تعليم ڪنهن به قوم جي فڪري، اخلاقي ۽ معاشي بقا جو بنياد هوندي آهي، پر جڏهن اهو بنياد ئي ڪمزور، متنازع ۽ سياسي مداخلتن سان ڀريل هجي ته سماج جي عمارت ڊهڻ کانسواءِ ٻيو ڪهڙو انجام ٿي سگهي ٿو؟ افسوس سان چوڻو پوي ٿو ته اسان جو تعليمي نظام اڄ به انتظامي بدنظمي، ڪرپشن، اخلاقي زوال ۽ جديد تدريسي سوچ جي کوٽ جو شڪار آهي. جڏهن ته دنيا جديد ٽيڪنالاجي، شاگرد مرڪوز سکيا ۽ نتيجا ڏيندڙ تعليمي ماڊلز ڏانهن تيزي سان اڳتي وڌي رهي آهي. اسان وٽ هڪ فرد جي ڪم ڪرڻ جي جاءِ تي ڪيترائي فرد مقرر آهن. تعلقي ۽ ضلعي سطح تي ڊي اي او، ٽي اي او، فوڪل پرسنس، سپروائيزرز، مانيٽرنگ آفيسرز ۽ چيف مانيٽرنگ آفيسر جهڙا عهدا موجود آهن، پر تعليمي ادارن جي حالت ڏينهون ڏينهن خراب ٿيندي وڃي. هي سمورو ڍانچو تعليم جي بهتري بدران وسيلن جو ذيان، فائيلن جي گردش ۽ ڪرپشن کي هٿي ڏيڻ جو ذريعو بڻيل آهي. دنيا جي ترقي يافته ملڪن ۾ محدود عملي سان جديد ٽيڪنالاجي وسيلي اسڪولن جي نگراني ڪئي وڃي ٿي. جڏهن ته اسان وٽ آفيسرن جي فوج هوندي به اسڪول بند، استاد غيرحاضر ۽ شاگرد تعليم کان محروم آهن. اسڪول اينيوئل سينسز 24-2023 مطابق صوبي ۾ ڪُل 40 هزار 978 اسڪول موجود آهن، جن مان 2 هزار 944 اسڪول مڪمل طور بند پيل آهن. رپورٽ موجب لڳ ڀڳ 40 سيڪڙو اسڪولن ۾ پيئڻ جو صاف پاڻي ميسر ناهي، 70 سيڪڙو اسڪول بجلي جي سهولت کان محروم آهن، 30 سيڪڙو اسڪولن ۾ واش رومن جي سهولت موجود ناهي. جڏهن ته 50 سيڪڙو اسڪول بائونڊري وال کانسواءِ آهن. اهي انگ اکر رڳو شماريات ناهن، پر هزارين ٻارن جي مستقبل سان ٿيندڙ رياستي ناانصافيءَ جو کليل ثبوت آهن.