آمريڪا 1991 ۾ مجاهدين جي لاءِ 250 ڊالرن جي امداد موڪلي، پر وري ٻئي سال جونيئر بش انتظاميا طالبان مجاهدين کي هڪ ٽڪو به نه ڏنو. اها به حقيقت هئي (يا آهي) ته مجاهدين (طالبان) رڳو ڊالرن جي ورڇ ۾ ايمان افروز ڪم پئي ڪيا، جنهن جهاد جي نالي هنن (طالبان) روس کي ڀڄائي ڪڍيو ۽ آمريڪا (سي آءِ اي) جا خواب سچا ڪري ڇڏين، ڇو ته آمريڪا جي سپر پاوري جو اهڃاڻ ۽ داٻو رڳو دنيا هڪ جي طاقت جو هجڻ ضروري هو، جنهن ۾ ائين به هو ته ٻه شينهن ٻيلي ۾ نٿا رهي سگهن. اها ڳالھ به عالم آشڪار هئي ته گلف (عربن) جي ملڪن مان طالبان (مجاهدين) جي گروهن جي لاءِ هر سال 400 ملين ڊالر ايندا رهيا، ڇو ته اهي ساڳيا ئي مجاهدين سعودي ۽ عراق جي جنگ ۾ ڪوويت مٿان حملن ۾ به ڪتب آندا ويا. ڇو ته روس وري ايران جي امداد جي لاءِ ورَ کنيا ۽ عراقي، سعودي، پاڪستاني طالبان ۽ مجاهدين وري جنت ۽ جنگ کٽڻ جي لاءِ آمريڪا جي اشاري تي عراق جي پاسي پئي پاڻ اتحادين سان ملي ڪوويت تي حملا ڪري ڏنا. حالانڪه افغانستان مان روس کي ڀڄائي ڪڍڻ ۾ پاڪستاني طالبان ۽ مجاهدين جو وڏو هٿ هو، جن ضياءُ جي دور ۾ تربيت پئي ورتي. اها ڳالھ ڪنهن کان لڪل ناهي ته آمريڪا جنرل ايوب جي سرڪار ۾ (1954 کان 1967) تائين مسلسل پئي سي آءِ اي جي اشاري تي مجاهدن جون تربيتون ۽ ڳجهون ڪئمپون هلايون ۽ ساڳيا ئي عراق ۾ به ڪم آيا. ٻئي پاسي افغانستان مان ڀڄڻ جي ڪري آمريڪا تي ڇتي تنقيد به ٿي هئي ته اهي ميدان ڇڏي نه ڀڄن ها، پر جڏهن روس جي ٽٽڻ جو ڪم ٿي ويو ته آمريڪا جو افغانستان ۾ رهڻ محال هو، امدادون بند ڪرڻيون هئن، سي آءِ اي ٽپڙ ويڙهي وئي ۽ لوڪل ايجنسيون جهڪيون ٿي ويون، ان ڪري ته انهن جو نئون هدف ايران هو، جو انهن ڏينهن رات ڪري عراق جي مدد ڪئي. وري ٻئي پاسي عراق 2 آگسٽ 1990 تي ڪوويت تي حملو ڪري ڏنو، پر بعد ۾ هنن سي آءِ اي وارن نيٽو فورسز جي زور تي عراق کي کنڊر بڻائي ڇڏيو.