بلاگنئون

موسمي برسات ۾ ٻڏندڙ ڪراچي ۽ اسان جي سرڪار سڳوري!!

مِينھن الله تعاليٰ جي هڪ وڏي نعمت آهي جيڪا زمين کي سرسبز شاداب ڪري ٿي، فصلن کي زندگي ڏئي ٿي ۽ موسم کي خوشگوار بڻائي ٿي، پر جڏهن مينھن تمام گهڻو ۽ غير منصوبابندي وارن علائقن ۾ پوي ٿو ته هي نعمت تڪليف بڻجي پوي ٿي. پاڪستان جهڙي ترقي ڪندڙ ملڪ ۾، جتي نيڪال جو نظام ڪمزور آهي اتي پوندڙ مينھن اڪثر ڪري سخت نقصان پهچائيندو آهي. جھڙوڪ: ڪجھه ڏينھن کان ڪراچي، لاهور، اسلام آباد ۽ پشاور جهڙن پاڪستان جي وڏن شهرن ۾، برسات کانپوءِ روڊ دريائن جو منظر پيش ڪن ٿا. نيڪال جي خراب نظام، ڪچري جي ڍير ۽ غير منصوبابندي ڪيل تعمير جي ڪري، پاڻي ڪلاڪن تائين ۽ ڏينھنَ تائين نيڪال نٿو ٿئي. ان سان ٽرئفڪ جو نظام متاثر ٿئي ٿو، حادثا ٿين ٿا ۽ عام زندگي متاثر ٿئي ٿي. اسان تازين برساتن ۾ جيڪڏهن ڪراچيءَ جي حال تي غور ڪنداسين جيڪو پاڪستان جو سڀ کان وڏو شھر ۽ معاشي مرڪز هجڻ جي باوجود، ڪراچيءَ کي هر سال برسات جي موسم ۾ سخت مسئلن کي مُنھن ڏيڻو پوي ٿو. ان جا مکيه سبب خراب شھري حڪمراني، بدانتظامي ۽ خراب انفراسٽرڪچر  (اندروني بناوت/ترتيب) آهي.

سوشل ميڊيا تي ڏسڻ کانپوءِ اهو بلڪل وڌاءُ نه ٿيندو ته تازي مون سون (موسمي بارش) جي تيز برسات پوڻ ڪري شھر جا ڪجهه حصا پاڻي هيٺ اچي ويا آهن، بجلي ۽ موبائل نيٽ ورڪ بند ٿي ويا آهن ۽ پروازون معطل ٿي ويون آهن. شهر جي مختلف حصن ۾ گهر ۽ روڊ پاڻي هيٺ اچي ويا آهن. تازو تيز ۽ وڏي ڳڙي سان پوندڙ برسات ۾ خاص طرح سان ڪراچيءَ ۾  گهٽ ۾ گهٽ ست ماڻهو فوت ٿي ويا آهن؛ جڏهن ته ڪجهه ذريعن موجب موت جو انگ 11 ٻڌايو پيو وڃي، حقيقت ۾ نقصانن جو اصل سبب اهو آهي جو پاڻي جو نيڪال نه ٿيڻ ڪري جيڪي انگ اکر معلوم ٿي سگهيا آهن اهي هن ريت آهن ته رڳو ايئرپورٽ جي ويجهو 143.5 ملي ميٽر مينھن جو پاڻي رڪارڊ ڪيو ويو. 1979 کانپوءِ سڀ کان وڌيڪ اتر اوڀر ڪراچيءَ ۾ 178 ملي ميٽر مينھن پيو، علائقي جي پنجن سالن جي رڪارڊ ۾ سڀ کان وڌيڪ ٻڌايو وڃي ٿو، پر پوري پاڪستان ۾ پوندڙ برساتن جي ڪري ماڻھن جو حادثي سبب موت جي انگ تي غور ڪبو ته  فوتين جو انگ 800 کان وڌي ويو آهي، جنهن ۾ 25,000 کان وڌيڪ ماڻهو محفوظ هنڌن ڏانهن منتقل ڪيا ويا. جڏهن اسان گذريل سال آگسٽ ۾ پوندڙ برساتن جو رڪارڊ ڏسنداسين ته  2020 ۾ تيز برساتن ۾ لڳ ڀڳ 41 ماڻهو مارجي ويا ۽ شهر جي وڏي پيماني تي آبادي ايتري قدر متاثر ٿي هئي جو مھيني ۾ تقريبن 484 ملي ميٽر برسات رڪارڊ ڪئي وئي هئي، جنهن مان 223.5 ملي ميٽر هڪ ڏينھن ۾ رڪارڊ ڪيل سڀ کان وڌيڪ هئي.

جڏهن ته 2022 مون سون جي اثرن سڄي ملڪ ۾ تباهي مچائي هئي جنهن ۾ اندازن 40 ارب آمريڪي ڊالرن جو مالي نقصان شامل ڪيو ويو هو. هيلوڪي برساتن ۾ به هر ڪاروبار کي ڌڪ لڳو آهي جھڙوڪر ڪراچي، ايف بي ايريا وغيره ۾ برسات ايتري قدر صورتحال پيدا ڪئي  جو فيڪٽرين ۾ ڪم ڪندڙ ماڻهن جون منجهند ۽ رات جون شفٽون يا ته منسوخ ڪيون ويون يا متاثر ٿيون، جنهن جي ڪري پيداواري صلاحيت تقريبن اڌ ٿي وئي. افسوس فقط اهو ٿو ٿئي ته سنڌ حڪومت گذريل 16 سالن ۾ موسمياتي شعبن لاءِ تقريبن 48.8 ارب رپيا مختص ڪيا، پر صرف 20.2 ارب رپيا خرچ ڪيا. نيشنل ڊزاسٽر مئنيجمينٽ اٿارٽي صوبائي آفت مئنيجمينٽ اٿارٽي پنهنجي مختص ڪيل فنڊن جو صرف 23 سيڪڙو خرچ ڪيو. جنھن جي ڪري ڪراچي جا روڊ برسات جي ڪجهه ڪلاڪن اندر پاڻي ۾ ٻڏي ويندا آهن. ڇاڪاڻ ته نيڪال جو نظام تمام خراب آهي. گٽر اُٿلن ٿا، نالا بند ٿي وڃن ٿا ۽ پاڻي ڪلاڪن ۽ ڏينهن تائين جمع ٿئي ٿو، جيڪو ٽرانسپورٽ کي متاثر ڪري ٿو ۽ ٽرئفڪ سسٽم کي مفلوج ڪري ٿو. ان کان علاوه ڪي اليڪٽرڪ جي ڪارڪردگي پڻ سامهون اچي ٿي. اڪثر علائقن ۾، برسات پوڻ سان ئي بجلي هلي ويندي آهي ۽ ڪيترن ئي ڪلاڪن تائين واپس نه ايندي آهي. بجليءَ جي ٿنڀن مان ڪرنٽ لڳڻ جا واقعا عام ٿي ويندا آهن، جنھن جي ڪري هر سال ڪيتريون ئي قيمتي جانيون ضايع ٿين ٿيون. ڪچين آبادين، جهوپڙين ۽ هيٺانهين علائقن ۾ رهندڙ ماڻهو سڀ کان وڌيڪ متاثر ٿين ٿا. انهن جا گهر پاڻي ۾ ٻڏي وڃن ٿا، انهن جو سامان خراب ٿي وڃي ٿو ۽ اهي رهڻ لائق نه رهندا آهن. حڪومت طرفان انهن جي مدد يا بحالي لاءِ ڪو به فوري قدم ناهي کنيو ويندو.

برسات کانپوءِ پاڻي جمع ٿيڻ سان ڊينگي، مليريا، ڪالرا ۽ ٻيون بيماريون پکڙجن ٿيون. اسپتالون تمام گهڻيون ڀريل هونديون آهن ۽ غريب ماڻهن کي وڌيڪ مسئلن کي منھن ڏيڻو پوندو آهي. هر سال، ماڻهن کي ساڳين مسئلن کي منهن ڏيڻو پوي ٿو، پر ڪا به اثرائتي منصوبابندي نظر نه ايندي آهي. صفائي جا ناقص انتظام، ڪرپشن ۽ سياسي اختلاف ماڻهن جي مسئلن کي وڌائي. ڇڏيو آهي ڪراچي جھڙي وڏي شھر ۾ برسات کي آفت بڻجڻ کان روڪڻ ڪو ناممڪن ڪم ناهي، پر ان لاءِ خلوص، مضبوط منصوبابندي ۽ عملي قدمن جي ضرورت آهي. جيڪڏهن سرڪاري ادارا سنجيدگي ڏيکارين ۽ عوام به پنھنجو ڪردار ادا ڪن ته مينھن هڪ ڀيرو ٻيهر نعمت بڻجي سگهي ٿو. ٻي وڏي غور طلب ڳالھه اها آهي ته تيز برسات جي صورت ۾، درياءَ ۽ وهڪرا اٿلن ٿا، جنهن جي نتيجي ۾ ٻوڏ اچي ٿي. پاڪستان ۾ هر سال هزارين ماڻهو ٻوڏ کان متاثر ٿين ٿا. گهر، پلون، رستا ۽ فصل تباهه ٿي وڃن ٿا. 2010 ۽ 2022 جون ٻوڏون پاڪستان جي تاريخ جي بدترين ٻوڏن مان آهن، جنهن جي ڪري لکين ماڻهو بي گهر ٿي ويا آهن. اھڙين حالتن کان اڳ سرڪار سڳوري ٻوڏ کان بچڻ لاءِ ڊيم ۽ حفاظتي بند تعمير ڪرڻ طرف توجهه ڏئي ته انساني جانين سان گڏ مالي نقصان به نه ٿيڻ برابر ٿيندو، پر ايئن ٿيڻو ئي نه آهي، ڇو جو مٿان کان هيٺ تائين سسٽم جي ڪمزوري ملڪ کي تباھ ڪري ڇڏيو آهي.

آئون 2023 ۾ آفريڪا جي هڪ ننڍڙي ملڪ سومالي لينڊ ويو هئس جتي هڪ غريب ملڪ جو قانون ڏسي حيراني ٿيندي هئي، ڇو جو سومالي لينڊ جي شھر هرگيسيا ۾ هر روز شام جو برسات پوندي هئي، پر مون ڪڏهن به اسان جي شھرن جيان روڊن تي جمع ٿيل پاڻي نه ڏٺو نه ئي ڪڏهن بجلي جي اک ٻوٽ ڏٺي اهو فقط ان ڪري هو جو ان غريب ملڪ جا حڪمران پنھنجي عوام سان سچا آهن.