بلاگنئون

دنيا ۾ رائج جديد تعليم ۽ اسان جو الميو

تعليم ڪنهن به قوم جي فڪري، اخلاقي ۽ معاشي بقا جو بنياد هوندي آهي، پر جڏهن اهو بنياد ئي ڪمزور، متنازع ۽ سياسي مداخلتن سان ڀريل هجي ته سماج جي عمارت ڊهڻ کانسواءِ ٻيو ڪهڙو انجام ٿي سگهي ٿو؟  افسوس سان چوڻو پوي ٿو ته اسان جو تعليمي نظام اڄ به انتظامي بدنظمي، ڪرپشن، اخلاقي زوال ۽ جديد تدريسي سوچ جي کوٽ جو شڪار آهي. جڏهن ته دنيا جديد ٽيڪنالاجي، شاگرد مرڪوز سکيا ۽ نتيجا ڏيندڙ تعليمي ماڊلز ڏانهن تيزي سان اڳتي وڌي رهي آهي. اسان وٽ هڪ فرد جي ڪم ڪرڻ جي جاءِ تي ڪيترائي فرد مقرر آهن. تعلقي ۽ ضلعي سطح تي ڊي اي او، ٽي اي او، فوڪل پرسنس، سپروائيزرز، مانيٽرنگ آفيسرز ۽ چيف مانيٽرنگ آفيسر جهڙا عهدا موجود آهن، پر تعليمي ادارن جي حالت ڏينهون ڏينهن خراب ٿيندي وڃي. هي سمورو ڍانچو تعليم جي بهتري بدران وسيلن جو ذيان، فائيلن جي گردش ۽ ڪرپشن کي هٿي ڏيڻ جو ذريعو بڻيل آهي. دنيا جي ترقي يافته ملڪن ۾ محدود عملي سان جديد ٽيڪنالاجي وسيلي اسڪولن جي نگراني ڪئي وڃي ٿي. جڏهن ته اسان وٽ آفيسرن جي فوج هوندي به اسڪول بند، استاد غيرحاضر ۽ شاگرد تعليم کان محروم آهن. اسڪول اينيوئل سينسز 24-2023 مطابق صوبي ۾ ڪُل 40 هزار 978 اسڪول موجود آهن، جن مان 2 هزار 944 اسڪول مڪمل طور بند پيل آهن. رپورٽ موجب لڳ ڀڳ 40 سيڪڙو اسڪولن ۾ پيئڻ جو صاف پاڻي ميسر ناهي، 70 سيڪڙو اسڪول بجلي جي سهولت کان محروم آهن، 30 سيڪڙو اسڪولن ۾ واش رومن جي سهولت موجود ناهي. جڏهن ته 50 سيڪڙو اسڪول بائونڊري وال کانسواءِ آهن. اهي انگ اکر رڳو شماريات ناهن، پر هزارين ٻارن جي مستقبل سان ٿيندڙ رياستي ناانصافيءَ جو کليل ثبوت آهن.

وڌيڪ افسوسناڪ حقيقت اها آهي ته ڪيترائي اسڪول اڄ به وڏيرن جون ذاتي اوطاقون بڻيل آهن. ڪٿي ڪٿي اسڪول زميندارن جا ڀانڊا بڻيل آهن ته ڪٿي وري مال جا وٿاڻ. تعليم جا ادارا، جيڪي علم ۽ شعور جا مرڪز هئڻ گهرجن، اهي ذاتي مفادن ۽ بااثر ماڻهن جي غلاميءَ ۾ اچي چڪا آهن ۽ انتظاميه خاموش تماشائي بڻيل آهي. پرائمري سطح تي سڀ کان وڏو الميو اخلاقي طرح بالغ، ذميوار ۽ تربيت يافته استادن جي کوٽ آهي. ڪيترن استادن وٽ نه شخصيت سازيءَ جا گر آهن ۽ نه ئي جديد سکيا ۽ پڙهائڻ جي طريقن بابت ڪا ڄاڻ. استاد کي سماج جو معمار سمجهڻ بدران رڳو هڪ حاضري پوري ڪندڙ سرڪاري ملازم بڻايو ويو آهي. اسڪول جي ڪم وارن ڪلاڪن دوران به ڪيترائي استاد پنهنجي ٽچ فونز ۾ محو ۽ مشغول نظر اچن ٿا. ڪلاس روم ۾ پڙهائڻ بدران شاگردن کي رڳو اهو چيو وڃي ٿو ته “پنهنجو فيئر ڪم ڪريو يا خاموش ٿي ويهو”، جنهن سان نه سکيا ٿئي ٿي ۽ نه ئي ذهني تربيت. تعلقي ۽ ضلعي ليول جي انتظاميه جي ملي ڀڳت سان ڪيترائي استاد عملي طور گوسڙو بڻيل آهن. بايوميٽرڪ نظام به بي اثر بڻجي چڪو آهي. ڇاڪاڻ ته ڪيترن استادن بايوميٽرڪ آفيسرن سان تعلق جوڙي ڇڏيو آهي، جنهن جي بنياد تي هو “ڏنو پٽ ڇٽي جو” تحت آزاد آهن. مجال آهي جو سندن ڪو وار ونگو ڪري سگهي. نتيجي طور اسڪولن ۾ استاد غيرحاضر، شاگرد لاوارث ۽ تعليم مذاق بڻجي وئي آهي. جڏهن نگراني ڪندڙ ادارا پاڻ ملي ڀڳت جو حصو بڻجي وڃن، تڏهن نه قانون بچي ٿو ۽ نه تعليم. ان سموري صورتحال ۾ اهو وساري ويهڻ به وڏي غلطي آهي ته استاد رڳو نوڪري ڪندڙ فرد نه، پر هڪ اعليٰ شخصيت جو مالڪ هئڻ گهرجي. هڪ استاد لاءِ ضروري آهي ته هو اشرف النگاهه، خنده پيشان ۽ پڙهائڻ سان انسيت رکندڙ هجي. هن کي ٻارڙن جي مستقبل جو اونو ۽ اولڙو هجي. هو رنگ، نسل، ذات پات، سياسي لاڳاپن يا ذاتي دشمنيءَ کان بالاتر ٿي شاگردن سان برابريءَ جو ورتاءُ ڪري. بدقسمتيءَ سان اسان جي نظام ۾ اهڙي استاد جي نه چونڊ آهي، نه تربيت ۽ نه ئي حوصلا  افزائي.

اسڪولن جي مالڪي ۽ سهولتن جي کوٽ خاص طور نياڻين جي تعليم کي شديد متاثر ڪيو آهي. رپورٽ موجب صوبي ۾ 19 هزار 420 اهڙا اسڪول آهن جتي نياڻين ۽ ڇوڪرن کي گڏيل طور تعليم ڏني وڃي ٿي. جڏهن ته نياڻين جي تعليم لاءِ هن مهل تائين ڪو به محفوظ، سماجي حالتن سان هم آهنگ ۽ جوڳو بندوبست موجود ناهي. نتيجي طور نياڻيون يا ته اسڪول ڇڏڻ تي مجبور ٿين ٿيون يا تعليم جي شروعات ئي نٿيون ڪري سگهن. جڏهن اسان پنهنجي تعليمي حالت جو جائزو دنيا سان ڀيٽيون ٿا ته صورتحال وڌيڪ شرمناڪ بڻجي وڃي ٿي. فن لينڊ، ترڪي، جاپان، چين، ايتري قدر جو اسان جا پاڙيسري ملڪ ڀارت ۽ بنگلاديش به تعليمي ميدان ۾ اسان کان گهڻو اڳتي نڪري چڪا آهن. اهي ملڪ ٽيڪنالاجي، ريسرچ، استاد تربيت ۽ جديد تدريسي طريقن جي ڊوڙ ۾ حصو وٺي رهيا آهن. جڏهن ته اسان اڃان به بنيادي سهولتن، حاضري ۽ نصاب جهڙن مسئلن ۾ الجهيل آهيون. وقت سر ڪتابن جو نه ملڻ، هر سال ڪتابن جي کوٽ ۽ سنڌي گرامر جو تقريبن مڪمل اخراج به انتهائي خطرناڪ صورتحال آهي. مادري ٻوليءَ کان ڪٽيل تعليم نه تخليقي ذهن پيدا ڪري ٿي ۽ نه ئي باشعور سماج. دنيا جديد تعليم سان گڏ پنهنجي ٻولين ۽ ثقافتن کي به بچائي رهي آهي. جڏهن ته اسان پنهنجي ٻوليءَ کي نصاب مان ئي خارج ڪرڻ لاءِ سندرو ٻڌي بيٺا آهيون.

هاڻي وقت اچي ويو آهي ته غير ضروري جاين تي مقرر ڪامورن کي هٽايو وڃي. مانيٽرنگ واري شعبي کي ختم ڪري ان جي جاءِ تي جديد ترين مانيٽرنگ سسٽم نصب ڪيا وڃن ته جيئن استادن ۽ شاگردن جي حاضري شفاف بڻجي سگهي. هر سال سليبس ڪمپليشن رپورٽ کي لازمي قرار ڏنو وڃي. استادن لاءِ باقاعده تدريسي سکيا مرڪز کوليا وڃن ۽ سائنسي تعليم کي مضبوط ڪرڻ لاءِ ڇهين درجي کان ليبارٽريز کي فعال ڪيو وڃي. جيڪڏهن اسان واقعي ترقي يافته دنيا سان ڪلهو ڪلهي ۾ ملائي بيهڻ چاهيون ٿا ته تعليم کي سياست، سفارش، ڪرپشن ۽ ذاتي مفادن کان آزاد ڪرڻو پوندو. ٻي صورت ۾ اسان جو تعليمي نظام رڳو رپورٽن، انگن اکرن ۽ بيانن تائين محدود رهندو ۽ ايندڙ نسل اسان کان اهو سوال ضرور ڪندا ته جڏهن تعليم بچائي سگهجي پئي، تڏهن خاموش ڇو رهياسين؟