بلاگنئون

طالبان سدائين ايجنٽ رهيا آهن

آمريڪا 1991 ۾ مجاهدين جي لاءِ 250 ڊالرن جي امداد موڪلي، پر وري ٻئي سال جونيئر بش انتظاميا طالبان مجاهدين کي هڪ ٽڪو به نه ڏنو. اها به حقيقت هئي (يا آهي) ته مجاهدين (طالبان) رڳو ڊالرن جي ورڇ ۾ ايمان افروز ڪم پئي ڪيا، جنهن جهاد جي نالي هنن (طالبان) روس کي ڀڄائي ڪڍيو ۽ آمريڪا (سي آءِ اي) جا خواب سچا ڪري ڇڏين، ڇو ته آمريڪا جي سپر پاوري جو اهڃاڻ ۽ داٻو رڳو دنيا هڪ جي طاقت جو هجڻ ضروري هو، جنهن ۾ ائين به هو ته ٻه شينهن ٻيلي ۾ نٿا رهي سگهن. اها ڳالھ به عالم آشڪار هئي ته گلف (عربن) جي ملڪن مان طالبان (مجاهدين) جي گروهن جي لاءِ هر سال 400 ملين ڊالر ايندا رهيا، ڇو ته اهي ساڳيا ئي مجاهدين سعودي ۽ عراق جي جنگ ۾ ڪوويت مٿان حملن ۾ به ڪتب آندا ويا. ڇو ته روس وري ايران جي امداد جي لاءِ ورَ کنيا ۽ عراقي، سعودي، پاڪستاني طالبان ۽ مجاهدين وري جنت ۽ جنگ کٽڻ جي لاءِ آمريڪا جي اشاري تي عراق جي پاسي پئي پاڻ اتحادين سان ملي ڪوويت تي حملا ڪري ڏنا. حالانڪه افغانستان مان روس کي ڀڄائي ڪڍڻ ۾ پاڪستاني طالبان ۽ مجاهدين جو وڏو هٿ هو، جن ضياءُ جي دور ۾ تربيت پئي ورتي. اها ڳالھ ڪنهن کان لڪل ناهي ته آمريڪا جنرل ايوب جي سرڪار ۾ (1954 کان 1967) تائين مسلسل پئي سي آءِ اي جي اشاري تي مجاهدن جون تربيتون ۽ ڳجهون ڪئمپون هلايون ۽ ساڳيا ئي عراق ۾ به ڪم آيا. ٻئي پاسي افغانستان مان ڀڄڻ جي ڪري آمريڪا تي ڇتي تنقيد به ٿي هئي ته اهي ميدان ڇڏي نه ڀڄن ها، پر جڏهن روس جي ٽٽڻ جو ڪم ٿي ويو ته آمريڪا جو افغانستان ۾ رهڻ محال هو، امدادون بند ڪرڻيون هئن، سي آءِ اي ٽپڙ ويڙهي وئي ۽ لوڪل ايجنسيون جهڪيون ٿي ويون، ان ڪري ته انهن جو نئون هدف ايران هو، جو انهن ڏينهن رات ڪري عراق جي مدد ڪئي. وري ٻئي پاسي عراق 2 آگسٽ 1990 تي ڪوويت تي حملو ڪري ڏنو، پر بعد ۾ هنن سي آءِ اي وارن نيٽو فورسز جي زور تي عراق کي کنڊر بڻائي ڇڏيو.

”اڊ گرارڊٽ“ (جيڪو آمريڪي صحافي ۽ ايڪسپرٽ به آهي) جنهن جو چوڻ هو ته افغانستان هڪ گرم پٽاٽو هو، جيڪو آمريڪا پنهنجن هٿن مان ڪيرائي ڇڏيو، ڇو ته انهن جي نڪرڻ کانپوءِ افغان، طالبان، مجاهدين، سي آءِ اي جو وجود، لوڪل ايجنسين جون حرفتون ڪنهن ڪم جون نه رهيون. حڪمت يار ولي کي آمريڪا، لوڪل ايجنسين ۽ سي آءِ اي جي اهڙي منافقي سمجھ ۾ نه آئي، جو طالبان آمريڪا کان ناتا ٽوڙي پنهنجو نئون يار ايران کي سڏيو، حالانڪه ان کان اڳ به حڪمت يار ايران جي سپورٽ به وٺي چڪو هو، پر اها ڳالھ سمجھ کان ٻاهر هئي ته سي آءِ اي جن پنهنجي برانڊ جا هٿيار روس جي ريڊ آرمي کي مارڻ لاءِ استعمال ڪيا، وري ساڳيا ئي هٿيار آمريڪي فوجين تي سڌا ٿيا. جڏهن آمريڪا 1991 کانپوءِ طالبان جي سپورٽ بند ڪري ڇڏي ۽ جڏهن آمريڪا طالبان کي ملين ڊالر ڏيندي هئي، پر هلندي هلندي آمريڪا طالبان کي اڪيلو ڪري پاڻ نڪري هليو ويو. سي آءِ اي جي هڪڙي نمائندي ”پارني ڪرپسن“ جي مطابق جيڪو 1980 ڌاري افغانستان ۾ مقيم هو، ان جي راءِ مطابق افغان وار ۾ ڪوبه عرب شامل نه هو، پر رڳو طالبان پختون، افغان مجاهدين، لوڪل انٽيليجنس جا ماڻهو ڳجھي طريقي سان وڙهندا رهيا، پر اها ويڙھ رڳو افغان ۽ طالبان ويڙهاڪن وڙهي، ان ۾ بن لادن رڳو ٻاهر ٻاهر پلاننگ ڪئي ۽ ائين چئجي ته دشمنن جي لاءِ کڏون کوٽيندو رهيو. وري ”ملٽن بريڊن“ (جيڪو لوڪل ايجنسيءَ جو ايجنٽ هو)، ان جو اهو چوڻ هو ته ”آمريڪا رڳو امداد ڏيندو رهيو، ڪوبه عرب، ڪوبه آمريڪي فوجي ان جنگ ۾ لهي ڪونه وڙهيو، مئا به افغاني طالبان، جنگ به انهن ڪئي، مجاهدين به اهي ئي هئا، سي آءِ اي رڳو انهن کي هٿيار پيش ڪيا ته جيئن روس کي واپس ڌڪي ڪڍيجي ۽ انهن جي اوڌ، حملي، اڳرائي کي ٻنجو ڏجي ۽ اها جنگ حقيقت ۾ کٽي به افغانين، طالبان مجاهدن آمريڪا سدائين وانگي رڳو تماشائي هو، ڇو ته گَھٽَ گھيرن، جبلن، ور وڪڙن، ندين پهاڙن جن ۾ اڙجي رڳو روسي فوجي مئا، جيڪي ويٽنام وانگي گوريلا جنگ جو شڪار ٿيا ۽ تماشو بڻيا ۽ هارائي ڀڄي نڪري جنگ بندي ڪري افغان مجاهدين کي کٽرائي ويا، پر عربن جا فنڊ ۽ انهن جي مدد جو مثال ڪٿي نه ملندو.

ائين به هو ته روس کي هارائڻ جي لاءِ سڀ هڪ مٺ ٿي ويا، جن ۾ آمريڪا، لوڪل ايجنسيون، عرب ملڪ، اسرائيل وغيره وغيره ته جيئن روس کي ٽوٽا چٻائجن. 1995 ۾ علي احمد جلالي (جيڪو افغان آرمي جو ڪرنل ۽ ٽاپ جو ملٽري پلانر پڻ هو) جنهن جي هدايتن، اشارن، حرفتن، چالاڪين ۽ جنگي چال بازين جي ڪري افغان مجاهدين ۽ طالبان سوڀارا ٿيا، ڇو ته ان جي ڪمانڊنگ ۽ مشقن ۾ مجاهدين جي لاءِ سڀ ڪم سولا ٿي آيا هئا ۽ ٻيو ته آمريڪي ليفٽيننٽ ڪرنل ”ليسٽر ۽ ڊبليو گروئو“ جن وري انهن سالن ۾ (معنيٰ 1995) ۾ مجاهدين، طالبان ۽ افغان فوجين جون ڪهاڻيون، ڳالهيون ۽ اڻ ڇپيل داستان شايع ڪرايا هئا، جنهن ۾ افغان ويڙهن جون حرفتون، حملن ۽ جنگي چالن جون ڳالهيون هيون، جن ۾ عرب رڳو وڊيو رپورٽون ۽ خبرون ٺاهڻ ۾ پورا هئا. اها ٻي ڳالھ آهي ته سڀ کان وڌيڪ چندا، امداد ۽ پئسا عرب ملڪن مان مليا، پر وڙهيا رڳو مجاهد، طالبان ۽ افغان نيم فوجي جوان، انهن مجاهدن ۾ ايشيائي ملڪن جا مجاهد به شامل هئا، جن کي گهربل تربيت ڏئي جنگي ميدان ۾ موڪليو ويندو هو، جن جي جوش جي اها حد هئي ته اهي خداڪارڻ جهاد ۾ حصو وٺڻ آيا هئا، جن جي رجسٽريشن ۽ داخلا لوڪل بارڊر تي ٿيندي هئي ۽ تصديقي عمل کانپوءِ اهي جهاد ۾ شموليت اختيار ڪندا هئا ۽ اهو به واضح هو ته انهن سڀني جهادي تنظيمن جا فائنانسر عرب ملڪ يا خاص سعودي حڪومت هوندي هئي.

مارچ 2000 ۾ طالبان به استاد طبقي، مدرسن، واپارين ۽ مذهبي جنون رکندڙ طبقي ۾ پنهنجي خيال کي پختو ڪيو ته هو جيڪي به ڪن پيا يا جيڪي به ڪندا اهو سڀ اسلام جي لاءِ ۽ اسلام جي خاطر هوندو. طالبان جي سڄي تحريڪ دوران يا اڀرڻ وقت انهن جي اڳواڻي ۽ قيادت مان اهي واعدا پڪا ٿي چڪا هئا ته اهي هڪٻئي کي تحفظ مهيا ڪندا ۽ فتح جي آخري گھڙيءَ تائين وڙهندا رهندا. ان ۾ هنن سان لوڪل ايجنسيون ۽ سي آءِ اي جو ساٿ رهندو آيو، جيڪي ڊالرن جو مينهن وسائيندا رهيا. 1989 ۾ روس جي ريڊ آرمي جي شڪست کانپوءِ افغان صدر نجيب الله ٽن سالن تائين افغان سرڪار هلائيندو رهيو، پر 1992 ۾ ڪميونسٽ پارٽي جي صدر نجيب الله کي آخر تاجڪ فورسن جي مجاهدن ڪرسيءَ تان لاهي ڇڏيو. صدر رباني، احمد شاھ مسعود ۽ ازبڪ لساني گروھ جي سربراھ جنرل راشد دوستم اها ڳالھ سمجهي نه سگهيا، فتح سنڀالي نه سگهيا ۽ حڪمت يار ولي هڪدم نئين سرڪار ٺاهڻ جو اعلان ڪيو ۽ بيدرديءَ سان جبلن جي اوچائي تان بم ڪيرائيندو رهيو، جنهن ۾ پختون ۽ افغان (فارسي) مجاهدين هارائجي ويا، هنن اولھ افغانستان جو ڳچ حصو قبضي ۾ وٺي ڇڏيو هو، جيڪي ڪابل ۽ هرات تائين ڪاهيندا آيا، پر اوڀر افغانستان ۾ اڃان تائين پختون مجاهد قابض هئا، اهو جهيڙو مسلسل 10 مهينا هلندو رهيو.

هڪ مقامي صحافي (احمدي رشيد) جي ڊيٽا مطابق 1982 کان 1992 تائين 35 هزار جهادي تنظيمن جا مجاهد ان خير جي ڪم ۾ شامل هئا، پر ان سڄي فنامانا مان مراد رڳو اسلامي شدت پسندي کي اڀارڻو ۽ هوا ڏيڻي هئي ته جيئن ٻئي ڪم ٿين، جيتوڻيڪ ان سڄي وارتا جي پٺيان آمريڪا جو سڌو سنئون هٿ هو ته جيئن ٻئي ڪم هلن، روس جي اڳڀرائي کي ٻنجو ڏجي، اسلامي شدت پسندي به وڌي ۽ جي ڪم نڪري وڃي ته انهيءَ شدت پسندي کي وري چٿجي ۽ چيڀاٽجي ۽ ائين ئي هٿيارن جو ڪاروبار به هلي پوي. ڇو ته انهن ئي طريقن سان گهرو ويڙھ جو سلسلو، هٿيارن جي ڊوڙ، اسلامي دهشت پسندي، شدت پسندي، طالبانائيزيشن، اسلامو فوبيا جي واڌ ۽ مسلمانن جي خواري جا سامان تيار ڪرڻا هئا. اها ٻي ڳالھ آهي ته انهن چالن جي پٺيان کڻي آمريڪا، سي آءِ اي، لوڪل ايجنسيون ۽ سيهوني طاقتون هيون، پر ان ڏس ۾ مذهبي جهادي تنظيمن واقعي ئي اسلام جي خدمت ۽ پکيڙ جي لاءِ ڪوشان ٿي پيون هيون، پر بيڪ گرائونڊ ۾ آمريڪا جو ٻيڙو تاري ويون، پر ان اڀار کانسواءِ روس جي خلاف جهادي تنظيمن جو هڪ ٿيڻ مشڪل هو، ڇو ته مذهب جي نالي ماڻهن ۾ جوش، جذبو، اتحاد ۽ انهن کي منظم ڪرڻ آسان هو ۽ عربن به ان ڳالھ ۾ آمريڪا جو ساٿ ڏنو. ان وقت جي نيويارڪ ٽائيمز مطابق طالبان هڪ ننڍڙي تحريڪ مان اڀري هڪ وڏي طاقت بڻجي ويا هئا، جنهن جو اندازو شايد مقامي ايجنسين ۽ سي آءِ اي کي ڀلي ڀتِ هو، ڇو ته طالبان گھڻي ڀاڱي هيٺئين طبقي مان اڀرندا، داخل ٿيندا، ملندا پاڻ سلهاڙيندا ۽ طالبان جي تحريڪ کي منظم ڪندا ويا. جيئن ايران جي آيت الله خميني جي تحريڪ کي عام طبقي ۽ اتان جي مذهبي جنونيت وڏي هٿي ڏني هئي، تيئن ئي طالبان جي تحريڪ ائين ئي پروان چڙهي.