بلاگنئون

خوشي جو تعلق رهڻي ڪهڻي سان آهي

آڪسفورڊ يونيورسٽي جي“ ويلبيئنگ ريسرچ سينٽر” پاران گذريل هفتي مارچ 2025 جي آخري هفتي ۾ جاري ڪيل ورلڊ هيپينيئس رپورٽ 2025 ۾ ظاهر ڪيو ويو آهي ته ڏکڻ ايشيا ۾ ٻين ملڪن کان وڌيڪ پاڪستاني خوش آهن (شايد باقي دنيا جي ملڪن جي مقابلي ۾ نه هجن)، پر تحقيق مطابق پاڪستاني ڏکڻ ايشيا جي خوشحال ترين قومن ۾ شامل آهن. عام حالتن ۾ خوشي جي درجه بندي، ماڻهن جي زندگي جو اطمينان ۽ خوشيءَ جي تشخيص ٽن سالن جي اوسط تي ٻڌل هوندي آهي، پر ٻين معنائن ۾ خوشي ماپي نٿي سگهجي. ڪو ائين چئي ته مان سئو سيڪڙو خوش آهيان يا ڪير چئي ته مان 100 سيڪڙو امير يا غريب آهيان، پر اهي شيون رڳو احساس آهن، جن جو ماپو نٿو ٿي سگهي. ان ڪري خوشي جي ڪا پيمائش نٿي ٿي سگهي يا نه ٿي ڪري سگهجي، پر لائيف انڊيڪس ۾ بنيادي سهولتن کان وٺي، سيفٽي سيڪيورٽي، روزگار جي هوند، موسم جي ستم ظريفي يا آسودگي ان ڳالھه جو مترادف ٿي سگهي ٿي ماڻهو ڪيتري مطمئن زندگي گذاري ٿو يا ٻين ملڪن جي ڀيٽ ۾ اسان جو ملڪ ڪيترو خوشحال آهي يا ٿي سگهي ٿو.

تحقيقي رپورٽ يا هر ٻيو گيلپ سروي يا سوشل ميڊيا جو جائزو ڪڏهن ڪڏهن غلط به ٿي سگهي ٿو، ان ڪري ته زميني حقيقتون ڪجھ ٻيون هجن ٿيون ۽ ڳالهيون يا جائزا ڪجھه ٻيا. ڳالھه اها به آهي ته يورپي ۽ مغربي ملڪن ۾ ويٺل ۽ مشرق ۾ ويٺل محقق ان ڳالھ کان پري ٿي سگهن ٿا ته اسان جي ملڪ ۾ ٿئي ڇا ٿو؟ ڪڏهن ڪڏهن غير ملڪي شهرن جا ماڻهو اهو سوال به ڪندا آهن ته توهان پاڪستاني طالباني حملن جي باوجود، اسٽريٽ ڪرائيم جي هوندي، ڪرپشن جي ڦر مار، ڌاڙن ۽ ڏينهن ڏٺي جو ڦُرن جي ڪري، رات جي پهرن ۾ چوريون چڪاريون، لاقانونيت، پوليس گيري ۽ دهشت پسندي ۽ دهشتگرد ماحول ۾ رهو ڪيئن ٿا؟ پر جواب اهو به آهي ته هاڻي اسان عادي ٿي ويا آهيون، جو رستي ۾ ٿيل واردات، چورن ۽ ڦورن سان منهن ماري ڪري به، پوليس گيري، ٽريفڪ جي مسئلن، موبائيل کسجڻ جي واقعن باوجود به گاڏين، بسين ۽ ڪارين اندر ٿيل ڦرون ۽ ڌاڙا، موٽرسائيڪل جهلي ڪنهن کان پئسا ڏوڪڙ ڦرڻ واريون وارداتون، ڪڏهن ڪڏهن موٽرسائيڪل کسي ماڻهن کي پنڌ يا گاڏي جيترو ڪرايو ڏئي ڪياڙي وارو هٿ هڻي ماڻهن کي گهر روانو ڪرڻ واريون وارداتون، آفيسن اندر بي ايماني، دڪاندارن جي شين ۾ ملاوٽ، رهزن گيريون، اٽي، کير، کنڊ، کائڻ پيئڻ جي شين ۾ هٿراڌو ملاوٽ ۽ الائي جي ڇا ڇا؟ جو ڪا شيءِ بچيل ناهي، جنهن ۾ ملاوٽ يا بي ايماني نه ٿيندي هجي ته توهان ان سموري حالتن ۾ خوش ڪيئن آهيو جو ڪڏهن ڪڏهن ماڻهن جي حفاظت جي لاءِ مقرر ڪيل محافظ به ماڻهن جي جان، مال ۽ ڌن دولت جا دشمن ٿي ٿا پون، اهي ئي ڪڏهن ماڻهن کي لٽي ڦري ٿا وڃن، ڪڏهن ڪڏهن عام ماڻهو به پوليس جي وردي پائي عام ماڻهن کان يا ڪڏهن ڪڏهن مارڪيٽ ۾ گهري ڦري لٽي ٿا وڃن ته توهان جيئو ڪيئن ٿا ۽ جي جيئو ٿا ته ڪمال ٿا ڪريو.

انهي سان گڏ اهو به ڏسجي ته في ڪس آمدني ڪيتري آهي، سماجي امدادي تنظيمون ڪيتريون آهن، صحتمند زندگي جي نشاندهي ڪيتري حد تي بيٺل آهي، زندگي جون تڪليفون ۽ درد ڪيترا آهن، فري هوم سروسز ۾ يا بنيادي سهولتن جي ڏس ۾ حڪومت ڪيترو ڀڙ آهي، ڪم ۽ ڪرپشن سرڪاري ادارا ڇا ٿا ڪن؟ پر ان ڏس ۾ ”فنلينڊ“ جهڙو ملڪ مسلسل اٺين سال به خوش ترين ملڪ جي حيثيت سان پنهنجو نمبر ۽ ليول برقرار رکيو پيو اچي. هن نئين رپورٽ ۾ آمريڪا کي 24 هين نمبر تي ڏٺو ويو آهي، جيڪو ان جو گهٽ ترين درجو آهي. اهو پڻ نوٽ ڪيو ويو آهي ته آمريڪا ڪجھه ملڪن مان هڪ آهي جتي خودڪشي يا نشي جي استعمال جي ڪري مايوسي وارن موتن ۾ اضافو ٿيو آهي، هڪ اهڙي وقت جڏهن اڪثريت ملڪن ۾ اهي مايوسي وارا موت گهٽجي رهيا آهن. افغانستان جيڪو 2020 ۾ طالبان جي ٻيهر ڪنٽرول حاصل ڪرڻ کانپوءِ هڪ انساني تباهي جو شڪار آهي، هڪ ڀيرو ٻيهر سڀ کان وڌيڪ ناخوش ملڪ جي حيثيت برقرار رکيو پيو اچي. هن رپورٽ جا سڀ نتيجا گيلپ ورلڊ پول ڊيٽا ۽ ٻين ذريعن تي ٻڌل آهن (جن ۾ لائيڊ رجسٽر فائونڊيشن ورلڊ رسڪ پول به شامل آهي) ان رپورٽ ۾ فلاحي سائنس جي معروف ماهرن پاران تجزيو ڪيو ويو آهي ۽ ملڪن جي 2022-2024 سالن دوران انهن ملڪن جي خود تشخيص ڪيل زندگي جي سراسري جائزي مطابق انهن جي درجابندي ڪئي وئي آهي. هن رپورٽ ۾ پاڪستان 147 سروي ڪيل ملڪن ۾ 109 هين نمبر تي آهي ۽ ڏکڻ ايشيائي ملڪن ۾ خوشي جي شرح جي لحاظ کان نيپال 91 نمبر تي آهي. هندستان 118 هين نمبر تي (پاڪستان کان نَوَ درجا هيٺ آهي) سريلنڪا 133 هين نمبر تي آهي، جڏهن ته بنگلاديش 134 هين نمبر تي آهي. ڪوسٽا ريڪا ڇهين ۽ ميڪسيڪو ڏهين نمبر تي آهي، پر مغربي صنعتي ملڪ هاڻي 2005 ۽ 2010 کانپوءِ گهٽ خوش ملڪن ۾ شمار ٿين ٿا. انهن مان پندرهن مغربي ملڪن جي خوشحالي جي شرح ۾ اهم گهٽتائي آئي آهي، جڏهن ته چئن ملڪن ۾ اهم واڌ آئي آهي. آمريڪا وانگر برطانيا پڻ 23 هين نمبر تي آهي. 2017 جي رپورٽ کانپوءِ برطانيا پنهنجي گهٽ ۾ گهٽ سراسري واري زندگيءَ جي نشاندهي ڪري رهيو آهي. رپورٽ مطابق هن سال نوان ثبوت ظاهر ڪيا ويا آهن ته سخاوت جي ڪمن ۾ مشغول ٿيڻ ۽ ٻين تي مهرباني ڪرڻ وارو يقين رکڻ وارا ڪم ئي خوش رهڻ جا ثبوت آهن. وڌيڪ پگهار ڪمائڻ کان به وڌيڪ اهي ماڻهو خوش آهن، جيڪي عام فلاح ۽ برادري جي ڪمن ۾ گهڻا اڳتي آهن. تمام وڏن گهرن ۾ ماڻهو گهٽ خوشيءَ جو تجربو ڪري سگهن ٿا، جيڪو شايد گهٽجندڙ معاشي اطمينان سان ڳنڍيل هجي ٿو. رپورٽ موجب گھڻ خانداني گهرن ۾ آمريڪي آبادي جو حصو 1971 ۾ 7 سيڪڙو کان وڌي 2021 ۾ 18 سيڪڙو ٿي ويو هو. جڏهن ته گھڻ خانداني گهر ايشيا ۾ تمام عام آهن (هندستان ۽ پاڪستان ۾ اڌ کان به وڌيڪ) انهي سان گڏ آفريڪا ۾ ڪيترائي اهڙا خاندان آهن، يورپ ۽ اتر آمريڪا ۾ اهڙن گهرن جو لڳ ڀڳ 30 سيڪڙو آهن، پر ڪئناڊا ۽ برطانيا ۾ اهڙا گهڻ يا گڏ رهندڙ خاندان نه هجڻ جي برابر آهن. رپورٽ ۾ اهو پڻ نوٽ ڪيو ويو آهي ته عام طور تي ماڻهو پنهنجي برادري جي ڪيل احسانن بابت تمام گهڻو مايوس آهن ۽ ڪجھه ملڪن ۾ اهو به ڏٺو ويو آهي ته گم ٿيل شين جي واپسي جي شرح ماڻهن جي توقع کان تمام گهڻي وڌيڪ آهي. رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته زندگي جي اطمينان ۾ گهٽتائي جو سبب نظام جي مخالفت ۾ پيل ووٽن جي مجموعي واڌ به هجي ٿي جيڪا وضاحت ڪري ٿي ماڻهو خوش آهن ته اهي رياست مان بيزار آهن، پر ساڳي جاءِ تي ٻين تي اعتماد ڪرڻ سان به خوشي حاصل ڪري سگهجي ٿي. رپورٽ مطابق پاڪستان ۾ سياسي نظامن جي انتها کان بيزار ۽ متاثر ٿيل خلق به آهي ۽ ناخوش ماڻهن ۾ گهٽ اعتماد وارا ماڻهو گهڻو ڪري ساڄي پاسي هوندا آهن، جڏهن ته وڌيڪ اعتماد وارا ماڻهو کاٻي پاسي ووٽ ڏيڻ لاءِ وڌيڪ مائل هوندا آهن. وڌندڙ اڪيلائي جو رجحان رڳو نوجوانن ۾ ئي وڌيڪ واضح آهي. 2024 ۾ دنيا جي 19 سيڪڙو نوجوان بالغن هڪ سروي ۾ ٻڌايو ته سماجي مدد لاءِ ڪو به اهڙو ماڻهو نه هو جنهن تي اهي ڀروسو ڪري سگهن، جيڪو 2006 جي مقابلي ۾ 39 سيڪڙو وڌيڪ هو. رپورٽ ۾ اهو پڻ چيو ويو آهي ته دنيا جي گھڻن ماڻهن لاءِ پنهنجا خاندان ۽ برادريون خوشي ۽ مالي مدد جو ذريعو آهن. جيڪي جوڙا گهٽ ۾ گهٽ هڪ ٻار سان گڏ رهن ٿا يا جيڪي جوڙا ٻارن ۽ پنهنجي گڏيل خاندان جي ميمبرن (پيءُ ماءُ يا سس سهري يا ڀائرن) سان گڏ رهن ٿا، انهن جي زندگي جي اطمينان جي شرح سراسري طور بهتر هجي ٿي ۽ ماڻهو جيڪي پنهنجي پاڻ تي ڀاڙيل رهن ٿا، اهي اڪثر خوشي جي گهٽ سطح جو تجربو ڪندا رهندا آهن.

ان کان علاوه ناانصافي لا قانونيت، تعليم جي اڻبرابري، بنيادي سهولتن جي اڻاٺ، صاف پيئڻ جو پاڻي اڻلڀ (ڪٿي انسانن ۽ جانورن کي به ساڳي دُٻي مان پاڻي پيئندي ڏٺو ويو آهي) ڪٿي، ڪنهن علائقي ۾ پيئڻ جو پاڻي ناهي ته ڪٿي ڪتن ۽ ٻلين کي پاڻي سان وهنجارين ٿا ته ڪٿي ڪٿي گهٽين جي وڻن ۽ باغيچن کي بي تحاشا پاڻي ڏنو ٿو وڃي. ڪٿي گيس ناهي، ڪٿي بجلي ناهي، ڪٿي سيڪيورٽي ناهي، ڪٿي بارشون تنگ ٿيون ڪن، ڪٿي سوڪهڙو اهڙو جو ماڻهن کي پيئڻ جو پاڻي نٿو ملي، ڪٿي ماڻهو قطارون ڪيون پنڻ ۾ مشغول آهن ۽ پنڻ لاءِ قطار ۾ بيهي مهذب شهرن هجڻ جو مظاهرو ڪندا آهن ته ڪٿي (وڏن شهرن ۾) جي ڊي سي، ايڌي، رمضان ڇيپا ۽ ان کان علاوه ٻيون اين جي اوز به ماڻهن جي خدمت ۾ لٿل جو ماڻهن کي گهرن ۾ ٻٽالو به نصيب نه هجن پر انهن خيراتي دسترخوانن تي ڇيلي ۽ ڪڪڙ جو گوشت ٿا کارائين، پر سوال اهو آهي ته آخر ايتري اڻبرابري ۽ اڻبڻت واري ماحول ۾ زندگي ڪيئن ٿي هلي؟ وري حال اهو به آهي ته ڪنهن جي رڌڻي (بورچي خاني) ۾ پنج ڪلو اٽو به ناهي ته ڪنهن رڌڻي ۾ اٽو جيت کائي ٿا وڃن. وري ڪنهن گهر ۾ گهر جا ڀاتي به ناهن هوندا جو گهر جي سيڌو سامان نوڪر ۽ ڊارئيور کائي ٿا وڃن. معنيٰ معاشري ۾ ايتري اڻ برابري ۽ ناانصافي آهي جو ويهي اهي درد لکجن، پر انٽرنيشنل ماڻهو اسان کي پوءِ به بهتر ۽ خوش ٿا سمجهن. اهي سمجهن ٿا اسان جهڙن ملڪن ۾ لائيف انڊيڪس جو ريشو 198 ملڪن مان 150 کان به هيٺ آهي، جتي ماڻهو غربت ۽ بيماري ۾ مري کپي ٿا وڃن، پر انهن مغربي محققن کي اها خبر (شايد) ناهي يا احساس ناهي ته غريب ۽ غربت ۾ فرق هوندو آهي، ماڻهن غريب ته ڏٺا هوندا، پر انهن غربت نه ڏٺي هوندي.

***