پيپلز پارٽي ملڪ ۾ جمهوريت جي مڪمل بحالي تائين سک جو ساهه نه کڻندي
پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته آمرن ۽ انهن جي ڪٽپتلن ملڪ جي معاشرتي، معيشيت ۽ جاگرافي کي وڏو نقصان پهچايو آهي. جڏهن ته پيپلز پارٽي ملڪ ۾ جمهوريت جي مڪمل بحالي تائين سک جو ساهه نه کڻندي. هن وڌيڪ چيو ته ضياءَ ملڪ ۾ منشيات ۽ غير قانوني اسلحي سان نفرتون پکيڙيون لساني ۽ مذهبي منافرت جا ٻج پوکيا. جڏهن ته شهيد ذوالفقار علي ڀٽو سمجهندو هو ته غربت قدرت جو نه پر انسانن جو پيدا ڪيل مسئلو آهي. شهيد ڀٽو پوري قوم کي جاڳايو ۽ ان کي با اختيار بڻايو. بلاول وڌيڪ چيو ته بيگم ڀٽو ۽ شهيد بي بي ملڪ ۾ جمهوريت جي بحالي لاءِ جدوجهد ڪئي. قائد عوام پاران ڪمزور طبقي کي با اختيار بنائڻ تي استحصالي گروهه پريشان ٿي ويو ۽ استحصالي گروهه جي سازشن سان شهيد ڀٽو جي حڪومت جو خاتمو ٿي ويو. هن وڌيڪ چيو ته آصف علي زرداري خلاف انتقامي ڪارروايون 5 جولاءِ 1977 کان وٺي هلندڙ هڪ سلسلو آهي. آمريتي عناصرن ۽ جمهوريت پسندن وچ ۾ جنگ هاڻي به جاري آهي. اهي ڪجهه به ڪري وٺن فتح پاڪستان جي عوام جي ئي ٿيندي. هن چيو ته اڄ اسان کي جمهوريت جي تجديد جو عهد ڪرڻ گهرجي. واضح رهي ته 5 جولاءِ 1977 تي ضياءُ الحق وزيراعظم ذوالفقار ڀٽو جي حڪومت ختم ڪري ملڪ ۾ ٽيون مارشل لا لڳايو هو.