بلاگنئون

ڏهن ورهين جي معصوم سوداگر مقدر علي جي درد ڀري حقيقت!

شام جا پاڇا ڊگها ٿي رهيا هئا رات پنهنجا، پر کولي قدرت جي فطرت کي ڍڪي رهي هئي، روڊ جي ڪنڊ تي ٻٻر، هوٽل جي اڳيان سورج مکيءَ جا ٻج وڪڻندڙ ڏهن ورهين جو معصوم ٻار بيٺو هو. آئون ۽ منهنجو دوست ابراهيم لاشاري ماتلي جي باءِ باس ٻٻرن واري هوٽل تي ويٺا هئاسين. هن معصوم تي نظر پئي جنهن جي چهري تي معصوميت ۽ اداسي جي دز ڇانيل هئي، هن جو ميرانجهڙو بدن، ڦاٽل ڪپڙا ۽ اکيون اهڙيون ڄڻ ڪنهن اڻ ڏٺي اميد جي راهه ۾ بيٺل هجن. سندس نالو ته مقدر هو، پر سندس زندگي جو مقدر ستمگري جي عالم ۾ ڦاٿل نظر ٿي آيو.

هو هٿ ۾ ڊالڊا جي هڪ پُراڻي ٿيلهي جهلي، جهيڻي آواز ۾ ماڻهن کي سڏيندو پئي ويو: “چاچا ٻج وٺو، ڏاڍا سٺا آهن، کائڻ ۾ مزو ايندو…”

اهو جملو هن جي روزيءَ جي اميد به هو ۽ زندگيءَ جي مجبوريءَ جو اظهار به. مون جڏهن هن جي پاسي ۾ بيهي ڏٺو ته هن جي لهجي ۾ اها سادگي هئي، جيڪا صرف انهن ٻارن جي حصي ۾ ايندي آهي، جن وٽ خواب ته آهن، پر وسيلن جي کوٽ سبب انهن کي ڏسڻ جي همت به نٿي ٿئي. مون هن کي سڏي ڀر ۾ ويهاريو ۽ مون پڇيو، “پٽ، تنهنجو پيءُ ڇا ڪندو آهي؟” مقدر ڪنڌ هيٺ ڪري ڇڏيو ڪجهه گهڙيون، ڪجھ پل خاموشي جي عالم ۾ گم ٿي ويو، ڄڻ هن جي ذهن ۾ ڪو زلزلو برپا ٿي رهيو هجي. وجود ڪنبڻ لڳو هئس. منهنجي انهيءَ سوال هن کي جهوري وڌو هو شايد!

محسوس ڪيم! جڏهن ڪنڌ مٿي کنيائين ته سندس اکڙين جي پنبڙين ۾ لڙڪ اٽڪيل نظر آيا جيڪي ڳلن تان گيسيون پائي ڊالڊا جي ٿيلهي مٿان ٽپڪي ڪريا. پوءِ اکين ۾ هڪ اوچتو اندر جي اڌمن مان ٺري ويل دک جي ڇنڊ ظاهر اچڻ لڳي. آهستي آهستي چيائين، “بابا ست سال اڳ ٻي شادي ڪئي ۽ اسان کي گهر مان ڪڍي ڇڏيو…”

معصوم مقدر جا اهي لفظ ڏکڻ جي ٿڌڙي هوا ۾ به سرءُ جي مند وارو جهولو بڻجي اندر کي چيرڻ لڳا هئا. سچ ته منهنجا سمورا خيال ۽ سوچون ڪلراٺي ڀت جيان ڀرڻ ۽ ڊهڻ لڳا. اکڙين به روئي ڏنو هو. مون پڇيو، “تنهنجي ماءُ ڪٿي آهي؟”

سندس آواز ۾ هڪ بي آواز رڙ هئي، چيائين “هوءَ هڪ سال اڳ گذاري وئي آهي.” انهن لفظن ۾ معصوميت نه، پر زندگيءَ جي بي درديءَ جي شاهدي هئي. هن جو چهرو اداسيءَ سان ڀريل هو، پر ان اداسيءَ ۾ هڪ عجيب قسم جي دانائي به هئي. ائين لڳو ڄڻ زندگيءَ جي تلخيءَ هن کي پنهنجن همعصر ٻارن کان ڏهه ورهيه اڳتي وڌائي ڇڏيو هجي.

پڇيم، “ڀائر ڀينر ڪيترا آهيو؟”

وراڻيائين، “اسين ٻه ڀائر آهيون ۽ ٽي ڀيڻون آهن. ٻن ڀيڻن جي شادي ٿي وئي آهي، هڪ ننڍڙي آهي. مون کان وڏو ڀاءُ به ٻج کپائي ٿو. اسان وٽ پنهنجو گهر ناهي. ماسي جي گهر ۾ رهون ٿا. هوءَ اسان کي ٻج ڏيندي آهي، وڪڻي پئسا اچي هٿ ۾ ڏيندا آهيون ۽ پوءِ اسان کي ڪڏهن پنجاهه رپيا ڏيندي آهي ته ڪڏهن خالي هٿين موٽائي ڇڏيندي آهي, ماني رڳو رات جو ڏيندي آهي. ڏينهن جو چوندي آهي، ٻج کپائي پوءِ اچجو۔”

هن جو بيان هڪ اهڙي غلاميءَ جو اعتراف هو، جنهن جو ڪو قانوني نالو ڪونهي، پر جيڪا روز هن ڌرتيءَ تي هزارين ٻارن جي زندگين کي ڪنهن انڌيرن جي اونداهين کاهين ۾ ڌڪي رهي آهي.

مقدر ٻڌائي رهيو هو، “ماسي تلاشي به وٺندي آهي، متان پئسا اسان لڪايا ته ناهن. ڪڏهن ٻج بچي پيو ته ڏاڍو ماريندي آهي. چوي ٿي، ٻج کپائي پوءِ ايندا ڪيو، ڀلي رات ٿي وڃي۔” جيستائين ٻج کپجي نٿو تيستائين گهر نه ايندا ڪيو. بس افسوس هي يتيم ٻار آهن، جن کان پنهنجو مفاد حاصل ڪرڻ لاءِ سندن ماسي عجيب حرڪتون ڪري رهي آهي! جيڪڏهن پنهنجو اولاد هجيس ها ته شايد اهڙو جبري پورهيو نه ڪرائي ها. مقدر جي لفظن سان گڏوگڏ منهنجو اندر به ٽٽڻ لڳو هو. مون سوچيو، هي معصوم ٻار، جنهن جي هٿن ۾ ڪتاب هئڻ گهرجن ها، سي سورج مکيءَ جا ٻج کپائڻ ۾ پنهنجون زندگيون برباد ڪري رهيا آهن. مون چيو، “جيڪڏهن تون پنهنجو ٻج پاڻ وٺي وڪڻين ته منافعو وڌندو يا نه؟ چيائين يار مون وٽ پنج سئو رپيا هجن ته آئون پنهنجي ٻج جو ڪاروبار ڪيان ها وڏي معصوميت سان چيائين اهي ته آهن ڪونه. مون چيو ته ٺيڪ آهي اهي  پنج سئو رپيا گهرجن ٿا ته اچي وٺ” وڃي تون پنهنجو ڪاروبار ڪر۔ منهنجي ڀر ۾ ويٺل دوست ابراهيم لاشاري چيو، “ها، هي پنج سئو رپيا وٺ، اڄ کان پنهنجو ٻج پاڻ وڪڻج۔”

اسان ٻنهي دوستن گڏجي مقدر کي پئسا ڏنا. مقدر ٿوري دير تائين پئسا هٿ ۾ جهلي سوچڻ لڳو ۽ ها! پئسن ڏانهن ڏسندو رهيو۔ اکين ۾ خوشيءَ جي ڪا چمڪ نه هئي، بلڪه هڪ گم ٿيل سوچ هئي. پوءِ آهستي پنهنجو هٿ کولي، پئسا واپس رکندي چيائين، “چاچا، ماسي منهنجي روز تلاشي وٺندي آهي، اهي پئسا مون کان کسجي ويندا، منهنجي ڪم جا نه ٿيندا۔ توهان واپس رکو۔” هن جي ان جملي تي پيرن هيٺان زمين نڪري وئي اندر ڦاٽڻ لڳو هو۔ مون چيو، “ته پوءِ انهن مان هوٽل تي ماني کائي ڇڏجان۔” اها ڳالھ هن مڃي ورتي چيائين ٺيڪ آهي!

هن سئو جا ٻه نوٽ کيسي ۾ وجهي، باقي ٽي سئو واپس ڪيا۔ چيائين، “سئو جي دال وٺندس، 40 جون ٻه مانيون ۽ 60 جي چانهه جو ڪٽ. ايترو ئي ڪافي آهي، باقي توهان رکجو۔”

مون موبائل ڪڍي چيو، “پٽ، تنهنجو فوٽو ڪڍان؟”

هن جي چهري تي اوچتو اداسي جا پهاڙ ڪري پيا هڪدم ٿيلهي منهن تي آڻي چيائين، “چاچا، نه! منهنجو فوٽو نه ڪڍجو۔ اڳ به ڪنهن ڪڍي فيس بُڪ تي وڌو، ماسي ڏسي ورتو، مون کي ايترو ماريو جو ساهه نڪري ويو هو۔” چيائين مونکي بدنام ٿا ڪيو. تنهن ڪري ڏاڍي مار ڪڍيائين، هو ڏاڍو خوف ۾ ورتل هو.

مون چيو، “ٺيڪ آهي بابا، تنهنجي تصوير نٿو ڪڍان.”

هن جي منهن تي اداس ۽ ڦڪي مرڪ تري آئي. اها مرڪ جيڪا سڄي سماج جي شرمندگيءَ تي طمانچو لڳائي ٿي.

هي ننڍڙو ٻار فقط هڪ ٻار نه، پر سماج جي بي حسيءَ جو زنده استعارو هو.

هن جي معصوم لهجي ۾ سوال اڀري اچن ٿا: ڪٿي آهن اهي قانون، جيڪي ٻارن کي جبري مزدوريءَ کان بچائڻ جا دعويدار آهن؟ ڪٿي آهي اها حڪومت، جيڪا انهن ننڍڙن هٿن مان ٿيلها کسي، ڪتاب ڏيڻ جو واعدو ڪري ٿي؟

مقدر جهڙا هزارين ٻار، سنڌ جي رستن، بازارن ۽ چوراهن تي روز انسانيت جي عدالت ۾ خاموش گواهي ڏئي رهيا آهن ته اسان جو سماج ظالم آهي، اسان جو نظام بيوس آهي، ۽ اسان جي خاموشي جرم بڻجي چڪي آهي. مقدر درس جو ننڍڙو وجود هڪ وڏي صدا کي چٽي ٿو. اها ئي صدا جيڪا اسان گھڻو ڪري ٻڌڻ کان انڪار ڪندا آهيون. هن معصوم ٻار جو چهرو، سندس اکيون، سندس سادگي اهي سڀ منهنجي دل تي اهڙي طرح اثر ڇڏيو جو منهنجو آواز ساڳئي دٻيل سوال سان ڀريل رهجي ويو، اسان جو سماج ڪٿي وڃي بيٺو آهي؟ اسان جي روحن جا پاسبان ڪٿان لاٿا ويا. مقدر جي معصوميت ۾ هڪ اهڙي قسم جي سچائي هئي جيڪا پڙهڻ ۽ ٻڌڻ کان وڌيڪ ڏسڻ سان ئي دل تي گهاءَ ڪرڻ لڳي. جڏهن هن پنهنجو ننڍڙو جسم هڪ ڊالڊا جي ٿيلهيءَ جي پورهئي سان جھڪائي وڌو هو، تڏهن مون کي محسوس ٿيو ته هتي فقط هڪ ٻار نه، هتي هڪ سڄي معاشري جي بيزاريءَ جي تصوير سامهون بيٺي آهي. سندس اکين ۾ نه فقط پنهنجي والد جو گم ٿيڻ يا ماءُ جي وڇوڙي جو غم هو، پر هر روز جي مجبوري، هر رات جي اڻ مٽيل فرعونيت، هر ڏينهن ۾ ٻج لازمي کپائڻ جي ذميداري، سڀني گڏيل پيڙائن هن جي اندر ۾ قيامت مچائي ڇڏي هئي.

هن جون ڳالهيون هڪ اهڙي زبان جي طاقت آهن جنهن ۾ سماج جي بي انصافي ۽ ڏاڍايون ظاهر ڪري رهي هئي. مقدر جي هن قصي ۾ اسان جي معاشري جا ڪيترائي رخ لڪيل آهن: عورتن جي بي روزگاري، غريبن جي بي وسي، ٻارن جو جبري پورهيو ۽ هڪ اهڙو نظام جيڪو ظالم جي حق ۾ ۽ مظلوم جي خلاف ڪم ڪندو آهي. جڏهن هڪ ٻار اسڪول ۾ پڙهڻ بدران ٻج کپائي رهيو هوندو، جڏهن سندس ننڍڙا هٿ مڪتب جي بجاءِ رستن جي ڌوڙ سان سينگاريل هجن، تڏهن اهو صرف مقدر جو نقصان نه آهي، اهو اسان  جي سڄي معاشري جو نقصان آهي. مقدر جون اکيون جڏهن مون کي تڪڻ لڳيون تڏهن منهنجي اندر ۾ ڪيئي سوال اڀري آيا، ڇا انهيءَ سماج ۾ ڪو قانون آهي جيڪو اهڙن ٻارن کي بچائي؟ ڇا ڪنهن اداري جا نور رهنما اڃان تائين نديم آهن؟ ڇا اسان جون اعلان ٿيل انسانيتون صرف چئن لفظن ۾ لکجي رکيون ويون آهن.

مقدر کي ماسي ماريندي به آهي۔ انهيءَ جملي جو وزن سراسر مذهبي، عدالتي ۽ انساني قانون جو امتحان آهي، جتي هڪ معصوم زندگيءَ کي روزي جي خاطر هر روز هيٺئين درجي تي رکيو وڃي، اتي انصاف عوامي نعرو بڻجي ويندو آهي، پر حقيقت ۾ اها فقط ديوار تي لکيل شعر هوندو آهي.

اسان جي سماج ۾ ايتري سختيءَ سان ڇڪتاڻ آهي جو ٻارن جي دماغ ۽ دلين کي احساس ڪمتري جي ڌٻڻ ۾ ڦاسائي ڇڏيو آهي. مقدر جو اهو سادو فيصلو پئسا واپس ڪرڻ، ڇو ته ماسي وٺي ويندي. ان ۾ وڏي همت، جرئت، غيرت نظر آئي ۽ ها…؟ خبر ناهي ته ڪيتري ٽٽي ويل اميد آهي هن جي من ۾، پر هن جي انهن لفظن ۾ هڪ انديشو به گهرو هو، “اهي پئسا منهنجي ڪم جا نه ٿيندا.” انهيءَ جملي منهنجي   احساسن کي زخمي ڪري وڌو هو.

اسان جي هن معاشري ۾ پيٽ بکايل ٻچا، اداس چهرا، پياسا ۽ ليڙون ليڙون ٿيل لٽا آهن. اسان جي شهري توڙي ٻهراڙي جي معاشري ۾ هزارين مقدر لڪل آهن، جيڪي جيون جي شروعات ۾ ئي هر اميد کان محروم ٿي پون ٿا. انهن جي ڪهاڻين ۾ ڪو سرڪاري وڙائو ناهي، ڪو شهري همدرد ناهي، بس هڪ ٿيلهي، هڪ اداس چهرو ۽ رات جي مانيءَ لاءِ هڪ ئي اميد آهي.

اسان کي هاڻي فقط احساس ڪرڻ کان اڳتي وڌي عمل ڪرڻو پوندو. پئسا ڏيڻ، ناشتو ڏيڻ، مدد ڪرڻ عظيم قدم آهن، پر گڏوگڏ اسان کي انهن بنيادي سببن کي به وسعت سان ڏسڻو پوندو، جن انهن ٻارن کي اهڙي حالت ۾ آندو. غربت، بيروزگاري، اڻ پڙھائي ۽ سماجي تحفظ جي نظام جي کوٽ. جيستائين اسان اُن نظام کي تبديل نه ڪنداسين، مقدر جهڙا معصوم ٻار اسان جي روڊن تي ايئن ئي ڌڪا کائيندي نظر ايندا.

هي ڪهاڻي صرف مقدر جي نه، پر اسان جي سڄي معاشري جي ڪهاڻي آهي. هر دفعي جڏهن اسان ڪنهن ٻار جي اکين ۾ اٿندڙ درد کي ڏسندي پنهنجو رخ ٻئي طرف موڙيون ٿا، اسان هڪ ننڍڙي انسان کي پنهنجي حق کان محروم ڪيون ٿا. اها سراسر انسانيت سان ويساھ گهاتي آهي. مقدر جو آواز اسان کي پڪار ڪري ٿو: “اسان کي به انسان سمجهو.” اهو سادو مگر گهرو مطالبو آهي، انهن والدين کان جيڪي ٻارن کي پيدا ته ڪن ٿا، پر انهن جي ذميداري کڻڻ کان انڪار ڪري انهن کي رستن تي ڀٽڪڻ لاءِ ڇڏي ڏين ٿا.

آخر ۾، مقدر جي ننڍڙي آواز کي پنهنجو آواز بڻايون. سندس سادگي ۽ مظلوميءَ واري هڏ کي اسان جي شهري ضمير جا مرڪز ٿيڻ ڏيو. جيڪڏهن هڪ ننڍڙي ٻار جي ڪهاڻي اسان جي اکين ۾ لڙڪ آڻي سگهي ٿي ته پوءِ اسان کي اهڙي ڏکن کي روڪڻ جي ذميواري اولين جي بنياد تي فرض سمجهڻ گهرجي؟ مقدر جو هر لفظ اسان کي شاعريءَ کان وڌيڪ سخت سبق سيکاري ٿو، انسانيت کي بچائڻ جو سبق. اها رياست جي به ذميداري آهي ته اهڙن ٻارن جي پيدا ٿيڻ کان اڳ انهن جي والدين کي ذميدار بڻائي ته اهي پنهنجن ٻارن جي ذميداري نڀائيندا. اچو ته انهيءَ سبق تي عمل ڪريون، سچي دل سان، بي لوث طور ڪم ڪيون.