مهانگائي جو جن بي قابو ۽ نگران حڪومت جي وقت اندر اليڪشن ڪرائڻ ۾ عدم دلچسپي
14 آگسٽ 2023 تي ٺهندڙ نگران حڪومت جيڪا بظاهر ته اڳوڻي وزيراعظم ميان شهباز شريف ۽ ليڊر آف اپوزيشن راجا رياض جي مشوري سان ٺهي آهي. ان ۾ هاڻي ڪوبه شڪ نه رهيو آهي ته هيءَ نگران حڪومت پي ڊي ايم ۽ ان جي اتحادين ۽ ليڊر آف اپوزيشن جي مشوري سان بلڪل نه ٺهي آهي، پر اصل طاقتوارا جيڪي حڪومتون ٺهرائيندا ۽ ڊهرائيندا آهن، انهن ئي ٺهرائي آهي. هنن ويچارن ته صرف صحيحون ڪري خانه پوري ڪئي آهي. محسوس اهو پيو ٿئي ته هيءَ نگران حڪومت طاقتوارن ٺهرائي هڪ ٻيو ناڪام تجربو ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. هاڻي جڏهن نگران حڪومت وس وارن ٺهرائي آهي ته پوءِ نگران حڪومت جون ترجيحات به انهن جي حڪم مطابق هلنديون. نه ڪو آئين ۽ قانون جي مطابق هونديون. نگران حڪومت جي پوري پوري ڪوشش هوندي ته وسوارن کي خوش ۽ مطمئن رکون. عوام جي ڀلائي سان انهن جو ڪوبه واسطو نه آهي. ان جو واضح مثال عوام جي مٿان پئٽرول بم ۽ بجلي بم ڪيرايو ويو آهي. پاڪستان جو آئين ته واضح چوي ٿو ته اسيمبلي جي مدي ختم ٿيڻ کانپوءِ 60 ڏينهن جي اندر اليڪشن ٿيڻ لازمي آهي. ان کي به ٽيڪنيڪلي 90 ڏينهن تائين وڌايو ويو. اسيمبلي جي مدي پوري ٿيڻ کان صرف 3 ڏينهن پهرين اسيمبلي کي تحليل ڪيو ويو ته جيئن جواز ملي سگهي ته چونڊون 90 ڏينهن ۾ ٿين. ٽيڪنيڪلي گذريل اسيمبلي پنهنجو مدو پورو نه ڪيو، پر وقت کان اڳ تحليل ڪئي وئي. پوءِ ڀلي صرف 3 ڏينهن جيڪا صرف چالاڪي هئي ته اليڪشن جي لاءِ 90 ڏينهن ملي وڃن. پر اليڪشن 90 ڏينهن ۾ ٿيندي نظر نه ٿيون اچن. جيڪڏهن ائين ٿيو ته ملڪ جي آئين سان مذاق هوندو، پر وري به ان لاءِ قانوني جواز ڳوليو ويو آهي، جيئن ته نئين مردم شماري ڪائونسل آف ڪامن انٽريسٽ CCI مان منظور ٿي چڪي آهي، ان ڪري هاڻي پهرين حلقه بندي ٿيندي ۽ پوءِ اليڪشن جي تاريخ ملندي، پر جڏهن صوبن ۾ قومي اسيمبلي جي سيٽن جي ڪابه ڦيرڦار نه پئي ڪئي وڃي ۽ سڀني صوبن ۾ قومي اسيمبلي جون سيٽون 2018 واري اليڪشن واريون آهن ته پوءِ اليڪشن ڪميشن وٽ ڪهڙو جواز آهي ته هو 4 مهينن جو ڊگهو عرصو صرف ان لاءِ وٺي ته صوبي اندر ڪنهن ضلعي ۾ حلقه بندي گهٽ وڌ ڪرڻي آهي، اها سراسر ناانصافي آهي. آگسٽ مهيني ۾ هڪ نئين تبديلي جي شروعات ٿي چڪي آهي. ڏسون ٿا اها تبديلي ملڪ لاءِ فائديمند آهي يا هاڃيڪار؟ 5 آگسٽ تي PTI چيئرمين کي سزا ٻڌائي وئي آهي ۽ هو هن وقت جيل ۾ آهي ۽ اسلام آباد هاءِ ڪورٽ سندس سزا کي معطل ڪري ڇڏيو آهي، پر هو وري سائفر ڪيس ۾ جيل جي اندر آهي ۽ سندس ڪيس جي ٻڌڻي به جيل اندر ٿي آهي. ڇو ته سائفر ڪيس ۽ 9 مئي جي ڪيسن ۾ ان کان تفتيش ٿيڻي آهي. اٽارني جنرل سپريم ڪورٽ ۾ جيڪو بيان ڏنو آهي. ان سان ته ائين ٿو لڳي ته سواءِ ايئرڪنڊيشن جي چيئرمين پي ٽي آئي وٽ جيل ۾ سڀ سهولتون آهن. کاڌو به ديسي گيهه ۾ پچي تيار ٿئي پيو. خدا ڪري پاڪستان جي هر سزا يافته قيدي کي اهڙيون سهولتون ۽ اهڙو کاڌو مهيا ٿي سگهي. اها هڪ ٻي ڪهاڻي آهي. پنهنجو بحث اهو ناهي، پر اليڪشن ٽائيم تي نه ٿيڻ جو هڪ جواز اهو به آهي ته PTI چيئرمين کي جيستائين هڪ پاسي نه ٿو ڪجي، ان وقت تائين اليڪشن ۾ نه وڃجي. جنهن جي منظوري نواز شريف پڻ ڏئي چڪو آهي. ائين محسوس ٿئي ٿو ته طاقت وارا ۽ نون ليگ سمجهي ٿي ته پنجاب ۽ ڪي پي ڪي ۾ اڄ به فيئر اليڪشن ٿيون ته ٿي سگهي ٿو، پي ٽي آئي وڌيڪ سيٽون کڻي وڃي. آگسٽ ۾ پي ڊي ايم حڪومت مدو پورو ڪري ملڪ جون واڳون نگران حڪومت جي حوالي ڪري چڪي آهي. سيپٽمبر ۾ نواز شريف جي اچڻ جو امڪان ختم ٿي چڪو آهي. هاڻي خبرون آهن ته هو آڪٽوبر جي وچ ڌاري پاڪستان ايندو، پر انهيءَ ۾ به شڪ آهي، ڇو ته ميان صاحب پاڻ اهڙو ڪوبه بيان نه ڏنو آهي. سيپٽمبر ۾ نئون چيف جسٽس آف پاڪستان جنهن جو نوٽيفڪيشن ٻه مهينا پهرين نڪري چڪو آهي. اهو ڪرسي سنڀاليندو. نئين چيف جسٽس لاءِ پڻ وقت تي چونڊون نه ڪرائڻ هڪ امتحان هوندو. وقت ئي ٻڌائيندو ته هو ان وقت ڪهڙو فيصلو ڪري ٿو. بظاهر ته سندس ماضي شاندار آهي ۽ هو قانون ۽ آئين کان ٻاهر وڃڻ جو سوچي نه ٿو سگهي، هن جو هر فيصلو By the Book هوندو آهي، پر اهو فيصلو به آڪٽوبر تائين ٿي ويندو ته اليڪشن جي حوالي سان ڪهڙو فيصلو ڪري ٿو. ان ڳالهه جا به چٽا امڪان آهن ته موجوده پاڪستان جو صدر پڻ استعفيٰ ڏئي ڇڏي، جيڪڏهن هو استعفيٰ نه ٿو ڏئي ته جيستائين نيون چونڊون نه ٿيون ٿين. قومي اسيمبلي ۽ چار ئي صوبا اسيمبليون چونڊجي نه اچن. تيستائين هو پاڪستان جو صدر رهندو. جيتوڻيڪ ان جو مدو پڻ ختم ٿي چڪو هوندو، جيڪا ڳالهه طاقتور ڌرين کي قبول نه هوندي، ان ڪري آئيني گهرج پوري ڪندي هو استعفيٰ ڏيندو يا ان کان ورتي ويندي، پوءِ وقتي پاڪستان جو صدر سينيٽ جو موجوده چيئرمين صادق سنجراڻي هوندو، انتهائي بخت وارو آهي، جو ايتري ننڍي عمر ۾ جو اڃا هو 40 سالن جو به نه ٿيو آهي ته سينيٽ جي چيئرمين ٿيڻ سان گڏ وقتي صدر به هوندو. ڇو ته هو انهن ڌرين جو ماڻهو آهي جن کي اهڙا موقعا ملندا رهندا آهن.
هاڻي جڏهن اسان چئون ٿا ته هن نگران حڪومت جي ترجيحات ۾ چونڊون ڪرائڻ شامل نه آهن. ان جو مطلب اهو نه آهي ته هو چونڊون نه ڪرائيندا، پر چونڊون فيبروري 2024 تائين ملتوي ٿي سگهن ٿيون، جيڪا ڳالهه ته واضح ٿي وئي آهي. اليڪشن ڪميشن ۽ نون ليگ انهيءَ نڪتي تي متفق آهن، صرف پيپلز پارٽي عوام جي اڳيان سُرخرو ٿيڻ جي لاءِ ڪوڙيون دانهون پئي ڪري ته اليڪشن ڪنهن به صورت ۾ 90 ڏينهن ۾ ٿيڻ گهرجن، پر جڏهن پيپلز پارٽي جو وزيراعليٰ نئين مردم شماري کي منظور ڪرڻ لاءِ سي سي آئي ۾ صحيحون ڪري رهيو هو ته کيس خبر نه هئي، ته انهيءَ مردم شماري کي منظوري ملڻ کانپوءِ هڪ آئيني جواز ٺهي پوندو ته اليڪشن کي ڪجهه ٽائيم لاءِ ملتوي ڪري سگهجي. هاڻي ته مرضي وارن جي مرضي آهي ته فيبروري 2024 ۾ به اليڪشن نه ڪرائين. ان لاءِ ٿي سگهي ٿو ته آئين ۾ ٻي ڪا گنجائش نڪري اچي، ته پوءِ اهو سوال آهي ته آخر هن نگران حڪومت جي ترجيحن ۾ ڇا شامل آهي؟ محسوس ائين پيو ٿئي ته معاشي پاليسي هن حڪومت لاءِ اوليت رکي ٿي، هڪ ڏينهن پهرين به نگران حڪومت ۽ چيف آف آرمي اسٽاف هڪ گڏيل ميٽنگ ڪئي، جيڪا اسپيشل انويسٽمينٽ جي حوالي سان هئي، ته ڪيئن ٻاهرين سرمائيڪارن کي ملڪ ۾ سرمائيڪاري ڪرڻ لاءِ راغب ڪجي، جيئن ملڪ جو معاشي گاڏو رڙهي سگهي، اهو ته مستقبل ٻڌائيندو، پر حال ۾ جيئن ئي نگران سيٽ اپ آيو آهي، ان جي عمل مان ظاهر پيو ٿئي ته پهرين کان عروج تي پهتل مهانگائي اڃا به وڌي رهي آهي، جن جو کين احساس نه آهي، ماڻهو بجلي جي بلن جي ڪري خودڪشيون ڪن پيا، ڇو ته اهي بل ادا ڪرڻ جي پوزيشن ۾ نه آهن، ملڪ جي هر شهر ۾ بنا ڪنهن سياسي پارٽي جي اڳواڻي جي عوام پاڻ مرادو روڊن تي آيل آهي. ان جي باوجود نظر نه ٿو اچي ته نگران حڪومت عوام کي ڪو خاطر خواهه رليف ڏئي سگهندي. هن وقت پاڪستان ۾ 75 اهڙيون ڪمپنيون آهن، جيڪي خانگي طور تي بجلي پئدا ڪري رياست کي وڪرو ڪري رهيون آهن. سينيٽ قائمه ڪميٽي مطابق انهن 75 ڪمپنين مان لڳ ڀڳ 70 ڪمپنين جا اصلي مالڪ پاڪستاني اشرافيه جو حصو آهن. صرف ڪاغذن ۾ نالو ڪنهن ٻاهرين ڪمپني جو آهي. ظلم ڏسو ته هنن کان خريداري پاڪستان ۾ بجلي جي گهرج مطابق نه ٿي ڪئي وڃي، پر انهن کي ڪئپيسٽي چارجنگ تي ادائگي ڪئي ٿي وڃي، سادو مطلب اهو آهي ته جيڪڏهن ڪا ڪمپني 100 مئگاواٽ بجلي ٺاهي سگهي ٿي ته پوءِ ان کان ڀلي 25 مئگاواٽ خريد ڪئي وڃي، پر ڇو ته اها ڪمپني 100 مئگاواٽ بجلي ٺاهي سگهي ٿي، انهيءَ ڪري ان کي پئمينٽ 100 مئگاواٽ جي ڪئي وڃي ٿي ۽ اهڙن ظالمانه فيصلن جي ڪري پاڪستاني عوام جا 2 هزار ارب رپيا، ساليانو انهن ڪمپنين جي کيسي ۾ وڃن ٿا، بجلي وٺون يا نه وٺون، اسان وٽ ضرورت هجي يا نه هجي، انهن کي پئسا ڏيڻا آهن ۽ اهي به ڊالرن ۾. سبب اهو آهي ته فيصلا ڪرڻ وارا به اهي پاڻ ئي آهن ۽ انهن ڪمپنين جا مالڪ به اهي پاڻ آهن. انهيءَ ۾ سڀ شامل آهن. عوام ويچارو ته ”کايا پيا ڪچهه نهي گلاس توڙا بارا آني“. بظاهر ته ائين محسوس نه ٿو ٿئي ته هيءَ حڪومت مهانگائي کي روڪي سگهڻ جي طاقت رکي ٿي يا ان جي نيت ۾ مهانگائي روڪڻ به آهي. ڇو ته پي ڊي ايم جي حڪومت ويندي ويندي هن حڪومت کي ڪافي بااختيار ڪري وئي آهي. ٻيو ته سندس حڪومت جو مدو پڻ محدود آهي. جنهن کي پهرين اٽڪل سان 60 ڏينهن کان وڌائي 90 ڏينهن ڪيو ويو ۽ ان کانپوءِ هاڻي حلقه بندي جي نالي تي اليڪشن ڪميشن وڌيڪ ٽائيم گهري ورتو آهي، پر پوءِ به محدود وقت ۽ محدود اختيار سان نگران حڪومت ڪهڙي بهتري آڻي سگهندي؟ اهو هڪ سوال آهي. اگر هيءَ نگران حڪومت ڪا بهتري آڻي وئي، جيڪا نظر نه ٿي اچي ته پوءِ چونڊن کي به فيبروري ۾ ٿيندي نه ٿا ڏسون ۽ هي تجربو اڳتي جاري رکيو ويندو، جيڪا پڻ هميشه وانگر تجربن جي ناڪامي هوندي. بس هڪ ڳالهه ضرور آهي ته ايندڙ چيف جسٽس آف پاڪستان مان اها اميد آهي ته هو چونڊون ٿيڻ ۾ گهڻي دير ڪرڻ نه ڏيندو. ميان صاحب جو آڪٽوبر ۾ اچڻ جو امڪان ته ضرور آهي، پر پڪ نه آهي. جيڪڏهن هو آڪٽوبر ۾ اچي ٿو ته پوءِ محسوس ٿيندو ته هاڻي اليڪشن ويجهي آهي. هن وقت نون ليگ جي پوزيشن جيڪا اپريل 2022 کانپوءِ روز به روز ڪرندي ٿي وئي ۽ نون ليگ هڪ سياسي پارٽي طور ڪمزور پوزيشن ۾ اچي وئي هئي، هن وقت هو ان پوزيشن ۾ آهي ته ڪوشش ڪري پنهنجي وڃايل ساک کي ڪجهه بحال ڪري سگهي ٿي. هاڻي جڏهن هو حڪومت ۾ به نه آهي ته پوءِ هو فيصلا به بغير دٻاءَ جي ڪري رهي آهي. ائين محسوس ٿي رهيو آهي ته سگهاري اداري سان سندس رابطا بهتر آهن ۽ انهن جي فيصلن ۾ نون ليگ کي پڻ اعتماد ۾ ورتو ٿو وڃي. البته پيپلز پارٽي جي پوزيشن اها نه رهي آهي، جيڪا اپريل 2022 کان 9 آگسٽ 2023 تائين هئي. سنڌ ۾ پي پي جي حڪومت گذريل 15 سالن کان هئي، پي ڊي ايم حڪومت ۾ به پي پي کي وڏو حصو مليل هو، پر هن وقت پي پي جي اها پوزيشن نظر نه ٿي اچي ته هو پنجاب ۾ نون ليگ کي ٽف ٽائيم ڏئي سگهندي ۽ ائين پڻ محسوس ٿئي ٿو ته پي پي جيڪا ڪجهه وقت پهرين پي ايم ٿيڻ جي ڊوڙ ۾ شامل هئي، ۽ هڪ طاقتور رانديگر طور نظر آئي پئي، پر هاڻي سندس رفتار ڪجهه سست نظر اچي پئي.
ميان نواز شريف ڪنهن به حالت ۾ پي پي کي پنجاب ۾ سهولت ڏيڻ لاءِ تيار نه آهي. جيتوڻيڪ اهو سمجهيو ٿو وڃي ته پنجاب جو نگران وزير اعليٰ پي پي جو نامزد ٿيل آهي. ان ڪري هاڻي پي پي چونڊون 90 ڏينهن ۾ ڪرائڻ لاءِ زور ڀري رهي آهي. ڇو ته هن وقت سندس سنڌ جي نگران حڪومت ۾ پڻ ڪو حصو پتي نظر نه ٿو اچي. پي پي سمجهي ٿي ته اگر نگران حڪومت وڌيڪ عرصو رهي ته ٿي سگهي ٿو ته سندس جي لاءِ سياسي صورتحال ۾ پڻ ڪا تبديلي نه اچي وڃي. بهرحال سيپٽمبر مهينو طئه ڪندو ته هو ڪنهن لاءِ ستمگر هوندو ۽ ڪنهن لاءِ سيپٽمبر هوندو.
***