بلاگنئون

ڀٽائي ۽ ڪتو طالب ڍونڍ جو

ڪتو طالب ڍونڍ جو، اسين ڪتي ڪيڙ

چھٽي آهي چيڙ، ڪارايي جي ڪن ۾

صوفي شاعر جي زبان ۾ ظاهري لفظن جي پٺيان نفس، دنيا، آخرت ۽ انسان جي اصل حقيقت جو نقشو موجود آهي. اسلامي فڪر ۾ اهو بيت انسان کي اهو ٻڌائي ٿو ته روحاني زوال بيروني حملو نه، پر اندروني غفلت جو نتيجو آهي.

نفس بطور “ڪتو” اسلامي نقطهءِ نظر….

قرآن پاڪ فرمائي ٿو: “بيشڪ نفس برائيءَ ڏانهن حڪم ڏيندڙ آهي.” (يوسف: 53)

نفس کي صوفي ۽ حڪمت وارا “ڪتو” ان ڪري سڏين ٿا، ڇاڪاڻ جو اهو هميشه بکيو، خواھشن جو پيروڪار ۽ غفلت جو غلام آهي. نفس انسان جي زندگي جو سڀ کان وڏو دشمن آهي.

حديث ۾ اچي ٿو: “سڀ کان شديد دشمن تنهنجو نفس آهي، جيڪو تنهنجي سيني ۾ آهي” انهيءَ ڪري بيت ۾ “ڪتو” اصل ۾ نفس اماره جي علامت آهي. انسان جي حيثيت: “ڪيڙ” نفس جي غلاميءَ ۾. بيت جو ٻيو مصرعو انسان کي آئينو ڏيکاري ٿو: “اسان انهن ڪيڙن وانگر آهيون، جيڪي نفس جي ڪن ۾ لڳل چيڙ وانگر جيئندا آهيون.”

قرآن پاڪ ۾ ارشاد آهي: “جنھن پنھنجي نفس پاڪ ڪيو اھو ڪامياب ٿي ويو.” (الشمس 9)

انسان جڏهن: خواهشن جو غلام، حرص جو تابع، ۽ غلط رستن جو پيروڪار ٿي وڃي ته پوءِ نفس جي ڪن ۾ لڳل ڪيڙو بڻجي وڃي ٿو. يعني انسان پنهنجي ئي تباهيءَ جو ذريعو پاڻ آهي. دنيا جون لذتون بطور “چيڙ” قرآن جو فڪر.

چيڙ ڪتي جي ڪن ۾ لڳي: رت چوسي ٿي، درد پيدا ڪري ٿي، پر پاڻ به بيماريءَ جو حصو بڻجي ٿي.

قرآن پاڪ ۾ فرمان آهي: “دنيا جي زندگي رڳو زينت، فريب ۽ آزمائش آهي.” (الحديد: 20)

مال، اقتدار، شهرت، لذت اهي سڀ “چيڙ” آهن جيڪي انسان جي روح مان امن، ايمان ۽ ارادو چوسي وٺن ٿا.

بيت جو اسلامي پيغام: پاڻ کي وسارڻ تباهي آهي…

بيت جو عنواني مفھوم اهو آهي: “انسان پنهنجي نفس جو غلام بڻجي پنهنجي عزت وڃائي ويٺو آهي، ۽ دنيا جا فريب سندس باطن ۾ ڏک ۽ بيماري بڻجي چنبڙي پيا آهن.”

اسلام جو فلسفو ان جي درستگي پيش ڪري ٿو: نفس سان جهاد، سڀ کان وڏو جهاد ڄاڻايو ويو آهي، خواهشن جي سرڪشيءَ تي قابو دنيا سان دل نه، پر هٿ رکڻ.

نفس جي تربيت جو علاج: حضور ﷺ فرمايو:  “حقيقي مجاهد اهو آهي، جيڪو پنهنجي نفس سان جهاد ڪري.” (ترمذي). ٻي جاءِ تي اچي ٿو: “مؤمن اھو آهي جيڪو پنهنجي خواهش کي الله جي حڪم جي تابع ڪري.” يعني: نفس کي ڪتو سمجهي زنجير ۾ ٻڌ، دنيا جي چيڙن کي لاهڻ جي حڪمن تي عمل ڪر، ۽ روح کي پاڪ ڪري آخرت جي اڳڀرائي حاصل ڪر. مضمون جو سماجي پيغام هاريندڙ قومون انهن جون آهن جيڪي نفس جون قيدي آهن.

اڄ جو انسان: دولت پرستي ۾، طاقت جي جنگ ۾، شهرت ۽ ڊجيٽل دنيا جي لذت ۾، چيڙ جيان چنبڙي پيو آهي. نفس جو ڪتو سڀني ادارن، قومن، معاشرن کي ڇڪي رهيو آهي ۽ انسان انهن جي ڪنن ۾ لڳل “چيڙا” پنهنجي هٿن سان پاليندو پيو وڃي.

اسلامي فڪر جو حل: تزڪيه، توبهه ۽ احتساب.

قرآن چوي ٿو: “نجات انهن لاءِ آهي، جيڪي پنهنجي دل کي پاڪ ڪن ٿا.”

تزڪيه نفس: حرام کان پرهيز، زهد ۽ بي رغبتي، اخلاص، عاجزي، مراقبو ۽ احتساب اهو ئي نفس جي ڪتي کي ماري روح جي ڪنن مان دنيا جا چيڙ لاهڻ جو طريقو آهي. هن سڄي بحث مان اهو نتيجو نڪري ٿو ته هي بيت اصل ۾ هڪ زوردار فتويٰ آهي. نفس تنهنجو ڪتو آهي. ان کي ڪنٽرول ڪر. دنيا تنهنجي ڪن جو چيڙ آهي. ان کي لاتعلقيءَ سان لاهي. تون پاڻ کي ڪيڙو نه بڻائي بلڪه الله جو خليفو بڻجي ڏيکار. اسلام انسان کي عزت ٿو ڏئي، پر شرط اهو آهي ته هو نفس جي غلامي ڇڏي، رب جي بندگي اختيار ڪري. هي بيت انسان کي اهو ئي ياد ڏياريندو رهي ٿو ته جيڪڏهن تون نفس کي ڪتو نه سمجهندين ته هڪ ڏينهن اهو توکي چٻاڙي تنهنجا هڏا کائي ويندو.