بلاگنئون

فيشن ۽ ماحولياتي گدلاڻ

انسان جتي ٽيڪنالاجيءَ ۾ تيزيءَ سان ترقي ڪري رھيو آھي ان تيزيءَ سان گڏوگڏ فيشن ۾ به نوان نوان رجحان نظر اچي رھيا آھن. نئون ايندڙ فيشن مردن توڙي عورتن، خاص طور تي، نوجوان ڇوڪرن ۽ ڇوڪرين جي لاءِ تمام گھڻي ڪشش جو باعث بڻجي ٿو. وڏن شھرن ۾ ٿيندڙ فيشن شو ۽ اليڪٽرانڪ ميڊيا تي نشر ٿيندڙ پروگرامن ۽ ڊرامن ۾ جتي نت نون لباسن، زيورن، پرسن، جوتن ۽ ميڪ اپ جي سامان وغيرہ جي نمائش ڪئي ويندي آھي، اتي گھڻي اھميت لباس کي ڏني ويندي آھي. ڪجھ ڏھاڪا اڳ تائين فيشن سال ٻن کانپوءِ تبديل ٿيندو نظر ايندو ھو، پر ھاڻي ته اھا ڪجھ ھفتن يا مھينن جي ڳالھ وڃي رھي آھي. لباس ھر انسان جي بنيادي ضرورت ھوندي آھي ۽ خوبصورت نظر اچڻ ھر انسان جو بنيادي حق آهي. ھر انسان جي اھا خواھش ھوندي آھي ته ھو اھڙو لباس پائي جنھن سان تن ڍڪجڻ سان گڏ سندس شخصيت جاذب نظر محسوس ٿئي. لباس جي حوالي سان دنيا ۾ ٽيڪسٽائيل جي صنعت تمام گھڻي اوج تي پھچي چڪي آھي، جتي ھن صنعت لاتعداد انسانن کي روزگار مھيا ڪيو آھي، اتي ھن صنعت جا ماحول تي ھاڃيڪار اثر پئجي رھيا آھن. شروع ۾ ڪپڙو صرف ڪپھه ۽ چمڙي مان تيار ڪيو ويندو ھو، پر 1941 کان ڪپڙي جي تياريءَ ۾ پوليئيسٽر جو استعمال ٿيڻ لڳو. ڪپڙي ۽ چمڙي جي صنعت ۾ پھريان صرف پاڻي، توانائي ۽ مضر صحت رنگن جي استعمال سان ماحولياتي گدلاڻ ۾ اضافو ٿيو جنھن کانپوءِ پوليئيسٽر جي استعمال سان ھن گدلاڻ ۾ تمام گھڻو اضافو ڏسڻ ۾ آيو. ھيج ھاگ جي ويب سائيٽ ۾ ڏنل انگن اکرن مطابق سن 2000 ۾ دنيا ۾ ٽيڪسٽائل جي پيداوار 580 لک ٽن ھئي جيڪا 2020 تائين 1090 ٽن تائين پھچي وئي. ھڪ محتاط اندازي موجب 2030 تائين اھا پيداوار 1540 ٽن تائين پھچڻ جو امڪان آھي. ٽيڪسٽائل جي صنعت ۾ ڪپڙي جي تياري ٽن مرحلن ۾ ٿيندي آھي.

(1) ڪپھه يا پوليئيسٽر جو ڌاڳو تيار ڪرڻ، چمڙي جي صورت ۾ ان جي مڪمل صفائي ڪرڻ. (ب) ڌاڳي کي رڱڻ. (پ) ڪپڙي کي اڻڻ.

ڌاڳي جي تياريءَ کان اڳ ۾ ڪپھه جو فصل پوکڻ ۽ پوليئيسٽر جي تياري ان کان علاوه آھي. جيئن ته ڪپھه تمام نازڪ فصل آھي ان ڪري ان تي بيمارين ۽ جيتن جو حملو اڪثر ڪري ٿيندو آھي جنھن کان بچاءُ لاءِ جيت مار دوائن جو اسپري ڪيو ويندو آھي. اهي جيت مار دوائون انسان لاءِ تمام ھاڃيڪار ھونديون آھن. دوائن جي اسپري کانپوءِ جڏھن فصل کي پاڻي ڏنو ويندو آهي ته اھي خطرناڪ دوائون جر ۾ موجود پاڻيءَ ۾ شامل ٿي وينديون آھن. پوليئيسٽر جي تياري ٽيرف ٿيلڪ ايسڊ ۽ مونو ايٿائيلين گلائڪول سان ڪئي ويندي آھي جيڪي معدني تيل مان حاصل ڪيا ويندا آھن، جن جي تياريءَ دوران گرين ھائوس گئسن جو اخراج ٿيندو آھي جيڪي ماحول ۾ گرمي پد وڌڻ جو باعث بڻجنديون آھن. پوليئيسٽر جي استعمال دوران مائيڪرو فائيبر دريائن، واھن، سمنڊن ۽ زرعي زمينن ۾ شامل ٿي زميني ۽ آبي جيوت لاءِ نقصان جو سبب بڻجن ٿا. ماھرن، مائيڪرو فائيبر جو ڪاٿو 5 لک ٽن ساليانو لڳايو آھي. “بزنس انسائيڊر” جي ھڪ تحقيق مطابق، دنيا ۾ پيدا ٿيندڙ گرين ھائوس گئسن جو 10 سيڪڙو ٽيڪسٽائل جي صنعت مان خارج ٿئي ٿو. “يونائيٽيڊ نيشن اڪنامڪ ڪميٽي فار يورپ” مطابق ھڪ ڪاٽن شرٽ ٺاھڻ جي سڄي عمل (ڪپھ جي پيداوار کان شرٽ جي مڪمل تياري) دوران 2700 لٽر پاڻيءَ جو استعمال ٿيندو آھي، جيڪو ھڪ انسان جي پيئڻ لاءِ اڍائي سالن لاءِ ڪافي آهي. دنيا ۾ ٽيڪسٽائل جي صنعت جي نتيجي ۾ ساليانو 21 ارب ٽن ڪچرو پيدا ٿئي ٿو. يورپي ڪميشن جي ھڪ تحقيق مطابق ھڪ ڪلو گرام چمڙي کي رنگ ڏيڻ ۾ 2.5 ڪلو گرام ڪيميائي مادا ۽ 250 ليٽر پاڻي استعمال ٿئي ٿو ۽ 6.1 ڪلو گرام تائين سخت فضلو پيدا ٿئي ٿو جيڪو نه صرف ماحولياتي گدلاڻ ۾ اضافي جو باعث بڻجي ٿو ان سان گڏ انسانن ۾ ڪينسر جھڙن خطرناڪ بيمارين جو سبب بڻجي ٿو. دنيا ۾ وڌندڙ فيشن جي رجحان، ھڪ نئين اصطلاح کي جنم ڏنو آهي جنھن کي “فاسٽ فيشن” چيو وڃي ٿو. ٿئي ائين ٿو جو جڏھن فيشن سان وابسته ڪو وڏو برانڊ مارڪيٽ ۾ پنھنجي نئين ڊزائين متعارف ڪرائي ٿو ته اھو تمام ڳري اگھه تي مارڪيٽ ۾ وڪرو ٿئي ٿو. ان جو فائدو وٺندي ننڍيون ڪاروباري ڪمپنيون ان ساڳي ڊزائين کي غير معياري مٽيريل مان تيار ڪري، مارڪيٽ ۾ سستي اگهه تي وڪرو ڪن ٿيون. نتيجي ۾ وڏا برانڊ ھڪدم پنھنجون اھي ڊزائينون تبديل ڪري نوان فيشن مارڪيٽ ۾ متعارف ڪرائين ٿا، ائين ڪرڻ سان فيشن تبديل ٿيڻ ۾ تيزي اچي ٿي.

پاڪستان ۾ جيئن ته فيشن سان لاڳاپيل صنعتون ھزارن جي تعداد ۾ موجود آھن جن ۾ تمام وڏين صنعتن سان گڏ گھرو پيماني تي ھلندڙ صنعتون شامل آھن، ان ڪري حڪومت کي ھن ڏس ۾ تمام گھڻي ۽ سخت قانون سازي ڪرڻ جي ضرورت آھي، جيئن انھن صنعتن سان پيدا ٿيندڙ ماحولياتي گدلاڻ تي قابو ڪري سگهجي.