ملڪ ۾ سياسي منڊل مچي رهيو آهي!
مند سياري طرف وڃي رهي آهي، پر سياست اندر گرمي اچي رهي آهي. ميان صاحب جو واپس اچڻ، مينارِ پاڪستان تي جلسو ڪرڻ، اهي شڪ دور ڪري رهيو آهي، جيڪي سياست ۾ ڄاڻي واڻي پيدا ڪري ملڪ کي سياسي استحڪام کان پري ڪرڻ جي ڪوشش ٿي رهي هئي. هاڻي محسوس ائين ٿي رهيو آهي ته سياسي پارٽيون پڻ شڪ جي انهيءَ فضا مان نڪري انهيءَ يقين طرف وڌي رهيون آهن ته اليڪشن جنوري 2024 ۾ ٿي رهي آهي. شڪ هڪ اهڙي بيماري آهي جنهن کي استعمال ڪندي ڪنهن به معاشري ۾ غير يقينيءَ واري صورتحال پيدا ڪري سگهجي ٿي. اهو استعماري قوتن جو وڏو هٿيار آهي. جيئن ملڪ ۾ يقين جي فضا قائم ٿي نه سگهي ۽ هر ماڻهو انهيءَ وسوسي ۾ مبتلا هجي ۽ غير يقيني صورتحال جو شڪار هجي. اهڙن امڪانن ۾ ورهايو پيو هجي. اهڙي قسم جو شڪ ميان صاحب جي اچڻ کان پهرين ڏيکاريو ويندو هو. ميان صاحب ايندو نه ايندو، نيٺ 21 تاريخ تي هو ملڪ ۾ اچي ويو ۽ جلسو ڪيائين. ائين ئي هن وقت اليڪشن جي باري ۾ شڪ پيدا ڪرڻ جي پوري پوري ڪوشش ڪئي پئي وڃي ته اليڪشن جنوري ۾ ٿيندي، نه ٿيندي ۽ اهو شڪ ڇو نه وڌي جڏهن ملڪ جو صدر چوي ته کيس پڻ جنوري ۾ چونڊون ٿيندي نظر نٿيون اچن. ڀلي کڻي اهو صدر پي ٽي آئي جو ترجمان ڇو نه هجي، اها ٻي ڳالهه آهي ته پي ٽي آئي جو چيئرمين هاڻي کيس ڪارڪن تسليم نه ٿو ڪري. اها به وقت جي ستم ظريفي آهي. اهڙي ماحول ۾ عام ماڻهو تي ميار نه ٿي ڏئي سگهجي ته هو پيدا ڪيل شڪ ۾ مبتلا نه ٿئي. ميان صاحب جي اچڻ کانپوءِ سياسي وايو منڊل مچي چڪو آهي. سندس جلسو سياست ۾ گهما گهمي جي گواهي ڏئي رهيو آهي ۽ انهيءَ ڳالهه جي گواهي ڏئي رهيو آهي ته ملڪ وقت اندر اليڪشن طرف وڃي رهيو آهي، جيڪو ملڪي استحڪام جي لاءِ تمام ضروري آهي. جيستائين هي سِٽون اوهان جي نظر ۾ اينديون، قوي امڪان آهي ته اليڪشن ڪميشن پڻ هڪ واضح تاريخ جو اعلان ڪري چڪي هوندي. ممڪنه تاريخ 28 جنوري 2024 آهي. جنهن تي ايندڙ عام چونڊون ٿي رهيون آهن. نومبر ۾ ٻه ٽي اهم ڳالهيون ٿيندي نظر اچن ٿيون. هڪ ته جسٽس مظاهر نقوي جو مستقبل واضح ٿي چڪو هوندو، جيڪو بهرحال نظر ائين ٿو اچي ته روشن نه هوندو. نومبر ۾ هڪ وڏو مسئلو ٿيڻ جو امڪان نظر اچي پيو. هن وقت جڏهن ملڪ جي حڪومت ۽ طاقتور ڌريون انهيءَ ڳالهه جو فيصلو ڪري چڪيون آهن ته غير قانوني طور رهندڙ غير ملڪين کي پنهنجي ملڪ واپس موڪليو ويندو. ڇو ته انهن ۾ 99 سيڪڙو تعداد افغانين جو آهي. اهي آهن به لکن ۾ جڏهن انهن سان سختي ڪئي ويندي ته انديشو آهي ته پوءِ ٽڪراءَ ٿئي، جنهن سان ملڪ جون حالتون خراب ٿي سگهن ٿيون. اميد ڪجي ٿي ته طاقتور ڌرين هڪ جامع پروگرام جوڙيو هوندو، جنهن سان اهڙي قسم جي انديشي کي منهن ڏئي سگهجي. اهو پڻ واضح ٿي چڪو آهي ته اليڪشن ۾ پي ٽي آئي هوندي، پر پي ٽي آئي چيئرمين نه هوندو. پي ٽي آئي جي خاموش ووٽن کي پنهنجي طرف آڻڻ جي لاءِ مولانا فضل الرحمان، آصف علي زرداري ڀرپور ڪوششون ڪري رهيا آهن ۽ سندن بيانن مان جيڪا پي ٽي آئي جي لاءِ همدردي نظر اچي پئي. ان جو امڪان آهي ته پي ٽي آئي جا خاموش ووٽر پنهنجو ووٽ انهن پارٽين جي حق ۾ استعمال ڪن. ڇو ته اهي سمجهن ٿا ته ايندڙ چونڊن ۾ پي ٽي آئي کي ڪو خاص حصو نه ملندو. انهيءَ ڳالهه کي نون ليگ پڻ سمجهي ورتو آهي ۽ سندن رويو پي ٽي آئي چيئرمين کانسواءِ پي ٽي آئي پارٽي طور ۽ ان جي ووٽرن لاءِ نرم آهي. هو پڻ چاهين ٿا ته پنجاب جو پي ٽي آئي ووٽر نون ليگ جي سپورٽ ڪري جيڪو بهرحال مشڪل نظر اچي ٿو. مولانا صاحب خاص طور تي ڪي پي ڪي ۾ پي ٽي آئي ووٽرن جي همدردي حاصل ڪرڻ جي لاءِ اهي بيان پڻ ڏئي رهيو آهي ته پي ٽي آئي چيئرمين کي جيل ۾ بند ڪري اوهان ڪهڙي شفاف چونڊ ڪرائڻ جي دعويٰ ڪري سگهو ٿا، انهي کي جيل مان ٻاهر ڪڍو، ميدان ۾ لاهيو ته جيئن چونڊن جي شفافيت نظر اچي. پيپلز پارٽي پڻ اهڙي ڪوشش ۾ سرگردان آهي. سنڌ اندر ڏسجي ته پيپلز پارٽي مخالف سياسي قوتون اسٽيبلشمينٽ کان اهو مطالبو ڪري رهيون آهن جيڪو پي ڊي ايم ۽ پي پي ٻه سال پهرين ڪري رهيون هيون ته پي ٽي آئي تان دستِ شفقت هٽايو. ساڳيو ئي مطالبو جي ڊي اي طاقتور ڌرين کان ڪري رهي آهي، پر سنڌ اندر اڃا تائين طاقتورن جو آشيرواد پيپلز پارٽي طرف محسوس ٿئي ٿو. جي ڊي اي پڻ عوامي مهم سيوهڻ شريف کان شروع ڪري چڪي آهي، جنهن ۾ عوام طرفان کيس بهتر موٽ ملي ۽ هنن جو سيوهڻ ۾ ڀرپور جلسو ٿيو هو، جنهن جي ميزباني ايس يو پي جي صدر زين شاهه ڪئي. زين شاهه سنڌ اندر هڪ متحرڪ سياسي اڳواڻ طور پنهنجو ڪردار نڀائي رهيو آهي. جي ڊي اي ساڻس ڪيترو ساٿ ڏئي ٿي، اهو به وقت ٻڌائيندو ڇو ته جي ڊي اي جا ٻه اهم اڳواڻ علي گوهر مهر ۽ غوث بخش مهر پيپلز پارٽي ۾ وڃي چڪا آهن ۽ ٻيا اڳواڻ به سانباها ڪري رهيا آهن. زين شاهه ۽ جي ڊي اي ڀرپور محنت ڪئي ۽ وس وارا اڻ ڌُريا ٿيا ته سنڌ جي ٻهراڙي اندر هي اتحاد پيپلز پارٽي جو بهتر مقابلو ڪري سگهي ٿو. گذريل ڪجهه وقت کان زين شاهه ذاتي طور تي هڪ عوامي مهم هلائي رهيو آهي ۽ عوام سان سڌو رابطو رکي رهيو آهي، ان جي کيس عوام طرفان موٽ ملي رهي آهي. گذريل اليڪشن ۾ پڻ ايس يو پي چڱا خاصا ووٽ حاصل ڪيا هئا، پر هن وقت هنن جو جي ڊي اي سان الحاق آهي ۽ هڪ ئي نشان تي اليڪشن وڙهي رهيا آهن. سنڌ جي عوام کي فيصلو ڪرڻو آهي ته هو نئين اتحاد کي موقعو ڏئي ٿو يا اڃا پيپلز پارٽي جي سحر مان نه نڪتو آهي. پيپلز پارٽي جي 15 سالا ڪارڪردگي سندن سامهون آهي، هاڻي فيصلو وقت ۽ سنڌ جو عوام ڪندو.