موجوده وقت عربي، سنڌي الف ب جي نموني سان سنڌي ساڄي کان کاٻي طرف لکي وڃي ٿي.
سنڌي الفا بيٽ ۾ 52 اکر آهن. جن ۾ نج سنڌي لفظن سان گڏ فارسي ۽ عربيءَ جا اکر پڻ موجود آهن.
هلندڙ سنڌي صورتخطي انگريز دور ۾ 1853ع ۾ لاڳو ٿي.
پهريون درسي ڪتاب ”باب نامو“ لکيو ويو.
شاهه عبداللطيف شاعرن جو سرتاج شاعر سنڌي ادب جو وڏي ۾ وڏو شاعر شمار ٿئي ٿو.
”شاهه جو رسالو“، شاهه لطيف جي شاعريءَ تي مشتمل آهي.
شاهه جو رسالو”گنج“ جي قلمي نسخي جي صورت ۾ محفوظ ۽ موجود هو.
انگريز حڪومت جي دور ۾ ڊاڪٽر ٽرمپ شاهه جي رسالي کي سڀ کان پهرين جرمنيءَ جي شهر ”لپزگ“ مان شايع ڪيو ان کانپوءِ ٻيا رسالا ڇاپي جي صورت ۾ هندستان ۽ پاڪستان ۾ ڇپيا آهن.
شاهه جي رسالي ۾ ٽيهه سُر آهن، جن ۾ زندگيءَ جي انيڪ موضوعن تي بي شمار بيت سنڌي قوم جي رهنمائي لاءِ موجود آهن.
مشهور لوڪ داستانن کي شاهه لطيف پنهنجي شاعريءَ ۾ آندو آهي.
هن سندس شاعريءَ ۾ بيت ۽ وايون آهن. هيءُ هڪ شاهڪار شاعري شمار ٿيئي ٿي.
شاهه عبداللطيف جو جنم شاهه حبيب جي گهر ڀٽ شاهه جي ويجهو هالا حويليءَ ۾ ٿيو.
پهريون مضمونن جو ڪتاب ”گل ڦل“ آهي جنهن ۾ اهي مختصر مضمون آهن جي ”جوت“ اخبار ۾ شايع ٿيا، انهي ڪتاب کي پرمانند ميوا رام جوڙيو.
”مقالات الحڪمت“ مرزا قليچ جو پهريون ترجمو ڪيل مضمونن جو مجموعو آهي.
انٽرنيٽ تي سنڌي ڪتابن جي موجودگيءَ جو وڏو ادارو ”سنڌ سلامت آن لائين ڪتاب گهر“ آهي جنهن تي ڪيترائي ڪتاب اپ لوڊ ٿيل آهن. (منهنجا گهڻا ڪتاب سنڌ سلامت آن لائين ڪتاب گهر تي پڙهڻ لاءِ موجود آهن)
سنڌ ٻولي ۽ ادب کي دورن ۾ ورهائي ادبي تاريخن ۾ هر دور جي اديبن ۽ عالمن ۽ ان دور جي علمي ۽ ادبي سرمايي جو احوال ڏنو ويو آهي.