بلاگنئون

سنڌي ٻولي ۽ علم ادب جي معلومات

سنڌي ٻولي مٺڙي ۽ قديم ٻولي آهي.

هيءَ هڪ سڌريل ۽ شانائتي ٻولي آهي.

سنڌي ٻولي سنڌ ۽ پاڪستان کانسواءِ دنيا جي انيڪ ملڪن جيئن ابوظهبي، دبئي، سعودي عرب، ڪئناڊا، آمريڪا، لنڊن ۽ ٻين ملڪن ۾ جتي سنڌي آباد آهن، ڳالهائي وڃي ٿي.

لفظ ”ادب“ جي معنيٰ آهي طريقو، شائستگي ۽ سليقو.

ادب فن لطيف آهي، ان جي لطافت جو ڪارڻ اثر انگيزي آهي.

دنيا جو هر ادب نثر ۽ نظم ۾ هجي ٿو.

سنڌي ٻوليءَ جو نظمي خزانو قديم آهي.

سنڌي ٻوليءَ جي علم ادب بابت معلومات محمد بن قاسم جي سنڌ ۾ اچڻ 710ع کان ملي ٿي.

سنڌي ٻولي پهرين کاٻي کان ساڄي طرف گجراتي ۽ انگريزي جيان لکي ويندي هئي. جاديو ناگري سنڌي هئي.

موجوده وقت عربي، سنڌي الف ب جي نموني سان سنڌي ساڄي کان کاٻي طرف لکي وڃي ٿي.

سنڌي الفا بيٽ ۾ 52 اکر آهن. جن ۾ نج سنڌي لفظن سان گڏ فارسي ۽ عربيءَ جا اکر پڻ موجود آهن.

هلندڙ سنڌي صورتخطي انگريز دور ۾ 1853ع ۾ لاڳو ٿي.

پهريون درسي ڪتاب ”باب نامو“ لکيو ويو.

شاهه عبداللطيف شاعرن جو سرتاج شاعر سنڌي ادب جو وڏي ۾ وڏو شاعر شمار ٿئي ٿو.

”شاهه جو رسالو“، شاهه لطيف جي شاعريءَ تي مشتمل آهي.

شاهه جو رسالو”گنج“ جي قلمي نسخي جي صورت ۾ محفوظ ۽ موجود هو.

انگريز حڪومت جي دور ۾ ڊاڪٽر ٽرمپ شاهه جي رسالي کي سڀ کان پهرين جرمنيءَ جي شهر ”لپزگ“ مان شايع ڪيو ان کانپوءِ ٻيا رسالا ڇاپي جي صورت ۾ هندستان ۽ پاڪستان ۾ ڇپيا آهن.

شاهه جي رسالي ۾ ٽيهه سُر آهن، جن ۾ زندگيءَ جي انيڪ موضوعن تي بي شمار بيت سنڌي قوم جي رهنمائي لاءِ موجود آهن.

مشهور لوڪ داستانن کي شاهه لطيف پنهنجي شاعريءَ ۾ آندو آهي.

هن سندس شاعريءَ ۾ بيت ۽ وايون آهن. هيءُ هڪ شاهڪار شاعري شمار ٿيئي ٿي.

شاهه عبداللطيف جو جنم شاهه حبيب جي گهر ڀٽ شاهه جي ويجهو هالا حويليءَ ۾ ٿيو.

پاڻ سڄي سنڌ گهميو ۽ پنهنجي قوم جا ڏک سور، خوشيون غميون بيتن معرفت ڄاڻايائين.

شاهه لطيف جي رسالي ۾ سنڌ جي ثقافت، تهذيب ۽ تمدن جي بهترين ڄاڻ موجود آهي.

ڀٽ شاهه تي هر سال 14 صفر تي ٽي ڏينهن لطيف سرڪار جي وفات جي تاريخ تي ميلو لڳندو آهي. سوين زائرين ايندا آهن.

ادبي ڪانفرنس ٿيندي آهي ۽ لطيف تي علمي ۽ ادبي ڪم ڪندڙ اديبن ۽ شاعرن کي ايوارڊ ڏنا ويندا آهن.

شاهه کانسواءِ سنڌ جي شاعرن ۾ سچل سرمت شيخ اياز، استاد بخاري، مخدوم طالب الموليٰ ۽ ٻيا آهن.

سنڌي نثر جو وڏو نالو شمس العلماء مرزا قليچ بيگ جو آهي. هن سنڌي ادب ۾ سوين ڪتاب لکيا.

کين ”سنڌي نثر جو ابو“ سڏيو وڃي ٿو.

ٻين نثر نگارن ۾ علامه دائود پوٽو، ڊاڪٽر گربخشاڻي، ڀيرو مل مهر چند، ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ، محمد عثمان ڏيپلائي، ڊاڪٽر غلام علي الانا ۽ ٻيا نالا آهن.

نثر جون اهم صنفون، ناول، ناٽڪ، افسانو/ڪهاڻي، آتم ڪهاڻي، مضمون، سفر نامو ۽ ٻيون آهن جن ۾ هزارين ڪتاب موجود آهن.

سنڌيءَ ۾ مضمون نويسيءَ جي شروعات 1860ع ۾ ٿي.

قانون جي موضوع تي پهريون ڪتاب 1863ع ۾ لکيو ويو.

داڪٽر ارنيسٽ ٽرمپ 1872ع ۾ سنڌيءَ ۾ گرامر جو ڪتاب لکيو.

پهريون مضمونن جو ڪتاب ”گل ڦل“ آهي جنهن ۾ اهي مختصر مضمون آهن جي ”جوت“ اخبار ۾ شايع ٿيا، انهي ڪتاب کي پرمانند ميوا رام جوڙيو.

”مقالات الحڪمت“ مرزا قليچ جو پهريون ترجمو ڪيل مضمونن جو مجموعو آهي.

انٽرنيٽ تي سنڌي ڪتابن جي موجودگيءَ جو وڏو ادارو ”سنڌ سلامت آن لائين ڪتاب گهر“ آهي جنهن تي ڪيترائي ڪتاب اپ لوڊ ٿيل آهن. (منهنجا گهڻا ڪتاب سنڌ سلامت آن لائين ڪتاب گهر تي پڙهڻ لاءِ موجود آهن)

سنڌ ٻولي ۽ ادب کي دورن ۾ ورهائي ادبي تاريخن ۾ هر دور جي اديبن ۽ عالمن ۽ ان دور جي علمي ۽ ادبي سرمايي جو احوال ڏنو ويو آهي.

پهرين سنڌي ۽ فارسي گاڏڙ اخبار ”فوائد الاخبار“ آهي.

صحافت ۾”الوحيد“ اخبار ۽ ”توحيد“ رسالو پاڪستان ٺهڻ کان اڳ سنڌيءَ ۾ اهم شمار ٿين ٿا.

سنڌي نثر جو پهريون مثال جو موجود صورت ۾ ملي ٿو، سو آخوند عزيز الله جو قرآن پاڪ جو سنڌي ترجمو آهي. جو ٽالپر دور ۾ ترجمو ڪيو ويو.

قرآن شريف جي سنڌي مترجمن ۾ مولانا سيد تاج محمد امروٽي، عبدالله تنيو ۽ ٻيا آهن.

حضرت مولانا سيد تاج محمد امروٽي جو جنم شڪارپور ۾ ٿيو، سندن وفات 1929ع ۾ ٿي.

مشهور شاعر شيخ اياز جو اصل نالو شيخ مبارڪ علي آهي.

شاعر نثار بزميءَ جو اصلنالو قلندر بخش آهي.

شاعر سليم ڳاڙهويءَ جو اصل نالو الهورايو مهر آهي.

مشهور شاعر استاد بخاريءَ جو اصل نالو احمد شاهه آهي.

ٻالڪ ادب جي شروعات انگريز دور ۾ سنڌ صورتخطيءَ مقرر ٿيڻ کانپوءِ ٿي، ديوان ننديرام سيوهاڻي ٻارن جي اسڪول واسطي ”باب نامو“ جوڙيو ۽”ايسپ جون آکاڻيون“ ترجمو ڪيون.

ورهاڱي کان اڳ ٻارن جي ادب لاءِ لکندڙ ليکڪن ۾ ميان غلام حسين قريشي، سيد ميران محمد شاهه، منشي اڌا رام ٿانورداس مير چنداڻي، ڪيولرام سلامت راءِ، آخوند عبدالرحيم وفا عباسي، پرمانند ميورام، شيوڪ پوڄراج، محمد صديق مسافر، نارائڻ داس ملڪاڻي، حاجي امام بخش خادم، شمس العلماء مرزا قليچ بيگ،  ڀيرو مل مهر چند آڏواڻي، هري دلگير، ڪشنچند بيوس ۽ ٻيا نالا آهن.

ورهاڱي کانپوءِ جي ٻالڪ ادب جي ليکڪن جا نالا گرداس واڌواڻي، ڊاڪٽر ميمڻ عبدالمجيد سنڌي، وليرام ولڀ، ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ، قمر ميمڻ، خالد ڀٽي، انور ابڙو، اياز پاٽولي، ولي محمد طاهر زادو، خليل عارف سومرو، اسرار شام، محمد بخش جوهر، حاجي حقير، استاد بخاري،  انور ابڙو، ڊاڪٽر غلام مصطفيٰ سولنگي، محمود مغل، يوسف سنڌي، ذوالفقار سيال، ۽ عبدالحئي ڀٽو، راز شاهاڻي، مختيار ملڪ، الطاف شيخ، ڊاڪٽر ادل سومرو، ڊاڪٽر اياز گل، مريم مجيدي، بيخود بلوچ، ڊاڪٽر غلام ادريس جتوئي، دلشاد ڏيٿو، عنايت الله شيخ، فهميده چنا، اختر درگاهي، ياسر قاضي، وحيد محسن، غلام محمد ڀٽي،علي محمد درد سولنگي، امداد جسڪاڻي، راز شاهاڻي، اويس ڀٽو، ياسين ڪنڀر، حفيظ ڪنڀر، علي دوست عاجز، سرمد عباسي، عيسيٰ ميمڻ، شگفته شاهه، زيب سنڌي، قربان منگي، امر اقبال، امداد جسڪاڻي.

ٻارن جي ادب ۾ سنڌي ٻوليءَ ۾ انگريز دور ۾ نڪرندڙ رسالا ”گلستان“، ”گل ڦل“ ۽ ٻيا آهن.

ورهاڱي کانپوءِ ٻارن جي لاءِ نڪرندڙ رسالا ”گل ڦل“، ”ٻارن جي ٻاري“، ”ساٿي“، ”گلن جهڙا ٻارڙا“، ”سنگتي“ ”گلزار“، ”روشن دنيا“، ”ٻالڪ رنگ“، ”چڻنگ“، ”مرڪ“ ۽  ٻيا آهن.

سنڌ ٽيڪسٽ بڪ بورڊ سنڌ جي نصاب سازيءَ جو ادارو آهي.

سنڌ ٽيڪسٽ بڪ بورڊ طرفان پهرين درجي کان ٻارهين درجي تائين جا اسڪولن ۽ ڪاليجن ۾ پڙهايا ويندڙ ڪتاب تيار ٿيندا آهن. جن ۾ سنڌي، اردو، انگريزي، اسلاميات، حساب، فزڪس، ڪيمسٽري، بائيولاجي ۽ ٻين مضمونن جا ڪتاب ڇپجن ٿا. سنڌيءَ جي نصابي ڪتابن ۾ ٻارن جي لاءِ شاعري ۽ نثر ۾ مختلف موضوعن تي لکيو وڃي ٿو. جنهن ۾ مٿي ڄاڻايل اديبن ۽ عالمن جا سبق شامل آهن.

شمس العلماء مرزا قليچ بيگ 1916عکان 1921ع تائين چئن ڀاڱن ۾ گرامر جو ڪتاب لکيو جي پهرين الڳ الڳ ڇپيا موجود وقت سنڌي ادبي بورڊ طرفان گڏيل ڪتاب شايع ٿيل آهي. جو سنڌ ٽيڪسٽ بڪ بورڊ طرفان ٻارهين ڪلاس جي نصاب جي مطالعي لاءِ پڻ رکيو ويو آهي.

”سنڌي پهاڪا“ ديوان ڪوڙومل ۽ ”گل شڪر“ ڪيولرام سلامت راءِ شروع دورجا پهاڪن جا اهم ڪتاب آهن.