رجب طيب اردگان هڪ دفعو ٻيهر ترڪي جو صدر منتخب ٿي ويو
ترڪي جي اڳوڻي صدر رجب طيب اردگان هڪ دفعو ٻيهر صدارتي چونڊون کٽي ورتيون آهن. اردگان پاران پنهنجي فتح جو اعلان به ڪيو ويو آهي ۽ هن پنهنجي بيان ۾ چيو آهي ته ملڪ کي سنوارڻ جو وقت اچي ويو آهي. ترڪ ميڊيا مطابق صدارتي چونڊن جي ڊوڙ ۾ رجب طيب اردگان کان علاوه جمهوريت عوامي پارٽي جي محرم انجي، ڪرد سياسي جماعت پيپلز ڊيمو ڪريٽڪ پارٽي جي صلاح الدين دميرتش، فضيلت پارٽي جي تيمل ڪرمولا اولو ۽ وطن پارٽي جي دواُو، پير نچڪ شامل هئا، جنهن ۾ هڪ دفعو ٻيهر رجب طيب اردگان پنهنجي مخالفن کي شڪست ڏيئي ڇڏي هن پنهنجي مخالفن خلاف 53.1 سيڪڙو ووٽ حاصل ڪري ڪاميابي حاصل ڪري ورتي. جنهن بعد طيب اردگان جي پارٽي کي واضح برطرفي حاصل آهي. ترڪ ميڊيا مطابق اردگان جي عوامي اتحاد پارٽي حڪومت ٺاهيندي. ٻئي طرف ڪاميابي ماڻڻ تي طيب اردگان کي مسلمان ملڪن جي سربراهن پاران مبارڪباد جا پيغام به موڪليا ويا آهن. واضح رهي ته هي چونڊون ايندڙ سال ٿيڻيون هيون جڏهن ته طيب اردگان انهن کي هن سال ڪرائڻ جو اعلان ڪيو هو.

