بلاگنئون

ٽرمپ ۽ آمريڪي جمهوريت جي آزمائش

15 اپريل 2025 رات جو 1:17 منٽن تائين عالمي سياست ۽ تجارت ۾ افرا تفري جو ماحول رهيو، ڪنهن کي به ڪجھ اندازو نه آهي ته اڳتي ڇا ٿيندو. عالمي سطح تي 9 ٽريلين ڊالر جو نقصان ٿي چڪو آهي. مغربي ملڪ ٻين جنگ عظيم جي دور واري دفاعي پوزيشن تي اچي ويا آهن. 80 سالن کان قائم اتحاد ختم ٿيڻ تي آهي، دنيا جو لبرل ورلڊ آرڊر جيڪو آخري عالمي جنگ کانپوءِ قائم ٿيو هو جنهن ۾ نوان ملڪ قائم ڪيا ويا دنيا جي نقشي تي جاگرافيائي تبديليون آنديون ويون اڄ اهوئي ورلڊ آرڊر خطري ۾ نظر اچي رهيو آهي ۽ ممڪن آهي ته سرحدون به تبديل ٿين جيڪو يقينن وڌيڪ افرا تفري پيدا ڪندو ۽ هن تمام صورتحال جو ڪارڻ آهي “ڊونلڊ ٽرمپ.”

دنيا هن وقت پاپولسٽ سياست جي ور چڙهيل آهي ٽرمپ پاپولسٽ سياست جو مرڪزي ليڊر آهي. هن قسم جا ليڊر جذباتي تقريرون ڪري عوام کي بيوقوف بنائڻ جي ڪوشش ڪندا آهن ۽ جلدي بازي کان ڪم وٺي غير متوقع فيصلا ڪري هر هفتي نئين ڳالھ ڪري پنهنجي حلقي کي لطف اندوز ڪندا رهندا آهن. جڏهن ته سنجيده سياست ڪرڻ ۽ سوچي سمجهي فيصلا ڪرڻ انهن کي نه ايندو آهي. پاپولزم جي سياست اسٽيج جيان آهي جنهن ۾ اسٽيج جو ليڊر پاڻ تي فرض سمجهندو آهي ته ڪجھ به ڪري ماڻهن کي تفريح مهيا ڪرڻي آهي، ٽرمپ به ائين ئي پنهنجي ماڻهن کي خوش ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي. آمريڪا سميت دنيا جو هر اهو ماڻهو جيڪو سياست، سفارتڪاري ۽ تجارت جو جيڪڏهن الف- ب ڄاڻي ٿو اهو ٽرمپ جي سوچ ۽ فلسفي تي ماتم ڪري رهيو آهي ٽرمپ جا ٽوئيٽ، پريس ڪانفرنسون ۽ بين الاقوامي اڳواڻن سان ملاقاتون اڪثر طنز، شخصي حملن ۽ سازشي نظرين سان جڙيل رهيون.

ڊونلڊ ٽرمپ جي سياسي زندگي کي ڏسندي سندس رويو گهڻو ڪري غير سنجيده تڪراري ۽ بي بنياد ڳالهين سان ڀريل نظر اچي ٿو، هو آمريڪا جي صدر جي حيثيت سان جن اهم معاملن تي ڳالهائيندو رهيو انهن بابت سندس بيان اڪثر بي ربط ۽ ڪڏهن ڪڏهن خطرناڪ حد تائين غير ذميوار رهيا آهن. مثال طور: ٽرمپ چيو ته آمريڪا غزه تي قبضو ڪري ان کي “وچ اوڀر جي ريويرا” بڻائي ۽ فلسطيني عوام کي ٻئي هنڌ منتقل ڪيو وڃي.

ريويرا(Riviera)  هڪ اصطلاح آهي جيڪو عام طور تي ساحلي علائقن لاءِ استعمال ٿيندو آهي، جتي موسم خوشگوار هجي قدرتي خوبصورتي هجي ۽ عيش ۽ آرام جون سهولتون موجود هجن، خاص طور تي سياحت لاءِ هوٽل وغيره.

فيبروري 2025 ۾ آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ هڪ پريس ڪانفرنس دوران اعلان ڪيو ته آمريڪا غزه تي “قبضو” ڪري ان کي وچ اوڀر جي ريويرا ۾ تبديل ڪرڻ جو ارادو رکي ٿو. ٽرمپ جي هن تجويز تي عالمي سطح تي سخت رد عمل آيو، فلسطيني اڳواڻن انساني حقن جي تنظيمن ۽ قانوني ماهرن هن تجويز کي بين الاقوامي قانون جي خلاف ورزي قرار ڏنو. ڊونلڊ ٽرمپ جو پسمنظر ڪاروباري رهيو آهي. خاص طور تي ريئل اسٽيٽ جي دنيا ۾، سندس سياسي سوچ ۾ به ان ڪاروباري ذهنيت جا اثر واضح نظر اچن ٿا. ڊونلڊ ٽرمپ سياست کي روايتي انداز سان نه، پر ڪاروباري طرز سان هلائڻ جو قائل آهي. سندس خاندان جو جڳ مشهور پراپرٽي ڪاروبار ۽ خاص طور تي عرب ملڪن سان مالياتي لاڳاپا ان ڳالهه کي ثابت ڪن ٿا ته هن جي سوچ ۾ عالمي جيو پوليٽڪس به مارڪيٽ جي موقعن وانگر آهي. غزه جهڙي حساس جڳهه کي ريويرا بڻائڻ واري تجويز به ان ئي سوچ جو مثال آهي، جيڪو انساني جذبن ۽ قانوني حدن کي پوئتي رکي فقط ڪاروباري مفادن تي ٻڌل آهي.

ڊونلڊ ٽرمپ جي تازن بيانن مان جيڪي سندس غير سنجيدگي ۽ لا علميءَ کي ظاهر ڪن ٿا. هڪ اهم مثال گرين لينڊ بابت سندس موقف آهي. مارچ 2025 ۾ آمريڪي ڪانگريس کي خطاب ڪندي ٽرمپ چيو ته اسان ڪنهن به طريقي سان گرين لينڊ حاصل ڪنداسين، اسان توهان کي محفوظ رکنداسين، توهان کي امير بڻائينداسين ۽ گڏجي گرين لينڊ کي اهڙي بلندي تي وٺي وينداسين جيڪا توهان ڪڏهن به تصور نه ڪئي هوندي. گرين لينڊ هڪ خود مختيار علائقو آهي، جيڪو ڊينمارڪ جي حڪومت هيٺ آهي، اتان جي آبادي تقريبن 56,000 آهي ۽ وڏي حد تائين مقامي قومن تي ٻڌل آهي، اسٽرٽيجي طور اهميت رکي ٿو. آرڪٽڪ جي ويجهو هجڻ سبب معدني وسيلن قدرتي گئس ۽ چين جي برفاني رستن تائين رسائيءَ لاءِ اهم آهي. گرين لينڊ جي وزيراعظم موٽي بورپ ايگيڊ ٽرمپ جي بيان تي سخت رد عمل ڏيندي چيو اسان آمريڪي ٿيڻ نٿا چاهيو، اسان ڪالاٽ آهيون. اسان وڪرو ٿيڻ لاءِ موجود ناهيون ۽ اسان جو مستقبل اسان پاڻ طئي ڪنداسين، ڊينمارڪ جي پرڏيهي وزير لارس لوڪ راسموسن ٽرمپ جي بيان کي “غير مناسب” قرار ڏيندي چيو ته گرين لينڊ جو آمريڪا سان الحاق ڪرڻ جو ڪو ارادو ناهي.

ٽرمپ جي گرين لينڊ بابت بيانن کي عالمي سطح تي “غير سنجيده” ۽ اهڙن بيانن کي غير جمهوري ۽ قبضو قرار ڏنو. گرين لينڊ جي سياسي اڳواڻن ۽ حڪومت پاران انهن بيانن جي سخت مذمت ڪئي وئي ۽ انهن کي گرين لينڊ جي خود مختياريءَ جي خلاف ورزي قرار ڏنو ويو آهي. اهي بيان نه رڳو ٽرمپ جي غير سنجيدگيءَ کي ظاهر ڪن ٿا، پر هڪ عالمي طاقت جي اڳواڻ جي حيثيت سان هن جي سوچ ۽ پاليسين بابت به سوال اٿارين ٿا. آمريڪا ٻين جنگ عظيم کانپوءِ دنيا ۾ لبرل جمهوريت جي اعلي مثال قائم ڪرڻ جي ڪوشش ڪندو رهيو آهي. هن اظهار راءِ جي آزادي کي قائم رکڻ ۽ پنهنجي تعليمي نظام کي غير سياسي رکڻ جي به ڪامياب ڪوشش ڪئي آهي ته جيئن سياسي اختلاف يا تعصب تعليمي نظام تي اثر انداز نه ٿي سگهي. آمريڪا ميڊيا جي آزادي لاءِ پڻ هڪ مثال رهيو آهي، پر ٽرمپ صاحب جي اچڻ سان صورتحال ۾ تبديلي آئي آهي. هاڻي حڪومت ميڊيا سميت تمام انهن ادارن کي به نشانو بڻائي رهي آهي جيڪي نظرياتي طور ٽرمپ جا سياسي مخالف آهن.

مارچ 2025 ۾ ٽرمپ انتظاميه وائس آف آمريڪا جي سوين صحافين کي آفيسن مان ٻاهر ڪڍي انهن کي اڻ ڄاتل مدي لاءِ فارغ ڪري ڇڏيو. ان قدم سان وائيس آف آمريڪا جي نشريات تقريبن بند ٿي ويون ان کانپوءِ ڪيترن ئي وڏن ميڊيا ادارن جهڙوڪ:CNN MSNBC  ۽The Washington Post تي الزام لڳايو آهي ته اهي “ڪرپٽ” يا “غير قانوني” آهن هنن ادارن کي “ڊيمو ڪريٽڪ پارٽي جا سياسي هٿيار” سڏيندي انهن جي خلاف قانوني ڪارروائي جي به ڌمڪي ڏني وئي آهي. وائٽ هائوس پاران ڪجهه ميڊيا ادارن خاص طور تي ايسوسئيٽيڊ پريس(AP)  کي اوول آفيس ۽ ايئرفورس ون تائين رسائي کان روڪيو ويو آهي. ان سان گڏ وائٽ هائوس پريس پول جا ميمبر هاڻ سڌيءَ طرح انتظاميه چونڊيندي جنهن تي صحافتي تنظيمن پاران ٽرمپ حڪومت تي تنقيد ڪئي وئي آهي. ٽرمپ انتظاميه هارورڊ يونيورسٽي تي زور ڀريو ته هو شاگردن جي مظاهرن تي پابندي لڳائي، داخلا ۽ ڀرتي پاليسين ۾ تبديليون آڻي ۽ سرڪاري آڊٽ لاءِ راضي ٿئي، هارورڊ انهن مطالبن کي رد ڪندي وفاقي فنڊن مان 2.2 ارب ڊالر جي روڪ کي منهن ڏنو. ان سان گڏ ٽرمپ انتظاميه هارورڊ جي ٽيڪس فري حيثيت ختم ڪرڻ جي به ڌمڪي ڏني آهي. ان کانسواءِ ييل يونيورسٽي جي 876 استادن هارورڊ جي موقف جي حمايت ڪندي وفاقي مداخلت جي مخالفت ڪئي، ڪولمبيا يونيورسٽي جزوي طور تي وفاقي شرطن تي عمل ڪندي فنڊن جي روڪ کان بچڻ جي ڪوشش ڪئي، پرنسٽن ۽MIT  به خدشن جو اظهار ڪيو. جيتوڻيڪ انهن کي اڃان تائين خاص مطالبا موصول نه ٿيا آهن. ٽرمپ انتظاميه مختلف يونيورسٽين تي فنڊن جي روڪ اسڪالرشپ جي بندش ۽ تحقيقاتي گرانٽن جي گهٽتائي ذريعي مالي دٻاءُ وڌو آهي، ان سان گڏ ڪجهه ادارن ۾ داخلا، روڪ، نوڪرين جي آڇ جي واپسي ۽ تحقيقاتي منصوبن جي بندش جو به خدشو آهي.

آمريڪا دنيا جي انهن چند ملڪن مان هڪ آهي، جيڪو پاڻ کي هڪ ترقي پسند جمهوري رياست جي طور تي پيش ڪندو آهي، جتي قانون جي حڪمراني، آزاديون ۽ انساني حقن کي بنيادي حيثيت حاصل آهي. تاريخي طور تي آمريڪا ڪيترن ئي ڏهاڪن کان نسل، جنس، مذهب يا رنگ جي فرق کان بغير سڀني شهريَن کي برابر حق ۽ آزاديون ڏيڻ جي ڪوشش ڪندو رهيو آهي. آمريڪا ۾ سول رائٽس موومينٽ، ويمنز رائيٽس موومينٽ ۽LGBTQ  جي آزاديءَ جون تحريڪون ان ڳالهه جو ثبوت آهن ته هي ملڪ فردي آزادي ۽ برابري جي اصولن تي هليو آهي، پر ڊونلڊ ٽرمپ جي قيادت هيٺ خاص طور تي سندس ٻئي دور حڪومت ۾ آمريڪا جي انهن ترقي پسند روايتن کي چئلينج ڪيو پيو وڃي. ٽرمپ هڪ انتهاپسند، قوم پرست ۽ پاپولسٽ ليڊر طور سڃاتو وڃي ٿو، جيڪو بار بار رياستي ادارن، آزاد ميڊيا، اقليتن ۽ مخالفن کي نشانو بڻائي چڪو آهي.

ٽرمپ جي 2025 جي پاليسين مان ظاهر ٿئي ٿو ته هن ٽرانسجينڊر ماڻهن ۽ عورتن جي حقن کي محدود ڪرڻ لاءِ ڪيترائي قدم کنيا آهن اهي پاليسيون نه صرف ٽرانسجينڊر ماڻهن جي سڃاڻپ کي رد ڪن ٿيون، پر عورتن جي برابري جي حقن کي به متاثر ڪن ٿيون انهن قدمن تي قومي ۽ بين الاقوامي سطح تي تنقيد ڪئي وئي آهي ۽ ڪيترن ئي قانوني چئلينجن کي منهن ڏئي رهيا آهن.

ٽرانسجينڊر ماڻهن بابت پاليسيون ۽ قدم:

20 جنوري 2025 تي ٽرمپ هڪ حڪم نامون جاري ڪيو جنهن مطابق:​

* وفاقي حڪومت صرف “مرد” ۽ “عورت” جي ڄمڻ وقت مقرر ٿيل جنس کي تسليم ڪندي.

* سرڪاري دستاويزن (جهڙوڪ پاسپورٽ) تي جنس جي خود سڃاڻپ جي اجازت ختم ڪئي وئي.

* ٽرانسجينڊر ماڻهن لاءِ وفاقي فنڊنگ صحت جي سهولتن ۽ “جينڊر آئيڊيالاجي” جي واڌاري تي پابندي لڳائي وئي.

هي حڪم نامون ٽرانسجينڊر ماڻهن جي سڃاڻپ کي رد ڪري ٿو ۽ انهن جي حقن کي محدود ڪري ٿو.​

عورتن بابت بيان ۽ پاليسيون:

ٽرمپ انتظاميه وفاقي ادارن ۽ تعليمي ادارن ۾DEI  پروگرامز (جيڪي عورتن، اقليتن ۽ ٻين محروم گروپن جي حقن جي واڌاري لاءِ هوندا آهن) تي پابندي لڳائي آهي.

* هارورڊ يونيورسٽي جيڪا ڊائيورسٽي، ايڪوئٽي ۽ انڪليوزن(DEI)  پروگرامن کي جاري رکڻ چاهي ٿي ان جي وفاقي فنڊنگ (تقريبن $2.3 بلين) بند ڪئي وئي.

* ٽرمپ انتظاميه عورتن جي حقن جي واڌاري لاءِ ڪيل ڪوششن کي “جينڊر آئيڊيالاجي” قرار ڏئي انهن کي رد ڪيو.​

هي قدم عورتن جي برابري جي حقن کي محدود ڪري ٿو ۽ انهن جي ترقيءَ لاءِ ڪيل ڪوششن کي متاثر ڪري ٿو.

آمريڪا جيڪو دنيا جي سياسي ۽ فوجي استحڪام جي ضمانت سمجهيو ويندو هو. هاڻ ڊونلڊ ٽرمپ جي قيادت ۾ بنيادي تبديليءَ مان گذري رهيو آهي. ٽرمپ جي واپسي سان آمريڪي پرڏيهي پاليسي جو رخ ايترو ته بدلجي ويو آهي جو نه صرف اتحادي حيران آهن، پر ڪيترن ملڪن جي نظر ۾ آمريڪا جي اڳوڻي “قيادت واري حيثيت” تي به سوال اٿڻ لڳا آهن. آمريڪا جي سياسي تاريخ ۾ ڊونلڊ ٽرمپ جي واپسي هڪ اهڙو موڙ آهي جيڪو رڳو آمريڪا لاءِ نه، پر سڄي دنيا لاءِ به تبديلي جو سبب بڻجي رهيو آهي. ٽرمپ جي ٻي صدارتي دور ۾ اختيار ڪيل پاليسين سبب آمريڪا جو عالمي اثر رسوخ گهٽجڻ لڳو آهي، اتحادي ناراض آهن ۽ دنيا جي واپاري ۽ سيڪيورٽي نظام تي بي يقيني جي صورتحال آهي.

America First فلسفي تحت آمريڪي سفارتڪاري کي علائقائي ۽ قومي مفادن تائين محدود ڪري ڇڏيو آهي.

* ٽرمپ انتظاميه نيٽو جي اهميت کي گهٽ ڪري ڇڏيو آهي. هن کليل لفظن ۾ چيو آهي ته جيڪڏهن يورپي ملڪ پنهنجا دفاعي خرچ نه وڌائين ته آمريڪا نيٽو جو تحفظ ڪرڻ لاءِ ذميوار نه آهي، ان کانپوءِ ڪجهه موقعن تي آمريڪا نيٽو جي گڏيل دفاع واري آرٽيڪل 5 تي به سوال اٿاريا آهن.

* ڪيترن ئي يورپي ملڪن لاءِ اها ڳالهه وڏي پريشاني جو سبب آهي، ڇو ته سرد جنگ کان وٺي آمريڪا نيٽو جو بنيادي محافظ رهيو آهي. هاڻ صورتحال ائين آهي جو يورپ کي پنهنجي دفاع لاءِ آمريڪا تي ڀروسو ڪرڻ بدران پاڻڀرو ٿيڻو پئجي رهيو آهي.

* آمريڪا جي روس بابت روايتي پاليسي جيڪا سخت مخالفت ۽ پابندين تي ٻڌل رهي آهي، هاڻ ٽرمپ جي دور ۾ نرم ٿي رهي آهي.

* ٽرمپ صدر پيوٽن جي ساراهه ڪندو رهيو آهي ۽ يوڪرين جي مدد ڪرڻ جي مخالفت ڪئي آهي.

* يوڪرين جي حمايت ۾ آمريڪا جي موقف ۾ واپسي روس لاءِ هڪ سفارتي فتح جيان آهي.

* نيٽو سان فاصلو وڌائي روس جي سامهون مخالف قوتن کي ڪمزور ڪري ڇڏيو آهي.

* گڏيل قومنG-7  ۽ ٻين ڪثيرالجهتي اتحادين کان پري ٿي هڪ اهڙي بين الاقوامي آرڊر کي ڪمزور ڪري ٿو جيڪو روس جي مخالف هو.

موجوده صورتحال هيءَ آهي ته دنيا جو ڪوبه ملڪ هاڻ آمريڪا جي سيڪيورٽي گارنٽيءَ تي مڪمل طور اعتبار نٿو ڪري سگهي. جاپان ڏکڻ ڪوريا يورپي يونين، ۽ آسٽريليا جهڙا اتحادي هاڻ متبادل سيڪيورٽي انتظامن جي ڳولها ۾ آهن. عالمي سطح تي آمريڪا جي اڳواڻي وارو ڪردار هاڻي واضح غير يقينيءَ جو شڪار آهي. آمريڪا جيڪو هڪ آزاد ۽ طرقي پسند ۽ عالمي اڳواڻ ملڪ طور سڃاتو ويندو هو. هاڻ ڊونلڊ ٽرمپ جي قيادت هيٺ هڪ انتهاپسند قوم پرست ۽ خود غرض رياست جي تصوير پيش ڪري رهيو آهي. سندس پاليسين سان نه صرف آمريڪا اندروني طور تقسيم ٿي ويو آهي، پر عالمي سطح تي به آمريڪا جي حيثيت اعتبار ۽ اثر گھٽجي ويو آهي. روس ان صورتحال مان فائدو وٺي رهيو آهي ۽ دنيا هڪ نئين طاقت جي توازن ڏانهن وڌي رهي آهي، جتي آمريڪا هاڻي پهريان جيان مرڪزي پوزيشن تي نه رهيو آهي.

ٽرمپ دنيا جي سامهون هڪ اهڙي سياسي شخصيت طور اُڀريو آهي  جنهن جي پاليسين ۽ بيانن ۾ واضح تڪرار ۽ پراسراريت رهي آهي، ان جي قيادت دوران خاص طور تي روس سان تعلقات ۽ آمريڪي چونڊن ۾ روس جي مداخلت بابت رپورٽون ۽ الزام هڪ اهم موضوع بڻجي چڪا آهن. ٽرمپ جا روس سان تعلقات ان جي سخت مخالفت ڪندڙن ۽ حامي ڪندڙن ۾ وڏي بحث جو سبب بڻيا ۽ اڄ به انهن تعلقات جو جائزو وٺڻ آمريڪا جي سامراجي سياسي ۽ اقتصادي اثرن کي سمجهڻ لاءِ اهميت جوڳو آهي.

روس جي مداخلت جو الزام:

2016 جي آمريڪي صدارتي چونڊن ۾ مختلف انٽيليجنس ايجنسين جهڙوڪ:CIA FBI  ۽NSA  روس تي الزام لڳايو ته انهن آمريڪا جي چونڊن ۾ مداخلت ڪئي، ان مداخلت ۾ روسي حڪومت آمريڪا جي چونڊن تي اثر انداز ٿيڻ لاءِ پنهنجي سائبر نيٽورڪ کي استعمال ڪري رهي هئي، جنهن ۾ جعلي خبرون ۽ سوشل ميڊيا تي پروپيگنڊا شامل ڪيو ويو. اها ڳالهه تمام اهم ٿي چڪي هئي، ڇو ته ان وقت ڊونلڊ ٽرمپ جي مهم جي حمايت ڪندڙن ۽ حريفن جي وچ ۾ هڪ تڪرار پيدا ٿي چڪو هو، ٽرمپ ان وقت روس جي صدر ولاديمير پيوٽن سان رابطا رکڻ ۾ نرمي ڏيکاريندو رهيو، جنهن تي ڪيترن ئي تجزيه نگارن ۽ سياسي مخالفن پاران شڪ پيدا ڪيو ويو ته هو روس جڙيل آهي. ٽرمپ پنهنجي صدارتي دور دوران صدر پيوٽن جي سخت تنقيد کان بچندو رهيو ۽ اڪثر ڪري پيوٽن جي تعريف ڪندو هو. 2018 جي “هيلسنڪي سربراهه اجلاس” دوران جڏهن هڪ رپورٽر ٽرمپ کان پڇيو ته کيس آمريڪي انٽيليجنس تي وڌيڪ اعتماد آهي يا پيوٽن تي ته هن پوٽن جي ڳالهه کي ترجيح ڏني.

2017 ۾ برطانوي خفيه اداري جي اڳوڻي آفيسر ڪرسٽوفر اسٽيلي جي تيار ڪيل “ڊوسيئر” ۾ دعويٰ ڪئي وئي ته روس وٽ ٽرمپ بابت بدنام ڪندڙ ذاتي معلومات آهي، جنهن جي بنياد تي روس ٽرمپ کي “بليڪ ميل” ڪري سگهي ٿو.

سياسي مخالف خاص طور تي ڊيمو ڪريٽڪ پارٽي جا اڳواڻ بار بار ٽرمپ تي الزام لڳائيندا رهيا آهن ته هو روس جي مفادن لاءِ ڪم ڪري ٿو. ڪيترن ئي صحافتي ادارن جهڙوڪ:CNN Washington Post New York Times به تفصيلي رپورٽون شايع ڪيون جن ۾ ٽرمپ جي روس سان ممڪن نرم پاليسين تي سوال اٿاريا ويا، پر ثبوت پيش نه ڪري سگهيا.   ٽرمپ جي ڪاروبار کي وٺي به روس سان تعلقات جا سوال اُٿيا. رپورٽن ۾ ڄاڻايو ويو ته ٽرمپ جي ادارن خاص طور تي نيويارڪ ۾ روسي ايلگارڪس کان مالياتي مدد حاصل ڪئي. جڏهن ته ٽرمپ ۽ ان جي حامين هميشه انهن لاڳاپن کان انڪار ڪيو، پر ان سلسلي ۾ ڪيترن ئي تجزيه نگار ۽ صحافي سوال اُٿاريندا رهيا ته ڇا روس کي ٽرمپ تي هڪ قسم جو اثر رسوخ حاصل هو.

روس سان لاڳاپن بابت سب کان وڏي تحقيق “مولر تحقيقات” هئي جنهن ۾ رٽائرڊ اسپيشل ڪائونسل روبرٽ مولر ٽرمپ ۽ سندس مهم جي ممڪن رشوتن ۽ روس سان تعلقات کي جاچڻ لاءِ هڪ اهم تحقيق ڪئي. الزام هئا ته ٽرمپ جي مهم ۾ شامل ڪيترن ماڻهن جا روس سان رابطا موجود هئا، پر ان تحقيق ۾ اهو ثابت نه ٿي سگهيو ته ٽرمپ پاڻ يا سندس مهم روس جي مدد سان چوري ٿيل معلومات استعمال ڪئي، ان کانپوءِ جڏهن مولر جي رپورٽ ۾ ٽرمپ خلاف تمام گهڻا ثبوت موجود نه هئا ته ٽرمپ ۽ ان جي حامي ماڻهن ان رپورٽ کي “سازش” ۽ “ميڊيا جي پروپيگنڊا” قرار ڏنو.

ٽرمپ جو روس سان تعلق هڪ انتهائي تڪراري ۽ پراسرار موضوع بڻجي چڪو آهي. جڏهن ته سرڪاري سطح تي ان ڳالهه جو ثبوت موجود ناهي ته ٽرمپ روس لاءِ ڪم ڪري رهيو آهي. ڊونلڊ ٽرمپ تي روس لاءِ ڪم ڪرڻ جا الزام 2016ع کان لڳايا ويا، پر ڪيترن سالن جي جاچ باوجود ڪوبه ثبوت سامهون نه آيو. رابرٽ ملر رپورٽ ۽ سينيٽ انڪوائري به سازباز جي ترديد ڪئي. 2024ع جي چونڊن ۾ ٻيهر ڪاميابي بعد اهي پراڻا الزام وري ورجايا پيا وڃن، پر اڄ تائين ڪوبه قانوني يا ثابتي وارو دليل موجود ناهي.

ٽرمپ تي نفسياتي طور تي ان فٽ جو الزام:

ڊونلڊ ٽرمپ جي صدارت دوران ۽ ان کانپوءِ ڪيترا نفسياتي ماهر ۽ سياسي مخالف هن کي ذهني طور نامناسب (mentally unfit) قرار ڏيندا رهيا آهن، خاص طور تي 2018ع ۾ 27 نفسياتي ماهرن هڪ ڪتاب(The Dangerous Case of Donald Trump) جاري ڪيو، جنهن ۾ هن جي شخصيت کي نرگسيت، خود پرستي، غير مستحڪم ۽ خطرناڪ قرار ڏنو. بهرحال ڪنهن به سرڪاري طبي اداري يا عدالتي فورم ٽرمپ کي ذهني طور “نااهل” قرار نه ڏنو آهي، هو قانوني طور صدارتي عهدو سنڀالڻ لاءِ اهل سمجهيو ويو آهي.

2024 جي چونڊن ۾ ٻيهر صدر چونڊجڻ کانپوءِ، ٽرمپ کي ڪيترن ئي سياسي ۽ قانوني خطرن کي منهن ڏيڻو پيو آهي:​

* عدالتي حڪمن جي نظراندازي: ٽرمپ هڪ عدالتي حڪم کي نظرانداز ڪندي هڪ شخص کي غير قانوني طور تي السلوادور موڪليو جيڪو آمريڪي عدالت جي حڪم خلاف هو هي عمل عدالتي اختيارن جي بي حرمتي سمجهي وئي.

* اقتصادي پاليسين ۾ غير يقيني: ٽرمپ نون ٽيرفز جو اعلان ڪيو، پر ڪجهه ڪلاڪن ۾ ئي انهن کي 90 ڏينهن لاءِ ملتوي ڪري ڇڏيو. هن اوچتي تبديلي مارڪيٽ ۾ افرا تفري پيدا ڪئي ۽ اربين ڊالرن جو نقصان ٿيو  ۽ سندس پاليسين تي سوال اٿاريا ويا. ​

* سياسي مخالفن خلاف ڌمڪيون: ٽرمپ پنهنجي مخالفن خلاف قانوني ڪارروائين جي ڌمڪيون ڏنيون آهن، جنهن تي ماهرن خبردار ڪيو آهي ته اهڙا قدم آمريڪي قانون جي حڪمراني کي نقصان پهچائي سگهن ٿا. ​

* اخلاقياتي سوال: ٽرمپ جي ٽيرف پاليسين جي اوچتي تبديلي کانپوءِ ڪجهه قانوندانن ان تي اندروني واپار(insider trading)  جا الزام لڳايا آهن جنهن جي جاچ جو مطالبو ڪيو ويو آهي.

ٽرمپ پنهنجو آئيني مدو پورو ڪري سگهندو يا نه اهو هاڻ آمريڪي عوام، عدالتن ۽ سندس پنهنجي فيصلن تي دارومدار رکي ٿو. مٿي بيان ڪيل انهن معاملن جي نتيجي ۾ ٽرمپ جي صدارت کي سياسي قانوني ۽ اخلاقي خطرن کي منهن ڏيڻو پيو آهي، جيڪي سندس اقتدار تي اثر انداز ٿي سگهن ٿا.

***