نئون

آرٽيفيشل انٽيليجنس جو ڪمال گونگو صحافي ڳالهائڻ لڳو

آمريڪا جو هڪ گونگو صحافي جيمي ڊپري آرٽيفيشل ٽيڪنالاجي جي مدد سان ڳالهائڻ قابل ٿي ويو. جيمي پيدائشي گونگو نه هو پر هرهڪ نيورو لاجيڪل بيماري جو شڪار ٿي ويو هيو، جنهن ڪارڻ هن جي ڳالهائڻ جي سگهه ختم ٿي وئي هئي. هاڻ آمريڪا جي سائنسدانن پاران آرٽيفيشل ٽيڪنالاجي جي مدد هن کي   ڳالهائڻ لائق بڻايو آهي، جنهن لاءِ هن جا پراڻا صوتي ريڪارڊس استعمال ڪيا ويا آهن. هن طريقي سان جيمي جي آواز جي 30 ڪلاڪن جي رڪارڊنگ کي هڪ آرٽيفيشل ٽيڪنالاجي واري اوزار ۾ رڪارڊ ڪيو ويو آهي، جيڪو لفظن کي الڳ ڪرڻ، مريض جي ڳالهائڻ جي انداز ۽ ان جي لهجي کي پڙهڻ جي صلاحيت رکي ٿو. ان ٽيڪنالوجي  جي ئي مدد سان هن صحافي کي نئون آواز مليو آهي. هن طريقي ۾ استعمال ٿيندڙ ٽيڪنالاجي تمام مهانگي آهي ۽ ان ۾ اڃان تحقيق جي گنجائش موجود آهي. هي اوزار مريض جي چپن جي چرپر وائس باڪس مان نڪرندڙ صوتي اثرات ۽ مريض جي رڪارڊ ٿيل گفتگو کي ملائي هڪ نئين آواز ۾ مريض کي الفاظ استعمال ڪرڻ ۾ مدد ڏئي سگهي ٿو.