لگيشن تي ٻه ماڻهو منهنجو انتظار ڪري رهيا هئا، بي صبري ۽ بيچينيءَ سان- رسل، پنهنجي سرمئي رنگ جي سوٽ، لهرن واري بوٽاءِ، ٿيوڊور روزويلٽ جهڙي جهڪيل مُڇين ۾، پر جن کي ڏاڍو سليقي سان سنواريو ويو هو ۽ فاضل، پنهنجي هميشه واري لباس، اڇي عبا ۽ ڪاري جبي ۽ نيري عمامي (پڳ) ۾- ظاهر آهي هو ڊپلوميٽ ئي هو هن آهستي آهستي، پر ڏاڍي احتياط سان فرانسيسي ٻوليءَ ۾ گفتگو شروع ڪئي-
“اڄ جو ميڙاڪو انهن مان هڪ آهي جيڪي تاريخ جي وهڪري کي بدلائي ڇڏيندا آهن- اسان جي شڪل ۾، ٻه قومون ملي رهيون آهن، فاصلا ۽ اختلاف ختم ڪري: رياست هاءِ متحده، جيڪا هڪ نو عمر قوم آهي، پر هڪ پراڻي جمهوريت آهي ۽ ايران جيڪا هڪ قديم، چند هزار سال پراڻي قوم، پر بلڪل تازي آيل جمهوريت آهي-”
اهو سڀ هن اسرار ۽ راز واري انداز سان چيو، رسم ۽ روايت جي هڪ جهلڪ سان، فاضل تي هڪ نگاهه وجهندي هن ڏٺو ته ڪٿي سندس لفظ سندس ڳالهه کي بي مزو ته نه ڪري رهيا آهن- پوءِ هن پنهنجي ڳالهه جاري رکي:
“ڪجهه ڏينهن اڳ مان ‘جمهوري ڪلب تهران’ ۾ مهمان هئس- مان اتي آيل مهمانن جي سامهون ان همدردي جو اظهار ڪيو جيڪا آئون ‘دستوري’ انقلاب لاءِ محسوس ڪيان ٿو ۽ ان جذبي ۾ صدر ٽيفٽ ۽ مسٽر نوڪس، اسان جا پرڏيهي وزير، شريڪ آهن، آئون اهو اضافو به ڪندو هلان ته جنهن جو ذڪر آخر ۾ ڪيو اٿم ان کي اسان جي اڄ جي ملاقات جو علم آهي ۽ هو ان جي نتيجن جي باري ۾ تار جي ذريعي معلومات جو انتظار ڪري رهيو آهي-”
منهنجي لاءِ ان جي وضاحت هن فاضل جي حوالي ڪري ڇڏي، جنهن چيو:
“توکي اهي ڏينهن ياد آهن جڏهن تو زار جي سپاهين کي مزاحمت نه ڪرڻ جي لاءِ قائل ڪرڻ ٿي چاهيو؟”
“۽ اهو ڪيڏو نه مشڪل ڪم هو!”
“مون ان ڳالهه جو ڏک نه ڪيو- تو اهو ئي ڪيو جو توکي ڪرڻ گهرجي ها ۽ هڪ طرح تون صحيح به هئين- ان جي هوندي جنهن شيءِ جو مون کي ڊپ هو اهو اڃان تائين ختم ناهي ٿيو- روسي اڃان تائين تبريز کان ٻاهر ناهن نڪتا، ۽ اتان جي عوام تي روز ڏاڍايون ٿي رهيون آهن- قذاق وچ رستي تي عورتن جا نقاب ڇڪيو کين بي پرده ڪيو ڇڏين ۽ ننڍي ننڍي ڳالهه تي ‘ابناءِ آدم’ کي جيل ۾ وڌو پيو وڃي-
“پر ان کان به هڪ ٻيو وڏو خطرو آهي- تبريز جي قبضي کان به وڌيڪ خطرناڪ ۽ منهنجي ساٿين سان جيڪا حالت ٿي رهي آهي ان کان به وڌيڪ خطرناڪ- اها ڳالهه آهي ته اسان جي جمهوريت جنهن کي شڪست جو خطرو لاحق آهي- جڏهن مسٽر رسل ‘نو عمر’ جو لفظ استعمال ڪيو، اتي کيس ‘نازڪ’ ۽ ‘خطري ۾’ به استعمال ڪرڻ گهرجي ها- ڏسڻ ۾ ته ايئن ٿو اچي ته ڄڻ هر شيءِ اطمينان بخش طريقي سان عمل ۾ اچي رهي آهي، ماڻهو پهرين جي مقابلي ۾ وڌيڪ خوش آهن، بازار وڌي ويجهي رهي آهي ۽ مذهبي ماڻهو به هڪٻئي سان مفاهمت ڪندي نظر اچي رهيا آهن- تڏهن به تنظيمي شڪل کي ٽڪرا ٽڪرا ٿيڻ کان ڪو معجزو ئي بچائي سگهي ٿو- ڇو؟ ڇو جو اسان جون ٽجوڙيون خالي آهن، ماضيءَ وانگر- پراڻي حڪومت ٽيڪس ڏاڍي عجيب طريقي سان جمع ڪندي هئي- هو هر صوبي کي ڪنهن پئسي وٺڻ واري کي ڄڻ ٺيڪي تي ڏئي ڇڏيندي هئي جيڪو عوام جو رت پي رقم پنهنجو پاڻ وٽ رکندا هئا ۽ ان مان هڪ معمولي حصو پنهنجي سلامتي خريد ڪرڻ خاطر درٻار ۾ جمع ڪرائي ڇڏيندا هئا- اسان جي سڀني مصيبتن جي پاڙ اها ئي آهي- جيئن ته حڪومتي خزانو خالي هو، انهن روسين ۽ انگريزن کان قرض ورتو، جن پنهنجي رقم کي ٻيهر حاصل ڪرڻ لاءِ رعايتون ۽ فائدا حاصل ڪيا- اهو ئي سبب هو جو زار اسان جي معاملن ۾ دخل انداز ٿيو ۽ اسان کي پنهنجي سڄي دولت وڪڻڻي پئي- نئين حڪومت به انهيءَ جهنجهٽ جو شڪار آهي جنهن کي اڳوڻا قائد ڀوڳيندا ٿي آيا: جيڪڏهن اهي جديد ملڪن جي نموني تي ٽيڪس گڏ نٿا ڪري سگهن ته انهن کي طاقتن جي سرپرستي قبول ڪرڻي پوندي- اسان جي پهرين ضرورت مالي نظام کي صحيح راهه تي آڻڻ آهي- ايران جي نئين سر تعمير انهيءَ سان گڏ گڏ ٿي سگهي ٿي: ته ايران جي آزاديءَ جي اها قيمت آهي-”
“جيڪڏهن علاج ايترو آسان آهي ته پوءِ ان کي لاڳو ڪرڻ ۾ ايتري دير ڇو پئي ڪئي وڃي؟”
“اڄ ڪوبه ايراني اهڙو ناهي جو ان ڪم جو بار کڻي سگهي- اهو چوندي ڏاڍو ڏک ٿو ٿئي، ته هڪ ڪروڙ جي قوم ۾ ڪوبه اهڙو ڪونهي، پر جهالت جي وزن کي نظر انداز نه ڪرڻ گهرجي هتي اسان جهڙا جديد تعليم يافته جيڪي ترقي يافته قومن جي پهرين نمبر جي سرڪاري نوڪرين جي برابري ڪري سگهون مشڪل سان آڱرين تي ڳڻڻ جيترا هونداسين- صرف سفارتڪاريءَ جو ميدان ئي اهڙو آهي جنهن ۾ اسان وٽ ڪيترائي باصلاحيت ماڻهو موجود آهن. باقي ٻين شعبن سان جن جو تعلق آهي، جنهن مان منهنجي مراد فوج، لکپڙهه ۽ سڀ کان مٿي مالياتي شعبو اتي معاملو صفا ڍلو آهي- جيڪڏهن اسان جي حڪومت ويهه ٽيهه سال زنده رهي ٿي ته ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته هڪ اهڙو نسل پيدا ڪري سگهندي جن ۾ انهن ڪمن ڪارين جي صلاحيت هجي، پر انتظار واري حالت ۾ اسان وٽ بهترين حل اهو ئي آهي ته ايماندار ۽ باصلاحيت غير ملڪين کان مدد گهرون- انهن جو ملڻ ايترو آسان ناهي مون کي خبر آهي، ماضيءَ ۾ اسان کي نائوس، لياخوف ۽ ٻيا ڪيترائي بدترين تجربا ٿي چڪا آهن، پر مان مايوس ناهيان ٿيو- مون پارليامان ۽ حڪومت ۾ پنهنجي ڪجهه ساٿين سان ان موضوع تي ڳالهه ٻولهه ڪئي آهي ۽ اسان سڀني جو خيال اهو آهي ته آمريڪا شايد اسان جي مدد ڪري سگهي-”
چارلز رسل منهنجي ان غور ۽ فڪر تي تعجب ۽ ڳڻتيءَ جو اظهار ڪيو- پر فاضل جي جواب کيس جلد ئي مطمئن ڪري ڇڏيو-
“هڪٻئي پٺيان اسان سڀني طاقتن جو جائزو ورتو آهي- روسين ۽ برطانوي ماڻهن کي اسان جو ڏيوالو نڪرندي ڏسي صرف خوشي ئي ٿيندي ڇو ته ان طريقي سان هو اسان مٿان ڪنٽرول ڪري سگهندا. فرانسيسي پنهنجن لاڳاپن ۾ روس سان ڪجهه وڌيڪ ويجها آهن، انهن کي اسان جي لاءِ پريشاني ڇو ٿيندي- ڏسجي ته سڄو يورپ ئي اتحادي معاهدن يا ان جي برعڪس راند ۾ پريشان آهي جنهن ۾ ايران جي حيثيت ريزگاريءَ کان وڌيڪ ناهي- شطرنج جو هڪ مهرو- صرف آمريڪا ئي ان مٿان حملو ڪرڻ کانسواءِ دلچسپي وٺي سگهي ٿو- ان لاءِ مون مسٽر رسل سان ڳالهايو ۽ پڇيو ته ڇا هو ڪنهن باصلاحيت آمريڪي کي سڃاڻي ٿو جيڪو هي سڄو ذميداريءَ وارو ڪم قبول ڪري سگهي- آئون ان ڳالهه جو اعتراف ڪندس ته هن تنهنجو ذڪر ڪيو- آئون اها ڳالهه صفا وساري ويٺس ته تو اڪنامڪس جي تعليم حاصل ڪئي آهي-”
“مون کي تنهنجي ڀروسي تي فخر آهي،” مون جواب ڏنو، “پر يقينن آئون اهو ماڻهو ناهيان جنهن جي اوهان کي ضرورت آهي- پنهنجن سندن جي باوجود، بس مون کي اڪنامڪس جي باري ۾ واجبي مهارت حاصل آهي ۽ مون کي پنهنجي علم کي آزمائڻ جو ڪڏهن موقعو به ناهي مليو- ان جو الزام منهنجي والد جي مٿي تي آهي، ڇو ته هن ايترا جهاز ٺاهيا جو مون کي ڪم ڪرڻ جي ضرورت ئي نه پئي- منهنجو ڪم ته بس ٻين ڪيترين ئي ڳالهين ۾ رهيو- جهڙوڪر ڪيترائي اهڙا ڪم جنهن جو ڪو فائدو ئي نه هجي: سير و سياحت ۽ مطالعو، محبت، اعتقاد ۽ شڪ، معرڪا آرائي يا وري ڪڏهن ڪڏهن لکڻ-”
“جڏهن توکي تنهنجي ڪم جو ماڻهو ملي ويندو، ته مان سندس ڀر ۾ ويهي سندس مدد لاءِ حاضر هوندس، ان کي بي حساب مشورا ڏيندس ۽ ان جا ننڍا ننڍا ڪم ڪري سگهندس، پر اهليت ۽ محنت جو مطالبو توکي ان ماڻهو کان ئي ڪرڻو پوندو- منهنجون سڀ نيڪ تمنائون توسان گڏ آهن، پر آئون هڪ بي علم ۽ سست ماڻهو آهيان-”
فاضل وڌيڪ زور نه ڀريو، پر ساڳئي لهجي ۾ ئي مون کي جواب ڏنو:
“ان ۾ ڀلا ڪهڙو شڪ آهي، مان پاڻ تنهنجي ان ڳالهه جي تصديق ٿو ڪيان- پر تو ۾ ڪجهه ٻيون خاميون به آهن جيڪي اڃان وڌيڪ سنگين آهن- جيئن ته سڄي دنيا کي خبر آهي، ته تون منهنجو دوست آهين ۽ منهنجي سياسي مخالفن جو بس هڪڙو ئي مقصد آهي: ته توکي ڪامياب نه ٿيڻ ڏين-”
رسل هڪ معنيٰ خيز مسڪراهٽ سان سڄي ڳالهه خاموشيءَ سان ٻڌندو رهيو، ڄڻ کيس نظر انداز ڪيو ويو هجي- اسان جي ٺٺول کيس سٺي نه لڳي، پر هن ڏاڍي سهڻي نموني سان ان جو جواب ڏنو- فاضل ڏانهس متوجه ٿيو:
“مون کي بينجامن جي بيوفائي تي افسوس ٿيو آهي، پر جيستائين تنهنجو تعلق آهي، ان سان ڪو فرق نٿو پوي شايد اهو بهتر آهي ته ان قسم جي ذميداري ڪنهن اهڙي شخص کي ڏجي جيڪو ايراني ڪمن ۾ ڪڏهن ملوث نه ٿيو هجي نه ويجهڙائي ۾ نه ئي ماضيءَ ۾-”
“ڇا تون ڪنهن خاص ماڻهو جي ڳولها ڪري رهيو آهين؟”
“منهنجي ذهن ۾ ته ڪنهن جو نالو ئي ڪونه ٿو اچي- بس جيڪو به هجي، محنتي هجي، ايماندار ۽ آزاد روح جو مالڪ هجي- ان قسم جا ڪجهه ماڻهو تنهنجي وچ ۾ ضرور آهن، مون کي خبر آهي- آئون انهن کي چڱيءَ طرح سان صاف ڏسي سگهان ٿو ۽ توکي تقريبن چئي سگهان ٿو ته اهي بلڪل منهنجي سامهون بيٺا آهن، هڪ سهڻي صفت وارو صاف سٿرو ماڻهو جيڪو مضبوطيءَ سان بيٺو آهي ۽ بلڪل سامهون ڏسي رهيو آهي ۽ ڏاڍي توازن سان ڳالهائي ٿو- هڪ باسڪر ويل جهڙو ماڻهو-”
ايراني حڪومت 25 ڊسمبر 1910ع، آچر تي ڪرسمس جي ڏينهن، پنهنجي واشنگٽن جي لگيشن کي جيڪو برقي پيغام موڪليو اهو ڪجهه هينئن هو:
“پرڏيهي وزير سان هڪدم رابطو ڪن ته هو تنهنجو رابطو آمريڪي معاشي ماهرن سان ڪرائيندو ته جيئن ڪنهن غير جانبدار آمريڪي ماهر کي ٽن سالن جي لاءِ خزاني جو عهدو شروعاتي طور تي معاهدي تحت ڏنو وڃي، شرط اهو آهي ته پارليامان ان کي منظور ڪري- ان جي ذمي رياست جا مالي وسيلا انهن جو انتظام، ٽيڪسن جي وصولي ۽ انفاق (زڪوات ۽ ٻيا مذهبي ٽيڪس) الله جي راهه ۾ ڏنل، جن ۾ کيس هڪ خود مختيار اڪائونٽنٽ جي مدد حاصل هوندي جيڪو صوبن ۾ ٽيڪس جي وصوليءَ جي نگراني ڪندو-
“ايران ۾ آمريڪا جي ڪميشن جي وزير اسان کي خبر ڏني آهي ته پرڏيهي وزير ساڻس هم آهنگي سان ڪم ڪري رهيو آهي- ان سان سڌو سنئون رابطو ڪيو وڃي ۽ ڪنهن ٽئين ماڻهو کي وچ ۾ وجهڻ کان پرهيز ڪئي وڃي- هن پيغام جو سڄو متن کيس موڪليو وڃي ۽ سندس ڏنل تجويزن مطابق عمل ڪيو وڃي-”
ايندڙ 2 فيبروري تي “مجلس” آمريڪي ماهرين جي رٿيل ماهر کي وڏي اڪثريت سان تاڙين جي گونج ۽ ماڻهن جي هجوم ۾ منظور ڪري ورتو-
ڪجهه ڏينهن کانپوءِ ماليات جي وزير کي، جنهن نواب کي منصوبو پيش ڪيو هو، ڏينهن ڏٺي جارجيا جي ٻن ماڻهن قتل ڪري ڇڏيو-
انهيءَ شام، روسي لگيشن جو ترجمان ايراني پرڏيهي معاملن جي وزارت پهتو ۽ مطالبو ڪيو ته، قاتلن کي جيڪي زار جي رعيت هئا بغير ڪنهن پس و پيش جي سندس تحويل ۾ ڏنا وڃن. سڀني کي معلوم هو ته اهو ڪم سينٽ پيٽرز برگ جو (ايراني) پارليامان جي ووٽ جو جواب هو. پر اقتدار ۾ ويٺل ماڻهن جو اهو خيال هو ته ڪٿي پنهنجي طاقتور پاڙيسرين سان سندن لاڳاپا خراب نه ٿي وڃن، حڪم جي تعميل ڪرڻ کي ترجيح ڏني- قاتلن کي لگيشن آندو ويو ۽ اتان کان سرحد تي، جتان سرحد پار ڪندي ئي اهي آزاد ٿي چڪا هئا-
احتجاج ۾ بازار پنهنجا دروازا بند ڪري ڇڏيا، “ابناءِ آدم” روسي مال جو بائيڪاٽ ڪرڻ جي دعوت ڏني ۽ اهو به ٻڌڻ ۾ آيو ته ڪيترن ئي جارجين ماڻهن جي خلاف انتقامي ڪارروايون ٿيون، جيڪي هن ملڪ ۾ “جورجي” سڏرائيندا هئا. ان جي باوجود حڪومت، صحافين جي حمايت تي، صبر جو اعلان ڪيو، انهن چيو حقيقي سڌارا شروع ٿيڻ وارا آهن، ماهر پهچڻ وارا هئا ۽ جلد ئي رياست جو خزانو ڀرجي ويندو، قرض لاٿا ويندا ۽ سرپرستيءَ کي به پنهنجي سر تان لاٿو ويندو، اسڪول ۽ اسپتالون کلنديون ۽ جديد طرز تي فوج کي ترتيب ڏنو ويندو- جيڪا زار کي تبريز ڇڏڻ تي مجبور ڪندي ۽ کين ڊيڄارڻ ۽ ڌمڪيون ڏيڻ جو سلسلو بند ٿي ويندو-