نئون

هيرو جي واپسي

سريلنڪا جي ڪرڪيٽ ٽيم تي حملي مهل انهن جي بس کي بچائيندڙ ڊرائيور جي وطن واپسي

8 سال اڳ سريلنڪا جي ٽيم تي ٿيل حملي ۾ هيرو جو ڪردار ادا ڪندڙ ڊرائيور مهر محمد خليل ان وقت همت جو مظاهرو ڪندي سڀني رانديگرن کي محفوظ طريقي سان ان جاءِ کان ڪڍي ويو، جنهن کانپوءِ بين الاقوامي ڪرڪيٽ پاڪستان مان نڪري وئي، پر هاڻي حالتون بهتر ٿي ويون آهن. جنهن ڪري سريلنڪا جي ٽيم هڪ دفعو ٻيهر واپس پاڪستان اچڻ لاءِ تيار آهي ۽ سومر تي سريلنڪا جي ٽيم پاڪستان پهچي ويندي. جنهن موقعي تي مهر محمد هنن کي ڀليڪار ڪرڻ لاءِ ملڪ ۾ موجود هوندو.