انسان جتي ٽيڪنالاجيءَ ۾ تيزيءَ سان ترقي ڪري رھيو آھي ان تيزيءَ سان گڏوگڏ فيشن ۾ به نوان نوان رجحان نظر اچي رھيا آھن. نئون ايندڙ فيشن مردن توڙي عورتن، خاص طور تي، نوجوان ڇوڪرن ۽ ڇوڪرين جي لاءِ تمام گھڻي ڪشش جو باعث بڻجي ٿو. وڏن شھرن ۾ ٿيندڙ فيشن شو ۽ اليڪٽرانڪ ميڊيا تي نشر ٿيندڙ پروگرامن ۽ ڊرامن ۾ جتي نت نون لباسن، زيورن، پرسن، جوتن ۽ ميڪ اپ جي سامان وغيرہ جي نمائش ڪئي ويندي آھي، اتي گھڻي اھميت لباس کي ڏني ويندي آھي. ڪجھ ڏھاڪا اڳ تائين فيشن سال ٻن کانپوءِ تبديل ٿيندو نظر ايندو ھو، پر ھاڻي ته اھا ڪجھ ھفتن يا مھينن جي ڳالھ وڃي رھي آھي. لباس ھر انسان جي بنيادي ضرورت ھوندي آھي ۽ خوبصورت نظر اچڻ ھر انسان جو بنيادي حق آهي. ھر انسان جي اھا خواھش ھوندي آھي ته ھو اھڙو لباس پائي جنھن سان تن ڍڪجڻ سان گڏ سندس شخصيت جاذب نظر محسوس ٿئي. لباس جي حوالي سان دنيا ۾ ٽيڪسٽائيل جي صنعت تمام گھڻي اوج تي پھچي چڪي آھي، جتي ھن صنعت لاتعداد انسانن کي روزگار مھيا ڪيو آھي، اتي ھن صنعت جا ماحول تي ھاڃيڪار اثر پئجي رھيا آھن. شروع ۾ ڪپڙو صرف ڪپھه ۽ چمڙي مان تيار ڪيو ويندو ھو، پر 1941 کان ڪپڙي جي تياريءَ ۾ پوليئيسٽر جو استعمال ٿيڻ لڳو. ڪپڙي ۽ چمڙي جي صنعت ۾ پھريان صرف پاڻي، توانائي ۽ مضر صحت رنگن جي استعمال سان ماحولياتي گدلاڻ ۾ اضافو ٿيو جنھن کانپوءِ پوليئيسٽر جي استعمال سان ھن گدلاڻ ۾ تمام گھڻو اضافو ڏسڻ ۾ آيو. ھيج ھاگ جي ويب سائيٽ ۾ ڏنل انگن اکرن مطابق سن 2000 ۾ دنيا ۾ ٽيڪسٽائل جي پيداوار 580 لک ٽن ھئي جيڪا 2020 تائين 1090 ٽن تائين پھچي وئي. ھڪ محتاط اندازي موجب 2030 تائين اھا پيداوار 1540 ٽن تائين پھچڻ جو امڪان آھي. ٽيڪسٽائل جي صنعت ۾ ڪپڙي جي تياري ٽن مرحلن ۾ ٿيندي آھي.