بلاگنئون

مغربي سامراج جو نئون بيٺڪيتي نظام ۽ ڀارت سان ڳجهي ڳٺ جوڙ!

گذريل هڪ سال کان دنيا جي ڪيترن ئي پرڳڻن ۾ مغربي مداخلتون تمام گهڻيون وڌي چڪيون آهن. لاطيني آمريڪا، آفريقا ۽ ايشيا جا ڪيترائي اهڙا واقعا ٿيا آهن، جن ۾ آمريڪا ۽ سندس اتحادين جي مداخلتن جو وڏو هٿ رهيو آهي ۽ اهي اهڙيون مداخلتون آهن جن جي وسيلي جمهوري حڪومتن جو خاتمو ڪيو ويو. عوامي تحريڪن کي هٿيارن جي ڏاڍ تي دٻايو ويو ۽ پنهنجي مرضي جا نظام مڙهيائون ۽ جتي به آمريڪي سامراج کي معمولي به خطرو ڏسڻ آيو ته اهو ملڪ سوويت يونين جي ويجهو وڃي سگهي ٿو ته هن فورن عملي قدم کنيا ۽ مداخلت ڪئي. جيڪڏهن اوهان گذريل 80 سالن جي تاريخ ڏسو ته آمريڪا اٽڪل هر کنڊ ۾ ڪنهن نه ڪنهن شڪل ۾ سياسي يا فوجي مداخلت ضرور ڪئي آهي. لاطيني آمريڪا کان وٺي ڪري آفريقا تائين، ڏکڻ اوڀر ايشيا کان وٺي وچ ايشيا تائين هر هنڌ آمريڪي اثر ۽ طاقت جا نشان صاف ڏيک ڏين ٿا. ويٽنام ۾ جنگ ڪيائين، ڪوريا جون رياستون ورهايائين، انڊونيشيا ۾ ڪيترائي وڏا ڳجها آپريشن ڪيا ويا ۽ پاڪستان ۾ ڏهاڪن تائين سياسي مداخلت جاري رهي، پر انهن سمورن مثالن ۾ هڪ ملڪ اهڙو آهي، جيڪو سڀ کان چٽي نموني ان لسٽ کان آجو آهي يعني ڀارت. اهو اهڙو نقطو آهي ته جنهن تي خاص ڌيان ڏيڻ جي ضروررت آهي۔

دنيا جي اٽڪل هر وڏي ملڪ ۾ آمريڪا هرهڪ حڪومت جي تبديلي جا ڳجها آپريشن ڪيا، پر حيرت آهي ته ڀارت ۾ اهڙي ڪنهن به قسم جي مداخلت نه ٿي. جيڪڏهن ڀارت واقعي سرد جنگ جي دور ۾ سوويت يونين جي ويجهو هو. جيڪڏهن هو سوشلسٽ بلاڪ ڏانهن جهڪاءُ رکندو هو ته منطقي طور تي آمريڪا کي اتي به مداخلت ڪرڻ گهربي هئي، پر ائين نه ٿيو، جيڪو نهايت خاص سوال آهي ته ائين ڇو نه ٿيو؟ ڇاڪاڻ ته ڀارت ڪو ننڍڙو ملڪ ناهي، هڪ ارب کان وڌيڪ آبادي، مضبوط جاگرافيائي حيثيت، قدرتي وسيلا ۽ خطي جي سياست ۾ مرڪزي ڪردار رکڻ وارو ملڪ آهي. جيڪڏهن آمريڪا سوويت اثر کي ڪمزور ڪرڻ جي لاءِ انڊونيشا ۾ لکين ڪميونسٽن جو قتل ڪرائي سگهي ٿو. ڪوريا ۽ ويٽنام ۾ سڌي جنگ ڪري سگهي ٿو ته ڀارت ان جو هڪ قدرتي نشانو هئڻ گهرجي ها. پوءِ ائين ڇو آهي ته آمريڪا ڀارت ۾ ڪڏهن ڪنهن حڪومت کي ڪيرائڻ جي ڪوشش نه ڪئي؟ جيستائين منهنجو اندازو آهي ته ڀارت ڪڏهن به مغرب کان الڳ ناهي رهيو. ظاهر ۾ هو غيرجانبدار يا “غير لاڳاپيل” ڏيک ڏيندو آهي، پر هن جو اندريون ڍانچو، اشرافيه، تعليمي نظام ۽ بيورو ڪريسي شروع کان ئي مغربي اثر جي تحت هئي. اهو ئي طبقو هو جنهن برطانوي دور ۾ اقتدار جي تربيت حاصل ڪئي ۽ آزادي کانپوءِ ساڳئي مغربي نظريي کي اختيار ڪيو. مغرب کي ڀارت کان خطرو ان ڪري محسوس نه ٿيو ته انهن جو سدائين کان پاڻ ۾ هڪ اندروني تعلق رهيو آهي.

سوويت يونين ۽ چين جي وچ ۾ ڀت بيهارڻ ۾ ڀارت جو هٿ هو ۽ ڀارت سدائين هوشياري سان مغرب جي مفادن جو تحفظ ڪيو آهي. اهوئي سبب آهي جو آمريڪا کي ڀارت ۾ ڪڏهن مداخلت جي ضرورت نه پئي. اتي اڳ ئي اهو طبقو موجود هو، جيڪو مغرب جي مفادن جي مطابق سوچيندو ۽ عمل ڪندو رهيو آهي. سوويت جي وکرڻ کانپوءِ ته ڀارت جو سياسي نقطهءِ نظر پرڏيهي پاليسي ۽ معاشي پاسو مغرب سان ئي ڳنڍجي چڪو آهي، پر اڄ به جيڪڏهن ڏٺو وڃي ته ڀارت برڪس ۽ شنگهائي تعاون جي تنظيم ۾ هوندي به چين ۽ روس سان غداري ڪندي آمريڪي مفادن جو تحفظ ڪندي نظر اچي ٿو.