ادبنئون

ڊائري جا ورق

هونئن ته ڪاري رات ظلم ۽ بربريت جي نشاني آهي. پر پرين جي گود ۾ سندس لٽڪندڙ ڪارا وار پناهه گاهه (ڇپر) محسوس ٿين ٿا.

***

مان اِهو نه چاهيندس ته تون پنهنجي خودي کي بالائي طاق رکي مون سان پيار ڪرين. مان توکي پنهنجي خودي سميت اپنائڻ چاهيان ٿو.

***

هن سنسار جي رچنا ۾ جيڪڏهن فقط تنهنجو ئي ذڪر آهي ۽ منهنجو ذڪر ناهي، ته پڪ ڄاڻ ته هي سنسار جي رچنا اڃان اڻپوري آهي.

***

هو جو هڪ عورت کي عصمت دري لاءِ وڪڻي ٿو. اُن کي دلال ڪوٺجي ٿو. پر جيڪو ليڊر پوري قوم کي وڪڻي اُن کي ڇا چئجي؟

***

چون ٿا ته انسان هن ڪائنات جي سڀني کان اُتم مخلوق آهي، پر مون کي تڏهن حيرت ٿيندي آهي جڏهن اُن اُتم مخلوق جي گڻن کي جانورن جي خصلتن سان ڀيٽيو ويندو آهي. مثلن هو شينهن جيان دلير، ڪانءَ جهڙو ڏاهو ۽ رڍ جيان بزدل آهي وغيره وغيره.

***

محبت خود ٿي ويندي آهي يا پنهنجي چاهيندڙ کي خود به خود پاڻ ڏي ڇڪيندي آهي. جڏهن ته نظريو قائل ڪرڻ لاءِ ڦهلايو ويندو آهي. اهو ئي سبب آهي، جو وقت ۽ حالتن جي وايو منڊل ۾ محبت کي ته بقا حاصل آهي، پر نظريي کي نه.

***

پيار جي پهرين مرڪ ازل آهي ۽ شراب جي آخري سُرڪ ابد آهي. جا زندگي ان جي درميان گذري سا بندگي آهي. ڪير ٿو چوي ته جا زندگي ان بندگي ۾ گذري سا بي بقا آهي؟

***

آڪاش جي جڳمڳائيندڙ روشني جي سحر کان مٽي جي خوشبوءِ وڌيڪ آهي.

***

ڀڳوان وٽ سزا ۽ جزا جو حساب آهي، پر عاشق وٽ ڪوبه نه.

***

اسان سڄي عمر پنهنجن پيارن جو ماتم ڪندا رهنداسين يا ڪڏهن اُنهن جو ڀرجهلو به ٿينداسين؟ اچو ته سوچيون! اچو ته لوچيون!!

***

هي ڪائنات بيشڪ وسيع آهي، پر اُن جي هڪ حد آهي، منهنجي خيالن/خوابن جي اُڏام اڃان به اڳتي…

***

سنڌ تيستائين ترقي ڪونه ڪندي. جيستائين سنڌي قبرن (سياسي لاشن) ۽ سردارن/پيرن ۽ ذات پات جي جهنجهٽ مان هٿ نه ڪڍندا.

***

پيار ڇا آهي؟

ڪانئات جو دائمي سچ.

۽ سچ؟

پيار کي ارپنا

***

مون کي منافقت پسند ناهي. تون جيڪڏهن مون کي چاهين ٿي ته، مون کي پنهنجن گناهن سميت قبول ڪر.

***

تون جي ساڻ ناهين ته وڇوڙي جو احساس ماري ٿو. تون جي ساڻ آهين ته عدم تحفظ جو احساس ماري ٿو. انسان جي بي وسي جو هي سفر آخر ڪڏهن ۽ ڪٿي ختم ٿيندو؟

***

بي همٿ، بي پهچ ۽ ناڪارا ماڻهو پنهنجي ماضي جي ورثي/تهذيب کي جتائي عظمت جي دعويٰ ڪندا آهن. جڏهن ته باهمٿ ۽ سگهارا ماڻهو، پنهنجي تاريخ خود ٺاهيندا آهن ۽ پوئتان عظمتن جا داستان ڇڏي ويندا آهن.

***

مان پنهنجي وجود کي ڳولڻ لاءِ گهڻو ڀٽڪيو آهيان. مون فلسفن کي به پڙهيو ۽ عقيدن کي به ڄاتم ۽ پاڻ سڃاڻڻ جي ڪوشش ڪيم. اُنهن مون کي پاڻ سڃاڻڻ ۾ رهنمائي ته ڪئي، پر پوءِ به پنهنجي وجود کي اڌورو پاتم. ڄاتم ته اڃان به ڪجهه آهي، جنهن جي منهنجي وجود ۾ کوٽ آهي ۽ پوءِ مون فطرت جو رخ ڪيو ۽ اُن ۾ پاڻ کي گم ڪري ڇڏيم. نديون، پهاڙ، سرسبز واديون، گل، هوا… اُنهن سان گڏ گهارڻ لڳس ۽ اُنهن جو حصو ٿي رهڻ شروع ڪيم ۽ ايئن آئون فطرت جي وشال ڪل جو جز ٿي ويس ۽ اهڙي ريت پنهنجو پاڻ کي ڳولي لڌم.

***

هميشه خواب ڏسو ۽ خواهشون رکو. ڇو ته خواب انسان کي آئيندي لاءِ ۽ خواهشون انسان کي جيئڻ لاءِ اتساهينديون آهن.

***

خوبصورتي ۽ محبت، ڪڏهن به پنهنجي چاهيندڙ کي اڪيلو ناهن ڇڏينديون.

***