اها ڳالھ مڃون ٿا ايران جي پٺڀرائي ۾ روس ۽ چين بيٺل آهن، جيڪي مدد ڪرڻ لاءِ هر دم تيار بيٺا آهن، اها ڳالھ آمريڪا به سمجهي ٿو، پر ايٽمي هٿيارن جي ڊوڙ ملڪن جو ساھ سُڪائي ڇڏيو آهي، اهي انگريز ۽ پهرين درجي جا ملڪ سوچين ٿا، جيڪي به ڌن دولتون، مال ملڪيت، ايٽمي پاور، صنعتون، ترقيون، جديد زراعتون ۽ جديد تعليمي نظام آهن جيڪي به ٻولين جون فراوانيون آهن اها انهن انگريز ملڪن وٽ هجن، اها ٻي ڳالھ آهي ته هاڻي جنگيون وڙهڻ آسان ٿي پيو آهي، بنسبت اڳين دورن جي جڏهن گهوڙا، هاٿي ۽ ٻيا سواري وارا جانور ڪڍي، هٿيار، جهڙوڪ: تير، تلوران، گرز ۽ ڀالا سنڀالي نڪرڻو پوندو هو، پر ان جي ڀيٽ ۾ هاڻي شيون آسان ٿي پيون آهن، ڊجيٽل دور ۾ گوگل تان نقشي ۾ نشانو ڏسي ڊرون بم، بيلسٽڪ ميزائيل ۽ گولا تيار ڪري اڇلائي ٿا ڏين جو اهي بم 8000 ڪلو ميٽرن جا سفر ڪري هڪڙي جاءِ تان ٻي جاءِ تي ڪاميابيءَ سان پڄي ٿا وڃن ۽ جيڪي نقصان ۽ فائدا پهرين طئي ڪري ٿا ويهن سي ٿا پون. هاڻي ته شيون آسان آهن، پر مشڪل اها به آهي ته هر بم گولي جو توڙ به آهي، توڙي جو جنگي جنونن ۾ اها ڳالھ منجهائي ٿي ته هاڻي هر ملڪ ٻئي ملڪ جي معصوم ۽ بي گناھ آبادي تي بم وسائي ٿو ڏئي جيڪا ڳالھ گهٽ ۾ گهٽ ايران نٿو ڪري، ايران رڳو جهلڪيون ٿو ڏيکاري، حالانڪه جي چاهي ته نقصان به ڪري سگهي ٿو، چاهي ته انهن آبادين تي بم وسائي سگهي ٿو ان ڪري ايران جي وار ۾ هن جا پراڪسي ملڪ جن ملڪن ۾ ايراني گروهن جا جنگجو وسن ٿا انهن ۾ بحرين، يمن، لبيا ۽ اردن به شامل آهن هن ڀيري جيڪي 400 بيلسٽڪ ميزائيل فائر ڪيا ويا، جيڪي ڊرون بم گولا ڪيرايا ويا انهن ۾ اهي ملڪ به شامل هئا جن پنهنجي نشاني تي اسرائيل تي بم ڪيرايا جنهن ۾ اسرائيل جا حوصلا خطا ٿي ويا ته اهي جيڪي به بم اچ ٿا انهن جي لاءِ ري ايلٽر ڪيترا ۽ ڪهڙي پاسي کان هلائي ته جيئن انهن جو نقصان گهٽ ۾ گهٽ ٿئي.