو. اهو الڳ جيون جيئڻ ادب ۽ فن سان جيئرو رهڻ هو. انهيءَ ڪري اسين سمجهون ٿا ته هو پنهنجي ساڌارڻ جيون ۾ 82 سال زنده رهيو، پر ادب ۽ فن کي ارپيل سندس پورهيو کيس ٻيا 82 سال زنده رکندو. ادارو وليرام ولڀ جي خاندان سان ڏک جي هنن گهڙين ۾ گڏ آهي. اسين سندس نياڻين مشهور شاعرا ڊاڪٽر پشپا ولڀ، گوري ولڀ ۽ سندن فرزند ڪمليشور صاحب سان تعزيت ٿا ڪريون ۽ اسان کي اهو يقين آهي ته وليرام ولڀ جو ادب ۽ فن لاءِ ڪيل تخليقي ڪم هميشه ياد رکيو ويندو. وليرام ولڀ جي زندگي کان موڪلاڻي کي اسين موڪلاڻي نه ٿا سمجهون. هو پنهنجي تحرير ڪيل ڪتابن سان اسان سان گڏ آهي ۽ گڏ رهندو.
***